ڪرين ٿي وار ني۾ن ۾

saqi irshad Lorer

سينيئر رڪن
ڪرين ٿي وار نيڻن ۾ ،
وڇائي ڄار نيڻن ۾ ،

محبت ڳيچَ ڳائي ٿي ،
ڏسي اظهار ني۾ن ۾ ،

ڏٺم اڄ ميگ ملهاري ،
گلو گلزار نيڻن ۾ ،

گهڙيءَ ۾ غم ويا گم ٿي ،
پسي اڄُ پيار نيڻن ۾ ،

ٿيا هن پيار محبت جا ،
وري وهنوار نيڻن ۾ ،

ڏکن ۾ ڏينهن گزريا هن ،
ڏسي وٺُ بار نيڻن ۾ ،

مکي مئه جو مٿان ”ساقي“،
ڪيو شنڪار نيڻن ۾ ،
 
Back
Top