نئون قانون

'ڪهاڻيون' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏3 مارچ 2017۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    نئون قانون

    جبار آزاد منگي

    عدالت اندر مڪمل خاموشي ڇانيل هئي ائين لڳي رهيو هيو ڄڻ عدالت اندر ويٺل هرڪ شخص کي سامهون انصاف جي ڪرسي تي ويٺل منصف موت جي سزا ٻڌائڻ وارو هجي. پر انصاف جي ڪرسي تي ويٺل جج پنهنجي من سان جنگ چوٽيون ويٺو هو،“آءُ ان بيروزگار کي ڏوهي بڻايان جنهن بيروزگاري کان تنگ ٿي شهر جي چونڪ تي احتجاج ڪندي پنهنجو پاڻ کي گولي هڻي ماريو هو، يا سندس گھر ڀاتين کي، جيڪي نوجوان جي صحيح تربيت ڪري نه سگهيا يا........................!!

    جج جيسيتائين پنهنجي من ۾ ڪو فيصلو ڪري، عدالت اندر 35 سالن جو نوجوان رڙيون ڪندو داخل ٿيو،“جج صاحب مان قاتل آهيان، مون کي ڦاهي تي چاڙهيو.” عدالت اندر خاموشي ختم ٿي وئي، عدالت جي ڀتين سان آرڊر....آرڊر جا آواز ٽڪرائبا رهيا... قانون جا رکوالا نوجوان کي پڪڙڻ لاءِ اڳتي وڌيا، انصاف جي ڪرسي تي ويٺل جج پنهنجون نظرون فائيل تان هٽائي نوجوان کي حيرت وچان ڏٺو.. جيڪو قانون جي رکوالن جي گرفت ۾ هوندي به رڙيون ڪري رهيو هيو ته“جج صاحب مان قاتل آهيان”

    نوجوان کي ڪٽهڙي تائين آندو وڃي. جج قانون جي رکوالن کي حڪم ڪيو ۽ نوجوان عدالت جي ڪٽهڙي ۾ پهچي ويو.

    اي نوجوان تون ڇا ٿو چوڻ چاهين؟

    جج صاحب مان قاتل آهيان، مون ٻن معصوم ٻارن سيمت ٽي ٻيا به قتل ڪيا آهن، جن ۾ هڪ 27 سالن جي نوجوان عورت، ٻي 57.56 سالن جي عورت ۽ 65 سالن جو مرد شامل آهي، اي انصاف جا رکوال امون کي سرِعام ڦاهي تي لٽڪايو وڃي، مان قانون هٿان مرڻ ٿو چاهيان، ڇو ته مان بزدل ناهيان جو خودڪشي ڪري پنهنجو انت آڻيان.

    اي نوجوان قتل ڪرڻ وقت تو ڪهڙو هٿيار استعمال ڪيو آهي؟ ڇا تو بندوق يا ڪهاڙي سان قتل ڪيو آهي؟

    جج صاحب ڇا صرف بندوق ۽ ڪهاڙي سان قتل ڪيا ويندا آهن؟ نه اي منصف نه! هن ملڪ ۾ قتل ڪرڻ جا هزارين طريقا آهن، مون نه ڪنهن کي بندوق جي گولي هڻي نه ئي ڪهاڙي جا قهري وارَ ڪري قتل ڪيو آهي، ڇو ته مان ايڏو بي رحم به ناهيان جو هڪ انسان کي ڳترا ڳترا ڪري پٽ تي ڦٿڪندو ڏسان. ها انصاف جا رکوالا مان بي رحم ناهيان... پر مون پنج قتل ڪيا آهن، مون کي سرِعام ڦاهي تي لٽڪايو وڃي.

    ته پوءِ اي نوجوان تو ڪهڙي قسم جا قتل ڪيا آهن؟

    اي انصاف جو قلم هٿ ۾ جهلي انصاف ڪندڙ، مون، اميدن، تمنائن ۽ ارمانن کي قتل ڪيو آهي.

    اميدن ۽ ارمانن کي !!!!!!!!؟ اي نوجوان تنهنجو مطلب ڇا آهي؟

    اي ديوتا مون پهريون قتل ڪيو آهي، 65 سالن جي پوڙهي، پيءُ جي حسرتن، آسُن ۽ اميدن جو، جنهن ڏينهن رات پورهيو ڪيو، پاڻ بُکون ڪاٽي مون کي وڏو ڪيو، انهي اميد سان ته آءُ وڏو ٿي، هن جي ڏکن واري زندگي ۾ خوشيون کڻي ايندس، پر اي جج صاحب آءُ پڙهي ته ويس، پر آءُ پنهنجي پيءُ جي اميدن کي حقيقت جو روپ ڏئي نه سگهيس، مون هن جون اميدون پوريون نه ڪري سگهيس، ڇو ته مون کي ڪٿي به روزگار نه مليو.

    انصاف جي ڪرسي تي ويٺل منصف پنهنجو قلم چپن ۾ ڏئي هن عجيب نوجوان کي ڏسي رهيو ۽ ٻڌي رهيو هو، جيڪو پنهنجو پاڻ کي قاتل ثابت ڪرڻ لاءِ دليل ڏئي رهيو هو.

    جج صاحب مون ٻيو قتل ڪيو آهي پنهنجي ماءُ جي ممتا سان ٽمٽار ٿيل خواهشن جو، جيڪا هروز سوين دفعا منهنجي سُکي زندگي کي ڏسڻ لاءِ ڌڻي در ٻاڏائيندي هئي ۽ جج صاحب جڏهن به مان ڪنهن نوڪري لاءِ انٽرويو ڏيڻ ويندو هيس ته امڙ کوڙ ساريون دعائون ڏيندي چوندي هئي،“پٽ شل الله ڪندو ته آفيسر ٿيندين، مان مٺايون ورهائيندس ۽ لاڏا ڳائيندس.”پر جج صاحب امان جون ڌڻيءَ در دعائون نه اگهيون، ڇو ته مان هرانٽرويو و۾ فيل ڪيو ويس.

    نوجوان پاڻي پيئڻ جي خواهش ظاهر ڪئي، کيس پاڻي ڏنو ويو، هو هڪ ساهيءَ ۾ پاڻي جو گلاس پي ويو ۽ وري جج صاحب سان مخاطب ٿيو.

    جج صاحب مون ٽيون قتل ڪيو آهي پنهنجي زال جي پاڪ محبت جو جنهن کي مان سٺو ڪپڙو پهرائي نه سگهيس، سٺو کاڌو کارائي نه سگهيس، جج صاحب هوءَ جڏهن به ڪنهن شيءِ جي خواهش ڪندي هئي ته مان ٽال مٽول ڪري ويندو هئس ۽ کيس اهو آسرو ڏيندو هيس ته ڏکيا ڏينهن ٿورا آهن، مون کي روزگار ملندو، ته پوءِ تنهنجا سڀ ڏک سُکن ۾ تبديل ڪندس ۽ هوءَ ان آسري تي جيئندي رهي. اي منصف يقين ڪريو ته جڏهن هوءَ بستري تي اگھور ننڊ ۾ سُتل هوندي هئي ته آءُ کيس چتائي ڏسڻ جي به سگھ ساري نه سگهندو هيس، ڇو ته مان هن جو ڏوهي هيس، مون هن کي رڳو ڏٽا پئي ڏنا، ايتريقدر اي انصاف جا پيغمبر جو جڏهن هن جو مَنُ محبت ۽ پيار ڪرڻ لاءِ ماندو ٿيندو هيو ۽ هوءَ مون کي ٻانهن ۾ ڀڪوڙي مون کي ڳلن تي چُميون ڏيندي هئي ته ان وقت مان پنهنجو پاڻ تي لعنت ۽ ملامت ڪندو هيس. ڇو ته مان هن کي سچو پيار به نه ڏئي سگهيو هيس...ان لاءِ جج صاحب جو منهنجي من اندر ۾ صرف روزگار جو اُونو هوندو هيو ۽ ڪٺِن زندگي جي جياپي جي لاءِ راهون تلاش ڪندو رهندو هيس.

    انصاف جي ڪرسي تي ويٺل جج عدالت جي ديوار تي لڳل تصوير کي پوئتي ڪنڌ ورائي ڏٺو، ڄڻ هو تصوير کان هن نوجوان جي دليل جا جواب وٺندو هجي، پر تصوير ته اڳ جيان اڄ به خاموش هئي، جج پنهنجو منهن تصوير کا ڦيري ٿورو مشڪيو، جنهن مشڪ ۾ نه ڄاڻ طنز لڪل هئي يا احتجاج!؟ جج پنهنجيون اکيون ڪٽهڙي ۾ بيٺل نوجوان ڏانهن ڏسندي اکين ئي اکين ۾ نوجوان کان پڇڻ گهريو ۽ نوجوان وري ڳالهائڻ شروع ڪيو.

    مان قاتل آهيان ٻن معصوم ٻارن جي پتڪڙين خواهشن جو، جيڪو روز صبح جو مون کان ٻاتڙي ٻولي ۾ ڪجھ نه ڪجھ گھرندا هئا“بابلا لوپيو لي”(بابا روپيو ڏي) “ابلو بڪوٽ وٿي ڏي”(ابلو بسڪوٽ وٺي ڏي) ۽ جج صاحب پاڪ خدا جي صورت رکندڙ ٻارن کي به سکڻا ڏٽا ڏنا “ها پٽ شام جو توهان لاءِ کوڙ سارا بسڪوٽ ۽ رپيا به ڏيندس.” ان ڏٽي جي آسري تي ئي اهي معصوم گلن جهڙا چهرا سڄو ڏينهن ٻهڪندا رهندا هئا ۽ مان.....۽ مان واعدو وفا نه ڪرڻ سبب ٻارن سان هر روز دوکو ڪري رات جو دير سان گهر موٽندو هيس، جڏهن هو منهنجي راھ تڪي تڪي آسرو لاهي سمهي پوندا هئا.

    نوجوان سڏڪن ۾ پئجي ويو، هن جا سڏڪا عدالت اندر ويٺل هر هڪ ماڻهو کي ڏنگي رهيا هئا، اهو ئي ڪارڻ هيو جو عدالت اندر مڪمل خاموشي هئي هر ماڻهو بُتُ بڻيو ويٺو هيو. عدالت اندر جيڪڏهن ڪا چرندڙ شيءِ هئي ته اهو هيو نوجوان جيڪو پنهنجو پاڻ کي قاتل ثابت ڪرڻ لاءِ دليل ڏئي چڪو هو. نوجوان پنهنجن سڏڪن کي روڪيندو جج کي چيو.

    اي عدل جا حاڪم آءُ ڏوهي آهيان، مون کي ڏوھ جي سزا ملڻ گهرجي نه!!؟

    جج جيڪو حيرت وچان نوجوان جا دليل ٻڌي رهيو هو، نوجوان جي ان معصوميت سان ڀريل جملي کي ٻڌي، پنهنجي لڙڪن کي روڪي نه سگهيو، هن ڪنڌ کي اهڙي نموني ڌوڻيو ڄڻ جج کي اڳين ڪيس جو ڪنهن فيصلو ٻڌائي ڇڏيو هجي. هن پنهنجي قلم سان فائيل ۾ پيل ڪاغذن تي ڪجھ لکيو ۽ انصاف جي ڪرسي تان اٿي، هيٺ لهي اچي نوجوان سان ڪٽهڙي ۾ بيٺو.

    جج جي اهڙي عمل تي عدالت اندر ويٺل ماڻهن ۾ حيرت جي لهر ڇائنجي وئي هو هڪٻئي کي تڪيندا رهيا، ڄڻ هڪ ٻئي کان پڇندا هجن ته جج صاحب ڪٽهڙي ۾ ڇو اچي بيٺو آهي؟ پر هو خاموش ئي رهيا.

    اي نوجوان تون قاتل ناهين.... انصاف جي پيغمبر نوجوان سان ڳالهائيندي چيو ته، تنهنجو صرف اهيو قصور آهي ته تون همٿ هاري ويٺو آهين، همٿ ڪر. تون ڪنهن جي آدرشن، اميدن، تمنائن، خواهشن ۽ محبتن جو قاتل ناهين. قاتل ته اهي آهن جيڪي روزگار ڏيڻ لاءِ وڏين ڪرسين تي ويٺا آهن، جن روزگار کي سوني پڃري ۾ بند ڪري رکيو آهي ۽ اهي ماڻهو سوني پڃري جو در ان لاءِ کوليندا آهن، جن وٽ سفارش ۽ رشوت جي ڪنجي هوندي آهن.

    جج صاحب پوءِ اهڙن ماڻهن کي سزا ڇو نٿي ڏني وڃي؟ ڇا انهن لاءِ به ڪا سزا ناهي؟ نوجوان معصوميت سان جج کان پڇيو.

    اي نوجوان هن عدالت جي ڪرسي تي ويهي اهڙن ماڻهن کي سزا نه ٿي ڏيئي سگهجي ڇو ته هن عدالت ۾ صرف انهن ڪيسن جو فيصلو ڪيو ويندو آهي، جيڪي ڏوھ قانون جي ڪتابن ۾ لکيا ويندا آهن. جيئن ته اميدن، آسن، امنگن، خواهشن ۽ محبتن کي قتل ڪندڙ قاتلن لاءِ ڪوبه قلم ناهي ٺاهيو ويو، ان لاءِ هي جج عدالت جي ڪرسي تي ويهي نه، پر هن عدالت جي ڪٽهڙي ۾ توسان بيهي فيصلو ٻڌائي ٿو ته،“تعزيرات، ضمير، قلم دل ۽ دماغ جي نوجوانن جي خوشين پوڙهن پيئرن جي تمنائن، مائرُن جي ممتا ڀريل آسن ۽ دعائن، زندگي جي ساٿاڻين جي محبتن ۽ ٻارن جي پتڪڙين خواهشن ۽ ٻاتڙين ٻولين کي هر روز نئين بندش ڪري، روزگار جي سوني پڃري ۾ بند ڪري قتل ڪيو وڃي ٿو ۽ اهي شخص قاتل آهن، لحاظ هي ضمير جي عدالت انهن ڪرسين تي ويٺل ماڻهن کي ڏوهي قرار ڏيندي موت جي سزا ٻڌائي ٿي: اي نوجوان آءُ هر گهڙي ۾ هر پلڪ توسان گڏ آهيان، هل ته هلي شهر شهر، ڳوٺ ڳوٺ، واهڻ واهڻ، وستي وستي جي هڪ هڪ گھٽي ۽ گھر ۾ اميدن، آسن، تمنائن، خواهشن ۽ محبتن کي موت جي چکيا تي چاڙهڻ وارن خلاف اهڙي عدالت قائم ڪريون، جنهن عدالت ۾ بندوق ۽ ڪهاڙي سان ٿيندڙ قتل جو فيصلو خون جي عيوض خون ته هوندو ، پر حسرتن کي قتل ڪندڙن کي سرِعام ڦاهي تي لٽڪائڻ جو قانون ٺاهي فيصلو ڏنو ويندو.

    نوجوان ۽ جج گڏ عدالت کان ٻاهر نڪري ويا، عدالت اندر ويٺل ماڻهن ۾ اهڙي فيصلي ٻڌڻ کانپوءِ چر پر پيدا ٿي، ائين محسوس ٿي رهيو هو ڄڻ جج جي نئين قانون ماڻهو جي جسمن ۾ نئون روح ڦوڪي ڇڏيو هجي.

    *
     
    عبدالغني لوهار ۽ سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي

هن صفحي کي مشهور ڪريو