جواب: اڄ جي تصوير
مونکي ته تصوير ڏسڻ سان ئي پاڪستان جي ياد اچي ٿي ۔۔۔ اوهان دوست پڇندا ته ايئن ڇو؟
اهڙيون حالتون ڪجهه آفريڪي ملڪن ۽ اسانجي انڊو پاڪ جي علائقن ۾ ئي آهن، باقي دنيا الحمد الله بهتر زندگي گذري رهي آهي ۔۔۔ هروڀرو اهڙي حالت ناهي ۔۔۔جهڙي پاڪستان ۾ يا برصغير هند ۾ رهڻدڙ ڪجهه قومن جي آهي ۔۔۔
ڇوڪري آفريڪا جي ته لڳي نه ٿي ۽ نه وري بنگالڻ ته پوءِ پڪ سان ئي پاڪستان جي ڪنهن علائقي جي هوندي ۔۔۔ سندس حالت ٻڌائي ٿي ته سندس جي حصي جو کاڌو، سندس جي حصي جو اوڇڻ ۽ سندس جي حصي جي زندگي ڪنهن چورائي يا ڌاڙو هڻي کڻي ورتي آهي ۔۔۔
باقي ته هن ڌرتيءَ تي رب العالمين ايترو پئدا ڪيو آهي جو ان جي منصفاني ورڇ ٿئي ته هر ماڻهون خوشحال ۽ تعليم يافته زندگي گذاري سگهي ٿو ۔۔۔
سو آخري ڳالهه ته مونکي ڇوڪريءَ جي تصوير مان پاڪستان ياد ٿو اچي ۔۔۔ !!!