جي هانءُ نه هارين ڪوهيارل!!!

'ڪهاڻيون' فورم ۾ نرمل طرفان آندل موضوعَ ‏25 جون 2010۔

  1. نرمل

    نرمل
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 اپريل 2010
    تحريرون:
    131
    ورتل پسنديدگيون:
    74
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ادب سان دلچسپي ۽ وڪالت
    ماڳ:
    شاهه لطيف چوڪ ڪوٽڙي
    موڪليندڙ: نرمل کوهارو
    ليکڪه: ف ڏ
    جي هانءُ نه هارين ڪوهيارل!!!
    مومل شام جي پهر ۾ حيدرآباد مان ورسٽي جي بس ۾ واپس هاسٽل طرف اچي رهي هئي ته سندس سوچ جو محور بس ۾ هلندڙ گانو هيو:
    ڪيون ڪي اتنا پيار تم سي ڪرتي هين هم،
    ڪيا جانو گي تم قسم؟..​
    ماضيءَ کان، هن گاني سان سندس يادون سلهاڙيل هيون، سندس وجود جڙيل هو، هي گانو ٻڌڻ سان سندس جيءُ جهرڻ لڳس، ماضيءَ جا گهاريل لمحا کيس تڙپائڻ لڳس، سندس اندر ۾ وڍ پوڻ شروع ٿيس، اهي پيڙائون سندس روح کي چاڪ بڻجي چڪينديون ۽ ڏنڀ ڏينديون رهيس، کيس وجود کوکلو محسوس ٿيندي نظر آيو، پاڻ کان بيزاري ٿي محسوس ڪيائين، فضائن کي گهٽيل محسوس ٿي ڪيائين، ڄڻ قدرت جي ڪيل فيصلن کان انڪاري هجي......ان اضطراب واري ڪيفيت مان ٻاهر نڪرندي سندس دل مان آهه نڪتي ۽ من جي مندر ۾ شيخ اياز جون هي سٽون تري آيس:
    او مڌ ماتا ميت ڪوي!
    آئين امرت اوتيندو.
    پَلُ پَلُ وِهه جي آهه وٽي،
    مُکَ مُکَ ۾ آ زهرڀريو.​
    ...کن پلئه ۾ بس اچي هاسٽل گيٽ وٽ بريڪ هنئي... ڀر ۾ ويٺل ساهيڙي کيس خوابن جي دنيا ۾ محو ڏسي، چيس ... مومل او مومل... اٿ پهچي وياسين... مومل خيالي دنيا مان واپس ايندي هاسٽل طرف رواني ٿي...
    موبائيل جي گهنٽي وڳي ته مومل جي ننڍي ڀيڻ مهوش فون رسيو ڪيو....
    ڪاشف: هاءِ مومل...
    مهوش: نه ادا... مان مومل جي ننڍي ڀيڻ پئي ڳالهايان...
    ڪاشف: مومل ڪٿي آهي؟؟؟ ان کي فون ڏيوس جلدي...
    مهوش: موبائيل کي هولڊ ڪندي... مومل کي زور سان رڙ ڪيائين... مومل...هيڏان اچ... ادا ڪاشف جي فون اٿئي...
    مومل: ننڊاکڙيون اکڙيون مهٽيندي بيڊ تان اٿي مهوش طرف آئي ۽ کيس سواليه نظرن سان ڏسي... ۽ آهسته پڇيائين... ڇا ٿو چوي؟؟؟
    مهوش: اچي وٺ...
    مومل: مومل جي دل جي رفتار تيز ٿيڻ لڳي... پر پاڻ سنڀالي ٿوري دير بعد ڳالهائي ٿي... ”هيلو“... ڪاشف جي دل ڌڙڪڻ لڳي... پاڻ کي سنڀاليندي مومل کي جواب ۾ چيائين...موبائيل پاڻ وٽ ڇو نه رکندين آهين؟؟؟
    مومل: سوري! ننڊ پئي هيس... ٻيو ته توهان کي خبر آهي ته موبائيل مون کي ناهي وڻندي...
    ڪاشف: پر سائين اسان جي ڪري ته رکندا ڪريو نه پليز...!! منهنجا سائين جيستائين توسان ڳالهه ٻولهه نه ٿي ٿئي تيستائين من ماندو ٿو رهي... تمام گهڻي بيقراري محسوس ڪندو آهيان... دل ته چوي ٿي 24 ڪلاڪ توسان ڳالهائيندو رهان... پر..
    مومل: کلندي چويس ٿي... او واهه سائين... واهه
    ڪاشف: خوشي وچان... چڱو ٻڌ... بابا وارن پنهنجي مڱڻي جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي آهي... ايندڙ هفتي پنهنجي مڱڻي آهي.... ان کان پوءِ جلد از جلد شاديءَ جون به تياريون شروع ٿي وينديون...
    مومل: حيران ٿيندي... پر...ايترو جلدي؟؟؟؟
    ڪاشف: ڇو ... تون راضي ناهين ڇا؟؟؟
    مومل: نه...نه... منهنجو هرگز اهو مقصد نه هيو... پر... منهنجي پڙهائي...
    ڪاشف: پڙهائي به پئي هلندي... تون گهٻراءِ نه آئون آهيان نه... سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو... ان خوشيءَ ۾ هڪ دوست ننڍڙي پارٽي ارينج ڪئي آهي، ان لاءِ مان سڀاڻي صبح جو 10 وڳي گاڏي ڏياري موڪليندس توهان تيار هجو... گهٽ ۾ گهٽ ان بهاني تنهنجو ديدار ته نصيب ٿيندو...
    مومل: لڄي ٿيندي... ٺيڪ آهي... مان تيار هوندس...
    مومل خوشي ۾ باغ بهار ٿي رهي هئي، وري خوابن جي پولار ۾غوطو کاڌائين... مستقبل جي پلاننگ کيس وڪوڙي وئي... ڪاشف ننڍي هوندي کان ئي کيس چاهيندو هو، ۽ مومل به کيس پسند ڪندي هئي، مومل ته ننڍي هوندي کان ئي ڪاشف جي نالي ٿيل هئي... ڪاشف پڙهيل لکيل هو ۽ ڪجهه ڏينهن اڳ ئي پرڏيهه کان ڏيهه واپسي ٿي هيس... جيتوڻيڪ هو مومل کان عمر ۾ ڪجهه وڏو هيو، پر هو به ته ساڻس محبت ڪندي هئي... پوءِ اهي ويڇا ڇا جا؟؟؟ اهي عمر جا حساب ڪتاب ڇا جا؟؟؟ ان ئي ڪيفيت ۾ مومل جي من ۾ اياز جون هي سٽون تري آيون:
    سکي! هوا ۾ هڳاءُ آهي، گلي گلي گيت ٿي وئي آ!
    پِيا بِنا ننڊ ڪيئن ايندي، بسنت جي رت بي چئي آ!.
    مهوش: مومل... او مومل... ادي اُٿ صبح جا اٺ ٿي چڪا آهن...
    مومل: يار ڇڏ نه... اڄ ته آچر آهي سمهڻ ڏي...
    مهوش: سندس اوڙهيل چادر ڇڪي لاهي ٿي... اڙي وسري ويئي ڇا... ادا ڪاشف ايندو 10 بجي اڄ پارٽي اٿئي...
    مومل: يڪدم ڇرڪ ڀري اٿئي ۽ فورن تيار ٿيڻ شروع ٿي...
    تقريبن 9:30 ڌاري ڪاشف جي فون آئي..
    ڪاشف: سائين توهان لاءِ گاڏي ڏياري موڪلي اٿم، آئون اوهان جو انتظار ويٺو ڪيان...
    مومل: ٺيڪ آهي... پوءِ مومل جلد ئي گاڏي ۾ ويٺي... گاڏي هلڪي رفتار سان روڊ تي دونهون ڇڏيندي هوٽل طرف رواني ٿي.
    هوٽل ۾ ڪاشف پنهنجي هڪ دوست سان گڏ انتظار ڪري رهيو هو، کيس ڏسندي سندس دل جي ڌڙڪن تمام گهڻي تيز ٿيڻ لڳي. گاڏي هوٽل وٽ پهتي ته ڪاشف دوست سميت وڌي آيو... سائين اچو پريشان ڇو ٿي ويا آهيو!؟ اندر ويهڻ بعد ڪاشف سندس دوست جو ساڻس تعارف ڪرايو ۽ هن جو سندس دوست سان.
    سندس نالو شاهد هو ۽ ڪاشف جو ننڍي لاڪون جو ڪلاس فيلو هو... ۽ ٻئين گڏ پرڏيهه ۾ نوڪري ڪندا هئا. شاهد اڳرائي ڪندي سلام ڪيو ۽ حال احوال وٺڻ شروع ڪيائين. ڪاشف ٻڌايو ته مڱڻي جي خوشيءَ ۾ هي سرپرائيز پارٽي به شاهد ئي ارينج ڪئي آهي... ڪاشف کيس گهورڻ لڳو ۽ هن جي ذهن ۾ اياز جون هي سٽون تري آيون:
    پرين پاڻ ئي پير آيا ڀري،
    وري چنڊ سان اڄ اڱڻ ٿو ٻري!...
    پرين دل خريدي ويو ديد سان،
    وري هار سينگار آيو ڪري!
    وري ڪوڪ ڪويل ڪئي آ ’اياز‘،
    هو پري آ، پري آ، پري آ، پري!​
    ۽ جڏهن هوٽل مان واپس نڪتاسين ته شاهد کيس چيو ته توهان حجاب ۾ تمام گهٽ کاڌو آهي... تنهن تي ڪاشف کلندي شاهد کي چيو ته يارشاهد... مومل تمام شرميلي اٿئي... انڊيا جي پراڻين فلمن واري هيروئن جيان... ۽ ٻئي ٽهڪ ڏيڻ لڳا..
    واپسي لاءِ جڏهن ڪار ۾ ويٺا ته ڪاشف اچي ساڻس بيڪ سيٽ تي ويٺو...۽ ڊرائيور کي چيائين ته گانا هلاءِ... ڊرائيور ٽيپ هلائي ته هي گانو هلڻ شروع ٿيو:
    ڪيون ڪي اتنا پيار تم سي ڪرتي هين هم،
    ڪيا جانو گي تم قسم؟..​
    پوءِ ڪاشف ۽ مومل هڪٻئي کي تڪيندا رهيا ۽ ان عالم ۾ کين دنيا جي ڪا به خبر ڪانه پئي هوڏانهن ڊرائيور گاڏي تمام خراب پئي هلائي، گاڏي تمام خطرناڪ حد تائين اسپيڊ ۾ پئي هلي... ۽ پوءِ ڪاشف مومل کي پنهنجي فيوچر پلاننگ بابت آگاهه ڪري رهيو هو...
    ڪاشف: مومل اڄ تائين جيڪو مون پرڏيهه ۾ ڪمايو پئي سو پنهنجي مائٽن جي غربت کي ختم ڪرڻ لاءِ هيو، هاڻ الله جو شڪر آهي ته حالات به اڳ کان تمام بهتر ٿي چڪا آهن. بس هاڻ پاڻ ٻئي شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي وينداسين ۽ باقي زندگي هڪٻئي سان محبت ڀري گذارينداسين... مومل به ساڻس وچن ڪيو ته هو هر ڏک، سک ۾ ٻانهن ٻيلي هوندي.
    ڪار باءِ پاس تي تيز رفتار سان هلي رهي هئي... اچانڪ ڪار جي سامهون روڊ تان هڪ واٽهڙو ڪراس ڪري رهيو هو.... ڊرائيور ڪار کي اوچتو بريڪ هنئي، واٽهڙو گاڏي اڳيان اچي ويو ۽ سندن ڪار مٿان پويان ايندڙ تيز رفتار ٽرالر چڙهي ويو.... ۽ پوءِ.... ڊرائيور ڪوما واري حالت ۾ زندگي ۽ موت سان جنگ لڙي رهيو هو... ڪاشف پنهنجي حياتيءَ جا پساهه پورا ڪري چڪو هو... مومل کي تمام گهرا ڌڪ لڳا... پر تنهن هوندي به مومل بچي وئي ۽ اسپتال ۾ بيهوش واري نيم حالت ۾ هئي...سندس من لڇي رهيو هو... سندس روح اياز جي هن سٽن ساڻ ڀٽڪي رهيو هو:
    دُور ٿيندا وڃن، روز جوڳيئڙا،
    تون اڃا ٿو جيئن، هاءِ ڙي جيئڙا!
    اوچتو مون ڏٺو اُڀ آسائتو،
    رات ڪاري هُئي ڏيئڙا ڏيئڙا!...​
    مومل کي هوش آيو ته سندس دنيا ئي اجڙي چڪي هئي... سندس وجود کيس ڏنگي رهيو هو... سندس سپنا ساڀيان نه ٿي سگهيا... سندس محبوب کانئس هميشه هميشه لاءِ رسي چڪو هو... کانئس ڏور تمام ڏور هليو ويو هو... ۽ پوءِ مومل جي اکين مان لڙڪ لارون ڪندا رهيا... سندس اکين جو پاڻي به سڪي ويو...سندس جيون اجاڙ ٿي چڪو هو... سندس خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي چڪيون هيون... ڪاشف جي غم کيس اڌ انسان بڻائي ڇڏيس... هاءِ ڙي زندگي ايڏو ستم!! مومل جي من ۾ هاڻي اياز جون هيءَ سٽون ئي ور ور واڪا ڪنديون رهن ٿيون:
    تُون ته ماري وَري پو جيارين پيو!
    ڇو نه هر وقت جي لاءِ مارين پيو؟
    ٿو ڪرين ٻولڙيون تون تتر وانگيان،
    ڪنهن نه سمجهو ته ڇا لئه تنوارين پيو...
    ختم شد
     
  2. نصير چنا

    نصير چنا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 جون 2010
    تحريرون:
    151
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    228
    ڌنڌو:
    رپوٽر آواز ٽي وي نيوز سيتاروڊ
    ماڳ:
    سيتاروڊ
    جواب: جي هانءُ نه هارين ڪوهيارل!!!

    واه سائين واه۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو