• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ساقي ارشاد لورڙ ڪهاڻي __ڪُڇان ته ڪيئن ...!! بابا اوٽي روم مان نڪرندڙ ڊ

تازو شامل ڪيل

ساقي ارشاد لورڙ

ڪهاڻي
__ڪُڇان ته ڪيئن ...!!

بابا اوٽي روم مان نڪرندڙ ڊاڪٽر کان پڇو ،
”ڊاڪٽر ! صاحب هوءَ ڪيئن آهي ،“
”توهان پريشان نه ٿيو ڪجھ دير کان پوءِ ھن کي هوش اچي ويندو ، ۽ اوهان کيس ملي سگهندا ، . . .!!“
مان هڪ پر سڪون ساھُ کڻي سوچان ٿي ،
”هي ڪهڙو سماج آ ، جنهن ۾ رهي انسان پنهنجي مرضيءَ سان ڪجھ ڪري ئي نٿو سگهي ، کيس ڪجھ ڪرڻ جي اجازت ئي ناهين ، بس ٻين جي اشارن تي نچُ ، جي نتَ هئين ئي نه . . . . !“
هوءَ منهنجي ڦڦاٽِ ۽ مان هن جي ماروٽِ ، هوءَ به حد سهڻي ، سلڇڻي ، سيبتي ، نرتڪي ، معصوم ، هوءَ ننڍي هوندي کان ئي ڄڻ ته ڪتابي ڪيڙو ، لکڻ ، پڙھڻ ، سان چاھُ رکندڙ . . . !!“
”ماءُ پيءُ جي لاڏلي ننڍپڻ کان هيلَ تائين ، ايئن به نه هو ته هوءَ ڦڦي جن جو اڪيلو اولاد هئي ، سحر جو هڪ ڀاءُ به هيو ، جيڪو الٽي (ابتي) کوپڙيءَ جو جنهن کان پڙھڻ ڄڻ ته ڪنڊن جي تي سمهڻَ برابر هو ، تنهن ڪري پيءُ ( ڦڦڙ ) ننڍي هوندي کان ئي ٻني ٻاري جي ڪم ، مال متاھَ جي گاھَ پٺي سان لڳائي ڇڏيس ، هن جي ڀيٽَ ۾ سحر ! ذهين ۽ هونهار پڙھائيءَ سان ازلي عشق ڪندي هئي ، تنهن ڪري ڦڦي ۽ ڦڦڙ هن کي پڙھڻ لاءِ سٺي تعليمَ پرائڻ لاءِ اسان وٽِ شهر ۾ رهائيو ، ته جيئن سحر کي پڙھڻ ۾ ڪا رنڊڪ ، رڪاوٽَ ڪا تڪليف نه ٿي ، بابا ڊاڪٽر هو ، بابا کي به اسان ٻه ٻار هئاسين ، مان ۽ آصف ، ” سحر! اسانجي گهر اچي ڄڻ ته اسانجي ڀيڻ بڻجي پئي هئي ،
ڦڦاٽُ غلام ! سحر سان پيءُ ماءُ جو پيار ڏسي ، محبت ڀريو وهنوار ڏسي ، سدائين پيو سڙندو هو ، پيءُ ۽ ماءُ جي دعا سان سحر انٽر پاس ڪري ورتي هاڻ هن جو شوق هو ته هوءَ ڊاڪٽري پڙھي ، !!؟
تنهن ڪري هن پيءُ ماءُ کي چيو ته ،
” هاڻُ مان ڊاڪٽري پڙهڻ ٿي چاهيان ، . . . !!؟“
ڦڦي ۽ ڦڦڙ هن کي اجازت ڏني ته ” تون ڀل ڊاڪٽري پڙھُ ..!!“
پر غلام ! اچي ڪاوڙيو ، چئي ته ” هاڻ جي ڇوريءَ گهر کان ٻاهر قدم رکيو ته اڦٽ ڪندو سانس ، . . !!“
ڦڦڙ تنهن تي ڪاوڙ مان چيس ، ” مارَ پوئي ، نڀاڳا نياڻي ويچاري هڪڙي ڀيڻُ اٿئي ، تون تنهن معصوم نياڻيءَ کي اڦڦٽُ ڪندي ، خدا جي مارَ پوئي تون پاڻ ته پڙھين ڪانه ٻئي لي به پڙھڻ ڪا نه ٿو ڏئين . . . .!!“
غلام تنهن تي منهن سڄائي گهر کان ٻاهر هليو ويو ، ٻئي ڏينهن ڦڦڙ ُصبح جو سحر ! کي اسان وٽِ ڇڏي بابا کي هن جي داخلا جو چئي شام جو ڳوٺ هليو ويو ،
”بابا ڪجھ ڏينهن کان پوءِ منهنجي سحر جي ۽ آصف جي هڪ ئي ڪاليج ۾ داخلا ڪرائي ڇڏي ،
وقت گذرندو رهيو ، سحر به دل لائي پڙھڻ شروع ڪيو ، هن پاڻ مڃائي استادن جي دل کٽي ورتي ، وقت گذرندو رهيو ، هن جي ذهانت جا چرچا ٿيندا رهيا ، ايئن هڪ ڏينهن غلام هن سان ملڻ ڪاليج آيو ، هن اچي سحر کي چيو ، ” سحر ! مان تنهنجي شادي سئوٽ اسلم سان طع ڪئي آهي ، تنهن ڪري تون هاڻي ڳوٺ هلي اچ ، . . .!! “
سحر غلام جي واتان شاديءَ جو ٻڌي پريشان ٿي وئي ، هن هٻڪندي کيس چيو ،
”ادا غلام ! هڪ ته مونکي فلحال شادي ناهين ڪرڻي ، ٻيو ته مونکي اهو رشتو ئي قبول ناهين جنهن ۾ منهنجي راءِ شامل نه آهي ، مونکي پڙھي ڊاڪٽر ٿيڻو آھي ، ۽ پوءِ ئي شاديءَ جو سوچيندس ، . . . !! “
”ڇوري تون ٻه اکر ڇا پڙھيي آهين ، مٿي تي چڙھي وئي آهين ، ٺيڪ آ تون ڏينهن اڌ ۾ ڳوٺ نه اچ ته مان توکي ٻڌائيندس ته تون ڪيئن ٿي ڊاڪٽر ٿئين ، ؟
تون اسان جي عزت خاڪ ۾ ملائي رهي آن ، تو ڳوٺ نه اچ مان توکي ڏسي رهندس ، . . .!!؟؟ “
ائين چئي غلام ته هليو ويو پر سحر کي پريشانيءَ جي آڙاھَ ۾ اڇلائي ويو ، هوءَ موٽي ڪلاس روم ۾ آئي ته ڏاڍي پريشان هئي ، ڏاڍي اداس هئي بي چين سوچن جي ساگر ۾ ٻڏي تري رهي هئي ، هن جي ذهن ۾ عجيب سوچن اچي واسو ڪئيو هو ،
عجيب و غريب سوچون هن جي اميدن سندي دنيا تنگ ڪري رهيون هئيون ، ۽ منهنجي بار بار پڇڻ تي هوءَ چوندي رهي ، ” ڪجھ به نه ماريه . .!! “ نيٺ ڪلاس ختم ٿيا ، اسان گهر پهتاسي ، هوءَ پنهنجي ڪمري ۾ اچي روئڻ لڳي ، مان هن جي پوئيا ، هن جي اها حالت ڏسي رهي نه سگهيس ، هن کي ڀاڪر ۾ ڀري ورتم ، هن جا ڳوڙھا اگهي حيران ٿيندي پڇو مانس ، . . .!!
”سحر ! آخر ڳالھ ڇا آھي ، تون روئين ڇوٿي . . . !!؟؟ “
تڏهن سحر روئيندي ، سڏڪا ڀريندي غلام واري روئيداد ٻڌائي ، سحر جي سڄي ڳالھ ٻڌي ، مان عجب ۾ پئجي وئي هئيس جو سحر سڏڪندي چيو هو ،
” ماريه ! ڇا مان سنڌ جي ڄائي نه آهيان ، ؟ ڇا مان سنڌ امڙ جي ڪُک مان جنم نه ورتو آ .؟ ڇا سنڌوءَ جو پاڻي منهنجي خمير ۾ شامل نه آهي ، ؟ آخر مان ڪيتري تائين ظلم سهندي رهندس ، . . !!؟؟؟
سحربگهڻ روئڻ ڪري سڏڪن کي ڳيتون ڏئي چيو هو ،
” ماريه ! ڇا منهنجا خواب ، جذبا ، احساس ، خواهشون ، ڪا معنيٰ ، ڪا به اهميت نٿا رکن ، ؟ ڇا منهنجا جذبا ايئن ئي هر دؤر ۾ قتل ٿيندا رهندا ، ريتن ، رسمن جي زنجيرن ۾ جڪڙيا ويندا ،؟ ڇا مان ايئن ئي هر دؤر ۾ ميرن ، پيرن جي هٿان ڪوٽن ۾ قيد ٿيندس يان ماري ويندس
 
Back
Top