ڪانگل خط کڻي وڃ

'مختلف موضوع' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏25 جون 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ڪانگل خط کڻي وڃ​


    اکران دي وچ جو نه اڙيا​


    حفيظ ڪنڀر

    [​IMG]
    ريما! توکي خبر آهي ته، Nothing is new under the sun ته پوءِ توکي اهڙين ڳالهين تي چڙڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ علم، عقل، ڏاهپ، چريائي، وهم، وسوسي، جهالت جون ڳالهيون گڏوگڏ هلنديون آهن، سڄي جهان ۾ اهو لقاءُ آهي، پاڻ وٽ ڪجهه سوايو ۽ سرس آهي ته ڇا ٿيو؟ تصور ڪر ته ويهين صديءَ جي شروعات يعني 1901ع ۾ سنڌ ۾ فقط ٽي ماڻهو گريجوئيٽ هئا، يعني ويهين صديءَ ۾ تعليم (روايتي تعليم) جو به اهو حال هو ته، هڪ صدي ۾ اسان روايتي تعليم ذريعي اهڙا ئي ماڻهو پيدا ڪري سگهون ٿا، جيڪي ”اکران دي وچ جوئي اڙيا، عشق دي چاڙهي مور نه چڙهيا“ جون سٽون جهونگاريندا، توسان، مونسان هر ڪنهن سان بحث ڪندا رهن ٿا.

    تنهن ڪري جنهن نوجوان توسان ”نه مڃان، اصل نه مڃان“ جي سوچ کانپوءِ اچي بحث شروع ڪيو ۽ آخر ۾ ڳالهين ۾ کٽي ”اکران دي وچ جوئي اڙيا، عشق دي چاڙهي مور نه چڙهيا“ چئي هليو ويو، ان تي توکي چڙڻ ۽ ڪاوڙجڻ نه گهرجي ها!

    تو جيڪو ٻڌايو سو ته نوجوان اڃا يونيورسٽيءَ جي فائنل ايئر ۾ پڙهي ٿو، پر جيڪي همراهه اهڙن نوجوانن جي ذهني تربيت جو سرڪاري پگهارن تي ذمو کڻيو ويٺا آهن، انهن سان به ڪچهري ڪري ڏس نه!؟

    تون انهن ”پروفيسرن“ ۽ ”ڊاڪٽرن“ کي ڪهڙي کاتي ۾ درج ڪندينءَ، جن مان ڪي صاحب اسان جي ٻارن کي ”جديد تعليم“ جي نالي ۾ سائنس به پڙهائين ٿا ته اهي ئي صاحب ستارن، برجن، پامسٽرين، لڪيرن، فالن ڪڍڻ ۾ مصروف هجن ٿا. هڪڙا پروفيسر هٿ جون لڪيرون ڏسي ٻين پروفيسرن کي زائچن مان اهو ٻڌائين ٿا ته ايندڙ ٻن مهينن ۾ تون ايڊمنسٽريشن جي فلاڻي فلاڻي عهدي تي پهچي ويندين!؟ تون رهي ڪهڙي دنيا ۾ آهين!؟ منهنجو هڪ سڃاڻو اسسٽنٽ پروفيسر هو، اهو صبح جو ڪاليج ۾ انگريزي پڙهائيندو هو ۽ شام جو پنهنجي آستاني تي هسٽريا، شيزو فرينيا ۽ مرگهي ۾ ورتل ماڻهن جا ”جن“ ڪڍندو هو. ان ”عامل پروفيسر“ مان ڪنهن ماڻهو کي اها اميد ته نه رکڻ گهرجي ها ته اهو مسڪين ۽ وهمن وسوڙيل مخلوق کي ڪنهن نفسياتي ڊاڪٽر کان علاج ڪرائڻ جي صلاح ڏيندو، يا ڪاليج ۾ تعليم ذريعي اسان جي ٻارن جي درست ذهني تربيت به ڪندو!

    ريما! اسان وٽ ڪاليج ليول جي نصاب ۾ برٽرينڊرسل، آئن اسٽائن، آسڪر وائلڊ جون تحريرون شامل آهن، اگر انهيءَ ردي نصاب مان به ڪجهه نه ڪجهه پنهنجي سبجيڪٽ سان سچا ٿي ٻارن کي پڙهايون ته به ڪافي آهي، پر هتي تون لقاءُ ڏسين پئي ته اها روايتي تعليم ڊگريون ڏئي ٿي، ڊگريون ماڻهن کي نوڪريون ڏين ٿيون، ماڻهو نوڪريون وٺي وري به مخلوق خدا جي تي ڦرلٽ ڪندڙ بيوروڪريسي، وائيٽ ڪالر، اسٽيبلشمينٽ جي روپ ۾ نازل ٿي وڃن ٿا. ذهن تبديل نٿو ٿئي، ڊگرين جا آٿر آهن، سي مون جهڙي گڏهه پال شخص تي رکي ڇڏيندينءَ ته ڪهڙو فرق پوندو!؟

    خر ارجل اطلس بيو شد خراست (سعدي)

    (جيڪڏهن گڏهه اطلس جو آٿر ڍڪي ته به گڏهه آهي).

    يونيورسٽين مان نڪتل اهي محرومن ۽ مظلومن جا لشڪر اگر يونيورسٽين جي نصاب کي به غور سان پڙهن ۽ وري وري پڙهن ته به سندن ميڄالي جو هن علم جي جهان ۾ ڪجهه سال گذر ٿي وڃي ۽ سنڌ ۾ عقل سان سينگاريل ڪو نئون انسان پيدا ٿي پوي، پر ڇا ڪجي!؟ ڊگريون آهن سي مٿن تي چڙهنديون ”سماجي ۽ معاشي مٿا“ وڏا ڪنديون وڃن ۽ علم پروف ڪيپراٽيون ميڄالن ۾ دُڪو به داخل نٿيون ڪرڻ ڏين، نتيجو!؟ اڪثريت انهن ڊگري يافته ماڻهن جي آهي، جن جي ڳچيءَ تي ڪدو ٽنگيا پيا آهن.

    ڪيس از سرِ بزرگي نباشد بچيز

    ڪدو سر بزرگست وبي مغز نيز (سعدي).

    (انسان وڏي مٿي هجڻ ڪري ڪا شيءَ نٿو ٿئي، ڪدو جو مٿو وڏو ۽ بي مغز به آهي).

    جنهن نوجوان تنهنجي آفيس ۾ اچي تنهنجو مٿو کاڌو ۽ آخر ۾ تنهنجي دليلن کان بيوس ٿي، توکي ”اکران دي وچ جوئي اڙيا، عشق دي چاڙهي مور نه چڙهيا“ چوندي هليو ويو، انهيءَ عقل جي اڪابر کان پڇين ته ها ته آخر تون جيڪو بحث پيو ڪرين، جيڪو شعر پيو پڙهين، اهو اکرن جو محتاج آهي يا نه؟ هي ڊگريون وٺڻ پويان پنجن سالن جي ڄمار کان گهر تياڳيو اٿئي!؟ اسڪولن، ڪاليجن، يونيورسٽين، سيمينارن، ورڪشاپن ۾ تنهنجو گذر اکرن کانسواءِ ٿي سگهي ٿو ته پوءِ اکر ٻڌڻ، اکر ڳالهائڻ، اکر پڙهڻ جي توکي ضرورت ڪهڙي!؟

    اصل ۾ اهڙا نوجوان گهڻا ئي آهن، ۽ اهي به گهڻا آهن، جيڪي اکرن ۾ اڙيل ناهن. اکرن جي معرفت اهي شين کي سمجهڻ چاهين ٿا، پروڙڻ چاهين ٿا، پنهنجي وڏڙن جي فڪر ۽ تعليم تربيت سان اختلاف رکڻ چاهين ٿا، انهن جي تحريرن سان اختلاف رکي، انهن جو تجزيو ڪرڻ چاهين ٿا.

    گل هاءِ رنگ رنگ سي هئه زينتِ چمن

    اي ذوق! اس جهان ڪو هئه زيب اختلاف سي.

    سنڌ ۾ ”اکران دي وچ جوئي اڙيا، عشق دي چاڙهي مور نه چڙهيا“ جي سوچ پٺيان عقل ۽ علم، اختلاف ۽ اظهار جي آزادي کي پٺ ڏئي، عقل ۽ ڏاهپ کان آسانيءَ سان منهن موڙي ”آسان فريب“ عشق جي نالي ۾ حاصل ڪرڻ وارو ذهن آهي، نه ته عقل ۽ ڏاهپ جو ته رستو تمام ڏکيو آهي، جنهن لاءِ لطيف ۽ ٻين مفڪرن به چٽو چئي ڇڏيو آهي ته ڏاهپ ۾ ڏک ئي آهن. اصل ۾ اهڙي سوچ خود انهن شاعرن سان به فڪري دشمني آهي، جن اهڙيون سٽون ڪنهن ٻئي پسمنظر ۾ چيون ۽ اسان انهن کي علم، عقل، ڏاهپ تياڳڻ لاءِ جواز بنائي، انهن سٽن کي هر ميدان تي لاڳو ڪرڻ ۾ دير نه ڪئي. ”اکرن“ ۽ ”انگن“ متعلق اهو بحث اڄوڪو ناهي، پر هزارين سال پراڻو آهي، جنهن کي سنڌ ۾ سمجهيو ئي ڪونه ويو آهي. ڪجهه ڪتاب خط سان گڏ موڪلي ٿو ڏيان توکي، انهن ۾ اهو سڀ ڪجهه لکيو پيو آهي. پهرين موڪليل ڪتاب هن هفتي تائين موڪلي ڏجان. ڪا ڳالهه سمجهه ۾ اچي ته ايندڙ خط ۾ موضوع جي مناسبت سان تون به شيئر ڪجان ته ڪٿي آئون دڦ تي بندوق ته نه پيو ڇوڙيان!؟

    فقط حفيظ ڪنڀر-حيدرآباد
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو