گوريون (مزاحيہ ڪهاڻي)

'سنڌي ادب' فورم ۾ منير احمد لُنڊ طرفان آندل موضوعَ ‏2 مارچ 2017۔

  1. منير احمد لُنڊ

    منير احمد لُنڊ
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏1 مئي 2015
    تحريرون:
    40
    ورتل پسنديدگيون:
    49
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    68
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    ٽنڊو محمد خان
    گوريون
    منير احمد لُنڊ

    ان ڏينهن آئون ڏاڍو خوش ھئس، خوش بہ ڇو نہ هجان ها، ان ڏينهن آئون پنهنجي محبوبہ لاءِ، سندس ئي فرمائش تي، پرل شاھ جي ميڙي (ميلي) تان، ٻہ چوڙين جا بنڊل، هڪ عدد سڳي، هڪ ٽين ٽين واري گڏي، سير مٺائي ۽ اڌ سير خشمش ورتي، پر اهي شيون منهنجي خوشي جو ڪارڻ نہ هيون. منهنجي خوشيءَ جو ڪارڻ ھيون ”واليم ٽين“ جون گوريون....!!؟؟
    عشق ڪرڻ بہ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. عشق ۾ سڀ کان پهرين حملو کيسي تي ٿيئي ٿو ۽ جڏھن کيسو خالي ٿي وڃي تہ، محبوبہ کيسي جي پٺيان دل تي حملو ڪري، پنهنجي سڪيلڌي عاشق کي تباھ ۽ برباد ڪري ٿي ڇڏي.
    پيار جي معاملي ۾ دل سڀ کان آسان حدف آھي، محبوب ڀلي نشانو نہ بہ وٺي، پر ڌڪ سڌو دل ۾ ئي لڳندو آھي
    زيبي ڳوٺ جي اهڙي ٺاهوڪي ڇوري نہ هئي، جنهن لاءِ فرهاد بڻجي، جبل ڏارجي، مٿيان ڏند ٿورا ٻاهر نڪتل هئس، نڪ بہ ايترو وڏو ڪونہ هئس، بس ڪڏھن ڪڏھن زبان سان نڪ صاف ڪري وٺندي هئي، مطلب تہ عشق ڪرڻ لاءِ ٺپ موزون ڪانہ هئي، پر ڇا ڪجي، جتي وڻ ناهي، اتي ڪانڊيرو بہ وڻ آھي سچي پڇو تہ جي زيبي ٺاهوڪي ڪانہ هئي تہ موڙ ٻڌڻ جهڙو آئون بہ ڪون هئس. داڦوڙا پير، وڏو مٿو، بندرو قد، جهڙو سيکڙاٽ رازي ڪمرو ٺاهيندي، اڌ ۾ ڇڏيو هجي. هاڻي جي اهڙي مهانڊي سان عشق ڪبو، تہ پوءِ خرچ تہ لازمي ٿيندو نہ...؟
    پر پوءِ بہ واندي ويهڻ کان سٺو آهي تہ ماڻھو ڪو ڪم ڪري. اهو ئي سوچي مون زيبي جو پاسو وٺڻ شروع ڪيو.ڪيترائي ڏينهن آئون زيبي جو فقط پاسو ئي وٺندو رهيس. نيٺ هڪ ڏينهن اهڙو آيو جو، اسان جو ايڪسيڊنٽ ٿي ئي ويو. ٿيو هينئن جو آئون چاچي قادن واري ٻنيءَ جو ٻنو وٺي وڃي رهيو هئس، ۽ هوءَ ان ئي ٻني تان، جنهن تان آئون وڃي رهيو هئس، گاھ جي ڀري کڻي اچي رهي هئي.منهنجي دل شھزادي گل منير جي گھوڙي جيان، تيزي سان ڌڙڪڻ لڳي. پر منهنجو دماغ ٽاھ کاڌل گھوڙي جيان اڳتي سوچڻ کان لاچار هو.
    نيٺ گھڻي ريڙھ پيڙھ کانپوءِ، منهنجي دماغ اڙي ڇڏي ۽ ان مهل هڪڙي اٽڪل سجهي آيم. سوچيم ڇا بہ ٿي پوي، پر کيس گس اصل ناهي ڏيڻو. ظاهر آھي تہ سامهون واري گاڏي تي وزن آھي، انڪري هوءَ اهو ئي چاهيندي تہ خالي گاڏي سائيڊ وٺي، پر خالي گاڏي تہ چاهي ئي اهو ٿي تہ ٽڪر ٿيئي، هاهاهاها....؟؟
    نيٺ اهو نہ ٿيو، جيڪو مون چاهيو ٿي. جڏھن خالي گاڏي گس نہ ڏنو تہ، ڀريل گاڏي ٻني تان هيٺ لهي، موڙ ڪري، منهن پرتي ڪري بيهي رهي.
    سڄي منصوبي تي پاڻي ڦيرجي ويو، سوچيم هاڻي ڇا ڪريان؟.
    ”بلا“ عين وقت تي آيل ٻي اٽڪل تي مون تيزي سان عمل ڪيو ۽ خوفزده هئڻ جي اداڪاري ڪندي، کيس پويان کان ٻک وڌم. منهنجي ٻک وجھڻ سان هوءَ ڀري سميت هيٺ ڪري پئي.
    ”باھ لڳئي مئا، انڌو آھين ڇا“؟. ڇتي ٿي پئي
    هٻڪندي چيم ”هو...بلا...کاڌو“
    ”اهڙو جي بهادر جو پٽ آھين، تہ پوءِ گھر ئي ويٺو رھ، ٻاهر ڇو ٿو نڪرين لوسي“؟
    ”معاف ڪجو ميڊم، منهنجي ڪري اوهان کي تڪليف جو منهن ڏسڻو پيو“. مون ڪنهن سنڌي ڊرامي جو ڊائلاگ رٽيندي، کائنس معافي ورتي. منهنجي انهي رٽيل جملي تي، پاڻمرادو کائنس کل نڪري وئي. اهڙي طرح اسان جي عشق جي گاڏي، پيار جي پٽڙي تي تيزي سان ڊوڙڻ لڳي، البتہ پيار جي پٽڙي تي، عشق جي گاڏي ڊوڙائيندي، اڪثر خرچ جا موڙ مڙڻ ڏکيو ٿي پوندو هو.
    مون ڪيترائي ڀيرا کيس رات جو ملڻ لاءِ منٿون ڪيون، پر هوءَ گهروارن جي سجاگ ٿيڻ جو بهانو ڪري، جان ڇڏائي ويندي هئي.
    ان ڏينهن واليوم ٽين جون گوريون ڏيندي، مون سندس اهو بهانو بہ ختم ڪري ڇڏيو. زيبي ان رات مونکي سندن مال جي وٿاڻ ۾ اچڻ جو چيو،سندس اهڙي 'ها' واري ڳالھ ٻڌي، مون خوشي مان کيس اهڙو تہ ڀاڪر وڌو جو سندس حرام خور هڏن مان رڳو ٺڪاءُ ٿي نڪتا.
    *******
    کٽ تي پاسا ورائيندي، مون هر هر گھڙي ۾ وقت ٿي ڏٺو. ٻن سالن جي خرچ جو حساب ڪتاب وٺڻ جو خيال، مون کي هر هر بي چين ڪري رهيو هو.
    نيٺ ٻن ڏينهن جيترو انتظار ڪرڻ کانپوءِ، مس وڃي رات جا ٻارنهن ٿيا. مون اٿي کيسي مان ڦڻي ڪڍي ۽ وارن ۾ گھمائيندو، گھر کان ٻاهر نڪري آيس.
    هن جي گھر جي گھٽي وٽ بيهي، مون ماحول جو جائزو ورتو ۽ پوءِ گھٽي کي ڏنل ٻاٻرو ڊينگھر هٽائي، اندر داخل ٿيس. اندر داخل ٿيندي ئي مون کي جھٽڪو لڳو. سندن گھر جي بتي ٻري رهي هئي. سوچيم زيبي شايد گھر وارن سان ملي منهنجي ٽيوننگ ڪرڻ ٿي چاهي. اهڙو خيال ايندي ئي، آئون پاڻمرادو وابريشن ڪرڻ لڳس. آئون ڊپ سبب ڏڪندو، پاڻ لڪائيندو، وٿاڻ ۾ داخل ٿيس. وٿاڻ ۾ داخل ٿيندي ئي آئون ٿوري دير لاءِ ڇپ هڻي ويهي رهيس. مون کي سمجھ ۾ نٿي آيو تہ بتي ڇو پئي ٻري؟. مون پنهنجي پر ۾ ڪنائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر ڪنهن بہ قسم جو ڪوبہ آواز ٻڌڻ ۾ ڪون آيو، جنهن مان ثابت ٿيئي تہ ڪو جاڳي ٿو.
    زيبي جي اچڻ جي آسري ۾، مال سان گڏ ڪتي جيان وٿاڻ ۾ ويٺي مون کي پرھ ڦٽي وئي. وٿاڻ ۾ موجود ذليل مڇرن، مون غريب کي اهڙن اهڙن عضون تي چڪ هنيا جو آئون هتي لکي بہ نٿو سگھان. نيٺ آئون زيبي کي، ڪچيون پڪيون جيڪي بہ گاريون ياد هيون ڏيندو، بوٽ جھڙو منهن کڻي واپس هليو آيس.
    جي قسمت ڦٽل هجي تہ ماڻھو ڪٿي بہ پادر کائي سگھي ٿو، ان لاءِ توهان کي ماحول پيدا ڪرڻ جي ڪا بہ ضرورت ناهي. زيبي وٽان نااميد ٿي، آئون جيئن ئي گھر پهتس تہ بابو اڳي ئي ڏنڊو کڻي تيار ويٺو هو، جيئن ڪرڪيٽ راند ۾، بيٽسمين فري هٽ تي ڇڪو هڻڻ لاءِ تيار هجي، هڻي منهنجي سڄي خوبصورت بدن تي اسپيڊ بريڪر ٺاهي ڇڏيائين، ﷲ سلامت رکي امان کي جنهن وچ ۾ پئي جان ڇڏائي. زيبي تي ڪاوڙ تہ اڳي ئي هيم، ويتر جو بابي جا موچڙا کاڌم تہ زيبي تي صفا باھ ٿي ويس.
    ان ڏينهن شام جو زيبي ڇيڻان چونڊيندي ملي، کيس ڏسي آئون سڄو ڳاڙھو ٿي ويس.
    چيم ”ها بيوفا، بدنيت. جي رات اچڻو نہ هئي، تہ سڌي ڳالھ ٻڌائين ها، باقي ٺلهو آسرو ڏئي ذليل ڇو ڪئي؟
    چيائين ”ذليل تہ تون اڳي ئي آهين، جي رات ٿورو پريشان ٿيئن تہ ڇا ٿيو؟. باقي مون تو کي ٺلهو آسرو ڪون ڏنو هو، پر ٿيو هيئن جو تنهنجون ڏنل گوريون، تنهنجي چوڻ تي مون پاڻي جي دِلي ۾ وجھي ڇڏيون. تنهنجو قسم مون کان گورين واري ڳالھ ئي وسري وئي، دِلي مان سڀ کان پهرين مون ئي پاڻي پيتو، الائجي ڪهڙيون گوريون هيون، امان اڃان ستي پئي آ. مون کي بہ اجھو هاڻي ادا وڏي موچڙا هڻي اٿاريو آ. الائجي ڪيئن کيس خبر پئجي وئي آھي تہ اها سڄي حرامپائي تنهنجي هئي، تنهنڪري ادا ڪهاڙي ۽ بابو حيدري ڏنڊو کڻي توکي ڳولي رهيا آھن. جي سر پيارو اٿئي تہ ڪيڏانهن منهن ڪري ڀڄي وڃ.
    سندس ڳالھ ٻڌي منهنجو هاضمو خراب ٿي پيو. پيٽ ۾ شديد وٽ پوڻ لڳا. ان کان علاوه ٻن سالن جو خرچ، حرام ٿيڻ جي صدمي ڄڻ تہ مون کي چريو ڪري ڇڏيو. اوچتو هڪ هٿ پيٽ تي ۽ ٻيو هٿ مٿي تي رکي، آئون تيزي سان ڪماند ڏانهن ڊوڙڻ لڳس. روپوش ٿيڻ لاءِ نہ، هلڪو ٿيڻ لاءِ......!!!؟؟؟
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو