يوسف جميل لغاري
سينيئر رڪن
پرائمري سطح کان وٺي ڪري يونيورسٽي سطح تائين ڪافي شاگرد اھڙا ھوندا آھن جيڪي امتحاني حال ۾ مليل سوال نامي کي پڙھي ڪري ھڪ عجيب قسم جي مونجھاري جو شڪار ٿي ويندا آھن انھن لا۽ مسئلو اھو ناھي ھوندو تہ کين لاڳاپيل سوالن جا جواب نٿا اچن، کين جوابن جي تہ چڱي خاصي سُڌ ھوندي آھي ۽ کين پڙھيل ھوندا آھن، پر ھاڻ ھتي مسئلو اھو ھوندو آھي تہ کين لاڳاپيل سوال سمجھ ۾ ڪونہ اچي سگھندا آھن ۽ ٿيندو وري ائين آھي تہ سڀ ڪجھ ايندي بہ ڪي شاگرد صحيح جواب ڪونہ لکي سگھندا آھن جنھن جي ڪري سندن نتيجا مطمئن ڪندڙ ڪونہ اچي سگھندا آھن، محنت، لگن توڙي سچي دل سان پڙھڻ کان پو۽ بہ کين پنھنجي دوستن توڙي مٽ مائٽن اڳيان شرمندو ٿيڻو پوندو آھي ۽ کين پنھنجي محنت تان اعتبار گھٽ ٿيڻ لڳندو آھي،
ھتي ڪجھ مھارتي طور طريقا اوھان جي نظر ڪجن ٿا، جن کي ذھن نشين ڪري اوھان ڪنھن بہ امتحان ۾ يقيني مارڪون توڙي گريڊ حاصل ڪري سگھو ٿا.
ڪلاسز جي آغاز جي ڏينھن کان وٺي ڪري ائين کڻي سمجھجي تہ پيپرن جي تياري شروع ٿيندي آھي حالانڪ پيپر وغيرہ ڪورس جي اختتام تي ورتا ويندا آھن پر شاگرد کي ان ڳالھ تي ڌيان ڏيڻو آھي تہ استاد صاحبان ڪھڙي عنوان يا مضمون تي گھڻو ڌيان ڏي ٿو، ڇو تہ ڪورس ۾ موجودہ سڀ عنوان يا مضمون امتحان جو حصو ڪونہ ھوندا آھن، ڪي عنوان صرف پڙھيا ويندا آھن ۽ وري انھن منجھان لاڳاپيل ڪي خاص مضمون امتحاني عمل جو حصو ٿيندا آھن، شاگرد کي پنھنجي ذھني معيار مطابق انھن اھم ۽ خاص مضمونن جو تعين ڪرڻو پوندو، جي سمجھ ۾ نہ اچن تہ ڪلاس مان دوستن کان مدد وٺي سگھجي ٿي يا وري لاڳاپيل مضمون جي استاد کان اھو پڇي سگھجي ٿو تہ ڪھڙا ٽاپڪ اھم آھن جن منجھان امتحان جي تياري ڪئي وڃي.
پيپرن جي ويجھي اچڻ وقت عنوانن جي ھڪ فھرست ٺاھي وڃي، ھر ھڪ عنوان کي سمجھڻ لا۽ ان کي مناسب وقت ڏنو وڃي، ھڪ ئي وقت مختلف سبجيڪٽن کي پڙھڻ کان گيرز ڪيو وڃي تہ بھتر ٿيندو، ھڪ ئي وقت ڪنھن ھڪ مضمون کي وقت ڏيڻ سان اھو فائدو ٿيندو تہ اوھان ان تي عبور حاصل ڪري سگھندا، يڪ وقت ٻن يا ٻن کان وڌيڪ سبجيڪٽن کي پڙھڻ سان اھي ذھن ۾ وڌيڪ مونجھارا پيدا ڪري سگھن ٿا ۽ اوھان پريشاني جو شڪار ٿي سگھو ٿا.
ڪوشش ڪندا ڪريو تہ پڙھائي دوران اوھان ٻين ڪمن ڪارن کان پاڻ کي آجو رکي ڪري صرف جو صرف پڙھائي تي ڌيان ڏيو، پنھنجي ذھن کي ھتان ھُتان جي اجاين فڪرن توڙي خيالن کان آزاد رکي ڪري پنھنجو مرڪز صرف جو صرف ان لاڳاپيل مواد کي بڻايو، پڙھائي دوران اڪثر ھر ڪنھن جي ذھن ۾ مختلف قسمن جا عجيب و غريب خيالات حاوي ٿيندا رھندا آھن ۽ اھڙي نموني ذھن جو ڀٽڪڻ نقصانڪار ثابت ٿي سگھي ٿو، جيڪڏھن اوھان جو ذھن ھڪ جڳھ مشترڪ طور نٿو بيھي تہ اوھان کي کپي تہ چاھيندي يا نہ چاھيندي بہ ڪي صفا يا پنا مسلسل پڙھندا رھو ائين ڪرڻ سان اوھان جي ذھانيت جي مشق ٿيندي ۽ اوھان جو مرڪز خيال ھڪ جڳھ تي مشترڪ ٿيڻ جو عادي بڻجي پوندو.
ھي سڄي ڪارگزاري اسان جي دماغ سان واسطو رکي ٿي، اڪثر ٿيندو ائين آھي تہ ڪي شاگرد پيپرن جي ويجھو ايندي ئي ھڪ عجيب قسم جي خوف ۾ مبتلا ٿي ويندا آھن، جھڙوڪ فيل ٿيڻ جو فڪر، جوابن لکڻ جي فڪر، سٺيون مارڪون نہ اچڻ جو فڪر، وغيرہ وغيرہ اھو خوف کين اندر ئي اندر ۾ کوکلو پئو بڻائيندو آھي، ان خوف جي سبب سندن دماغ سڪون واري حالت ۾ ناھي رھندو، ھاڻ ڏسو نہ جڏھن ھڪ دماغ سڪون، تازگي يا وري ڪجھ حاصل ڪرڻ جي قابل ئي نہ ھجي تہ پو۽ ان ۾ ڪنھن بہ شئي کي ڪئين ٿو محفوظ بڻائي سگھجي، سو ڪجي ائين تہ پنھنجي ذھن کي اجاين فڪرن توڙي فڪراتن کان جيترو ٿي سگھي سگھو ئي آزاد ڪجي ۽ پنھنجي مقرر ڪيل مقصد تي پوري طاقت، توانائي ۽ سمجھ کان ڪم وٺندي جدوجھد ڪجي تہ اميد آھي ڪا بہ شئي باقي ناممڪن نہ رھندي.
پڙھيل شيون وقت جي تقاضائن جي مطابق وسري وينديون آھن، ھر ڏينھن نت نين شين، ماڳن، مڪانن، توڙي ماڻھن سان اسان جو واسطو پوي ٿو، ڪنھن بہ مضمون توڙي مواد کي ياد ڪرڻ جو ھڪ بھترين طريقو اھو بہ آھي تہ ان کي پنھنجي ھٿ اکرن سان لکجي، صرف ھڪ دفعو نہ، بلڪ بار بار لکجي، ايتري قدر جو ھو ھميشه لا۽ ذھن نشين ٿي وڃي، ائين ڪرڻ سان ھڪ تہ اھو مواد ھميشه لا۽ اسان جي ذھن ۾ محفوط بڻجي پوندو ٻيو اھو تہ ان مشق ڪرڻ سان اوھان ڪنھن بہ شئي کي صحيح لکڻ جي مھارت حاصل ڪري وٺندا جيڪو اوھان لا۽ انتھائي فائيديمند ثابت ٿيندو ۽ امتحاني حال ۾ سوالن جي جوابن کي لکندي اوھان کي ڪنھن بہ پريشاني يا مونجھاري جو شڪار ڪونہ ٿيڻو پوندو، اوھان ان قابل ٿي ويندا تہ پڇيل سوال جي جواب کي ڪيترو مختصر يا ڪيترو تويل ڪري لکڻو آھي.
مقرر ٽائيم کان اڳ پيپر ڪري ڇڏڻ يا وري مقرر ٽائيم کان بعد ۾ پيپر جمع ڪرائڻ، ھي ھڪ قسم جي عادت آھي جيڪا ڪافي سارن شاگردن م ھوندي آھي، پيپر ڪرڻ جون ھي ٻئي حالتون نقصانڪار آھن، وقت کان اڳ پيپر ڪرڻ جي چڪر ۾ ڪافي سارا شاگرد پيپر ۾ گھڻو ڪجھ ۽ اھم معلومات لکڻ کان رھجي ويندا آھن، اھي صرف ان فڪر ۾ مبتلا ھوندا آھن تہ ڪنھن نہ ڪنھن نموني بس پيپر کي پورو ڪري وٺجي ۽ انھي تڪڙ جي سبب اھي پڇيل سوال جا صحيح يا مطمئن ڪندڙ جواب ڪونہ لکھي سگندا آھن جنھن سبب سندن نتيجا خراب يا پريشان ڪندڙ ايندا آھن، ۽ وري اھي شاگرد جيڪي پيپر جي مقرر وقت کان پو۽ پيپر جمع ڪرائڻ جا عادي ھوندا آھن اھي اصل ۾ ان خوشفھمي جا شڪار ھوندا آھن تہ پيپر کي حل ڪرڻ لا۽ وٽن وقت ڪافي آھي جنھن وقت ٻيا سڀ شاگرد پيپر ڪري رھيا ھوندا آھن ان وقت ان خوشفھمي ۾ مبتلا شاگرد پنھنجي امتحاني حال کي ڏسڻ، ڪنڌ کي اڳتي پوئتي ورائڻ، سوال نامي کي ھرو ڀرو وري وري پڙھڻ، جوابي ڪاپي جي صفن کي بار بار ڳڻڻ توڙي ان قسم جي مختلف سرگرمين ۾ پنھنجو مليل وقت برباد ڪندا آھن، سندن اکيون تڏھن کولنديون آھن جڏھن مقرر وقت ختم ٿيڻ تي ھوندو آھي ان لا۽ بھتر اھو آھي سوالن کي حل ڪرڻ لا۽ مليل مقرر وقت جي حساب سان سندن جواب لکـــڻ گھرجـــــن.
ھر ھڪ سوال جي جواب کي لکندي ھڪ اھم ۽ بنيادي نقطو ھميشه ذھن ۾ رکڻ گھرجي تہ اگر جواب طويل آھي ۽ ان جي اندرا اڃا ڪجھ ڪي ٻيا نقطا بہ شامل آھن ۽ اھي بہ لکڻا آھن تہ بھتر ۽ موثر جواب ان کي تڏھن چئبو جڏھن ان جي ھر ھڪ نقطي کي واضح ۽ صاف ڪري لکجي، جئين پيپر چيڪ ڪندڙ کي ڪنھن بہ قسم جي مونجھاري جو شڪار نہ ٿيڻو پوي، ان کي ھر ھڪ پڇيل سوال جو جواب صاف، چٽو ۽ نمايا نظر اچي، ۽ ھڪ اھم ڳالھ تہ ھر نئي جواب کي ھڪ الڳ ۽ نئي صفحي کان شروع ڪجي، ڪوشش ڪجي تہ صفحي ۾ مليل لڪيرن جي وچم ڪو مفاصلو نہ ڇڏجي، ھر ھڪ لڪير تي ڪي نہ ڪي الفاظ تحرير ڪجن ان طريقي سان لڪيرن جي وچم ڪو چڱو خاصو مفاصلو نہ ھجي، ڪي شاگرد لڪيرن جي وچم مفاصلو ڪندي پيپر ۾ اجايو وڌا۽ ڪندا آھن ۽ پيپر سان گڏ سپليمينٽري ھڻندا آھن جيڪا ڳالھ اڪثر طور استاد ناپسند ڪندا آھن، جوابي ڪاپي ۾ مليل صفحا ڪنھن بہ جواب کي لکڻ لا۽ ڪافي ھوندا آھن ھروڀرو سپليمنٽري جو وڌا۽ ڪري ھرگز اھو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش نہ ڪجي تہ اسان کان پڇيل سوال جو جواب اسان کي گھڻو ٿو اچي، جيترو پڇيو ويو ھجي ان جو جواب اوترو ئي لکڻ ۾ بھتري آھـــي.
پيپر جمع ڪرائن کان اڳ اھو يقيني طور اطمنان ڪرڻ گھرجي تہ پيپر ۾ ڪنھن بہ قسم جي گنجائش باقي نہ رھجي، پنھنجو نالو، رول نمبر، شعبو، سبجيڪٽ جو نالو، تاريخ ۽ لکيل جوابن کي ھڪ دفعو چيڪ ڪجي تہ اگر اتفاقن ڪا غلطي ٿي وئي ھجي تہ ان کي درست ڪري پو۽ پيپر جمع ڪرائجي،
ان طريقي سان اوھان پنھنجي ڪيل پيپر بابت مڪمل طرح سان پر اميد رھي سگھندا ۽ اوھان کي اھو اندازو بخوبي ٿي ويندو تہ اوھان ڪيتريون مارڪون حاصل ڪري سگھنـــدا.
مٿي بيان ڪيل ڪي اھم نقطا اوھان کي پيپرن جي تياري ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا، اڪثر شاگردن جي فيل ٿيڻ جو ڪارڻ اھو ئي ھوندو آھي تہ کين اھا سڌ ناھي ھوندي تہ کين پنھنجي توانائي پنھنجي پڙھائي تي ڪئين خرچ ڪرڻ کپي، سندن اھا بي خبري اڳتي ھلي ڪري کين شرمندو ڪرائيندي آھي ۽ ھن گونا گون زماني ۾ قابليت، ذھانت، ۽ توانائي ھوندي بہ اُھي پوئتي رھجي ويندا آھن، اڳتي ھلي ڪري اھي شاگرد پنھنجي ناڪامي جو الزام پنھنجي استادن، پنھنجي اداري ۽ پنھنجي ماحول تي ھڻندا آھـــــــن.