مون کي هتي ڊاڪٽر وٽ ڪم ڪندي ڪافي عرصو ٿيو آهي، ميڊيڪل شعبي سان ڪجهہ پنهنجي دلچسپي ۽ وري ڪجهہ مائيٽن جي رضا جي ڪري آيس، سکر مان هيلٿ ٽيڪنيشن جو ڪورس مڪمل ڪري جلد ئي پنهنجي پروفيشن سان لڳي ويس، ڊاڪٽر وٽ مونکي ڪو تقريبن هڪ سال جو عرصو مڪمل ٿيڻ وارو هو تنهن هڪ سالن جي سفر ۾ ڊاڪٽر صاحب جو مون تي گهڻو ويساه بڻجي چڪو هو ان جو سبب يا تہ منهنجي پنهنجي پروفيشن سان سچي هجڻ يا وري منهنجو متبادل نہ ملڻ هو، رات پنهنجي اونداه کي ڏينهن جي روشني تي مات ڏئي چڪو هو، مريضن جي نہ هجڻ جي ڪري مان روز جي معمول مطابق سڄي ڏينهن جي حساب ڪتاب کي ٺيڪ ڪرڻ لا۽ ٽوٽل پئسن جي ڳڻپ ڪرڻ لڳس تہ جئين ڊاڪٽر صاحب کي حساب ڪتاب ڏئي سگهان، مون سان گڏ ڪم ڪندڙ ٻيا ٻہ ٽيڪنيشن پنهنجي گهر وڃي چڪا هئا، مان پئسن کي ائين ڳڻي رهيو هيس جهڙي نموني سيٺ ٽلو مل ڦٽين جي سيزن ۾ ڪاٽن فيڪٽري مان مليل پئسن جي دستين کي ڳڻيندو آهي، ڪنن ۾ ڪنهن جي پيرن جي حرڪت جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، مگر مون ان طرف ڌيان ئي ڪون ڏنو ۽ ڏيڻ بہ نہ پئي چاهيم، : ” ابا هي سُئي تہ نينگري کي هڻ “ هڪ ڪراڙي منهنجي ڌيان کي هٽائي ڪري التجائي انداز ۾ دوائن واري ڳوٿري منهنجي ٽيبل تي رکي ڪري مون سان مخاطب ٿي، مون پئسن ڳڻڻ کي رسيس ڏئي ڪري ساڻس مخاطب ٿي ڪري پڇيو: ” امان ڪهڙي نينگري کي ؟ “ ” ابا هو جا سامهون ويٺي آهي اُها ڏاڪدر صاحب چيو آهي تہ هڪڙي سُئي هاڻ هڻايو وڃونس ۽ هڪ وري پو۽ سڀاڻي اچجو هڻائڻ “ ڪراڙي هٿ جي اشاري سان منهنجي پُٺي طرف اشارو ڪري ٻڌايو، مون ڪنڌ ورائي هڪ نظر کيس ڏٺو، پري کان ڏسڻ سان ايترو سمجهي سگهيم تہ هُو واقعي نينگري هئي هُو اڃا عمر جي ان حد تائين ڪون پهتي هئي جنهن حد جي رسائي کان پو۽ لفظ نينگري لفظ عورت بڻجي ويندي آهي، اکين ذهن کي ايترو دلاسو ضرور ڏنو تہ هُو عورت ناهي پر هُو هڪ نينگري آهي جنهن جوڀن جي چئوواٺي تي اڃا هاڻي قدم رکيا آهن منهنجو ذهن مونکي مختلف حوالا ڏيندو رهيو ۽ ذهن ۾ سوچون گردش ڪرڻ لڳيون، مون ڳوٿري کولي ڪري، ڊاڪٽر طرفان لکيل سُئي جو نالو پڙهي، سُئي ڪڍي ڪري سرنج ۾ ڀري سندس ويجهو آيس، سندس ويجهو پهچندي ئي مون محسوس ڪيو تہ هو بيمار ڪانہ هئي، جسماني طرح تہ هو بلڪل ٺيڪ نظر پي آئي، منهنجي حساب سان هُو ڪنهن وهم، ذهني دٻاءُ يا ڪنهن اُلجهن جو شڪار هئي، سندس نظرون سندس بي وسي جون پيغام ڏئي رهيون هيون، هُو مون کي ائين تڪڻ لڳي جئين ڪو بي وس ڪنهن کان همدردي حاصل ڪرڻ لاء کيس تڪيندو آهي ۽ نظرن ساڻ اهو پيغام ڏيڻ چاهيندو آهي تہ هُو ڪيترو بي وس ۽ لاچار آهي، سندس نظرن منهنجي اندر ۾ هڪ چڻڳ ٻاري، ان کان اڳ جو اهو چڻڳ مچي شعلو ٿي پوي مون کيس چيو، ” کاٻي هٿ هيڏي ڪيو تہ جئين آءُ سئي هڻي سگهان“ هُن پنهنجو هٿ اڳتي وڌايو ۽ مان سندس نازڪ ۽ نفيس جسم ۾ سُئي ٽمبي، بي ساختہ سندس لبن مان هڪ آواز نڪتو ” آهہ آهستي “ سندس بي وس نظرون مون ناچيز ۾ کتل رهيون ۽ انهن ٻن لفظن منهنجي من ۾ لڳل چڻڳ کي ڄڻڪ پيٽرول ۽ ڊيزل بڻجي ٻارڻ جو ڪردار ادا ڪري ٻاري ڇڏيو، منهنجي دل ۾ سندس لا۽ همدردي اڃا وڌڻ لڳي پر مان چاهيندي بہ سندس ڪا مدد نہ پئي ڪري سگهيس، هُو تڪيندي رهي، منهنجي من ۾ شعلا مچندا رهيا تا جو انجيڪشن لڳي مڪمل ٿيو، سرنج ڪڍندي ئي مون کيس ٻانهہ کي مهٽڻ کان روڪيو ۽ کيس چيو تہ جتي انجيڪشن لڳو آهي ان جاءَ کي زور ڏئي ڪجهہ منٽن تائين پو۽ ڇڏي ڏيو، هُو پنهنجي کٻي ٻانهہ کي سڄي هٿ جي آڱر سان زور ڏيڻ لڳي، مون محسوس ڪيو تہ اڃا تائين سندس نگاه جو مرڪز مان بڻيو ويٺو هيس، مان واپس وري ڪري پنهنجي ٽيبل تي آيس، ڪراڙي کي دوائن واري گوٿري واپس ڏيندي ايترو چيم: ” امان سڀاڻي ضرور اچجو جي اگر هي هڪ سئي رهجي وئي تہ علاج نامڪمل ٿي پوندو ۽ ها سڀاڻي اچڻ کان پهريان فون ڪري ڊاڪٽر صاحب جي هجڻ جي تصديق ڪجو، مان پنهنجو نمبر دوائن واري پرچي ۾ لکي ڇڏيو آهي “ جملي جي آخري لفظن جي ادائيگي محل منهنجا لفظ ۽ منهنجي نظر خود بخود هُن جي طرف مڙي ويا، مان ڪراڙي سان مخاطب هوندي ڄڻڪ مخاطب نہ هيم، ايتري ۾ جوابن هڪڙي مرڪ هُن جي چهري تي آئي جيڪا ان ڳالهہ جي ثابتي هئي تہ منهنجو ميسيج هُن تائين پهچي چڪو آهي ۽ قبول بہ ٿي چڪو آهي، ” ٺيڪ آهي ابا “ ڪراڙي دوائن جي گوٿري کڻي ڪري مون سان مخاطب ٿي واپس هُن ڏانهن وري، هوُ پنهنجي جاءَ تان اُٿي هلڻ لاء، مان بہ سندس تعظيم ۽ مرڪ جي مان رکڻ لا۽ پنهنجي جاءَ تان اُٿي بيهي رهيس، منهنجي هِن عمل سان هُو وري مرڪي پئي، مگر جلد ئي مرڪ کي دٻائي ڪري، وڏي تهذيب ۽ ادب سان ڪراڙي جي پويان هوندي منهنجي ٽيبل اڳيان گذري، اسان ٻنهين جون نظرون کنيوڻ جي چڙڪاٽ وانگي هڪ ٻي سان ملي ڪري اسان جي من ۾ پيدا ٿيندڙ شدت جي لهرن کي وڌائي رهيون هيون، مان پاڻ وڃائي رهيو هيس، هون واپس هلي وئي پر منهنجو ذهن ڀٽڪي چڪو هو، اُها رات منهنجي لا۽ ايتري تہ گنڀير ٿي گذري جو مون صبح ٿيڻ جي اميد ۾ پنج غزل پنن تي اتاري ڇڏيا، حالانڪ ان کان اڳ مون ڪڏهن بہ ڪا شاعري نہ ڪئي هئي ۽ نہ ئي مون کي شاعري لکڻ جو ڪو ڏاءُ هو، ڪڏهن ڪڏهن ڪجهہ شيون تجرباتي طور تي بہ تخليق ٿي پونديون آهن، ٻي ڏينهن منجهند جو هڪ نئي نمبر تان مسڊ ڪال آئي، انديشو هو تہ هُو هوندي، منهنجو انديشو صحيح نڪتو، واقعي ئي هُو هئي، هُو وري واپس ڪڏهن بہ ڪلينڪ تي ڪونہ آئي، مگر هر ڏينهين سندس يادون هڪ نئون سنديسو کڻي مون وٽ اينديون آهن ۽ مان سندس انتظار ۾ نيڻن کي نڇاور ڪري رستن ڏي نهاريندو آهيان تہ وري ڪڏهن منهنجي من کي سرهاڻ بخشڻ لا۽ پنهنجي قدمن جو طرف هن ڪلينڪ ڏي ڪندي، سندس انتظار ۾ گهاريل هر هڪ پل منهنجي لا۽ ڪنهن عابد جي ڪوڙي ۽ ڏيکاءُ واري عبادت کان هزارين ڀيرا بهتر آهن. يوسف جميل لغاري