اها جوت جاني ...

اها جوت جاني
_______________
اها جوت جاني جيئڻ لئه جٽي آ
اسان سڪ لئه سائين پنهنجي سٽي آ

هلي آءُ جاني ڪيون جوڙ جسمي
اوهان جي اچڻ ۾ ٻهاري گهٽي آ

ويو ساڙ سکڻو ۽ ڪينو عداوت
اسان يار ياري چنڊ ۾ چٽي آ

سڄو حال دل جو اڳيان ئي رکيان ئي
وهي نير هليا ٿي محبت مٽي آ...

انا وئي اندر مان لڳو نينهن آهي
اجها رات ڪاري وئي وئي کٽي آ

لبستم دائودپوٽه
 
Back
Top