ڪکائن گهرن کي تون روشن ڪرين ٿو غريبن جي چوئرن کي گلشن ڪرين ٿو لٿي سج عيان پنهنجو جوڀن ڪرين ٿو سَحر تائين هر جا نشيمن ڪرين ٿو مزورن ۽ ڪڙمين سان همڪار آهين فقيرن جي مجلس جو سينگار آهين سڙي تون ٻين کي ڏئين ٿو سهائي رکيل تو ۾ ڪيڏي نه آهي چڱائي پري کان منجهيل جي ڪري رهنمائي ڏئيا تو ۾ آهي سراسر سچائي سچو دوست آ دشمن کي دلسوز آهين سچائي سان سڀ جو شب روز آهين هوا ساڻ سر لاٽ جو ٿو جهڪائي ٿو نوڙت ڪندي پنهنجي جيوت بچائي حياتي جو مقصد سڄو ٿو ٻڌائين ٻين لاءِ پنهنجوٿو تن من جلائين جلي جي ٻين کي سهائو ڏين ٿا لکين گهور تن تان پتنگا ٿين ٿا