شيخ اياز- جديد سنڌ جو عظيم شاعر

'ڪالم' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏3 مارچ 2017۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    حسيب ناياب منگي
    شيخ اياز سنڌي ادب جو اُهو چنڊ، جنهن پنهنجي نروار ٿيڻ سان ئي شعوري ڪرڻن کي اهڙي طرح ته جرڪايو جو سندس ٻالڪپڻي واري وهيءَ ۾ ئي پڙهندڙن جو حلقو حيراني ۾ اچي ويو هو ته ڇا عمر اٿس ڇا ڏات! ڏات ڌڻين جي ڏيهه ۾ هُو اهڙو ڏات ڌڻي ٿي اُڀريو جو سنڌ ۽ هند ته ڇا پر جتي جتي سنڌي ادب جي روشني پوڻ لڳي، تنهن تنهن ديس ۾ نانءُ ڪڍيو. هن جي غير معمولي ڏات اهڙو ته ڏانءُ ڏنو جو سندس تخليق سنڌ جي نوجوانن جي ذهن ۾ انقلاب برپا ڪري ڇڏيو. گهٽيءَ گهٽيءَ مان سندس گيتن جي هٻڪار آئي ۽ سنڌ جو هر ماڻهو شيخ اياز جو مشتاق بڻيو. شاعري جي ڏيهه ۾ هو جديد سنڌي شاعري جو اڳواڻ بڻيو ته سندس نثر جي چاشني جن چکي سي پڻ اُهو چوڻ لڳا ته اياز جو نثر به نظم جيان جڳ ۾ پڌرو آهي. هن جون ڪهاڻيون عام جيوت ۽ سورن جي عڪاسي ڪرڻ لڳيون ۽ ماڻهن مڃيو ته ادب ۾ جتي سندس سوچ پهچي ٿي تنهن صنف کي هو بي مثال ٿو ڪري ڇڏي.

    شيخ اياز جي ڏات شڪارپور ۾ نکري، هن هتان جي خوبصورت ماحول کي اکين سان ڏٺو ۽ تشبيهه ڏئي فڪر جي جوت کي سڀ جي سامهون آڻي پيار جي روشن راهه ڏيکاري. سندس تخليقي پورهئي ۾ ڪٿي ظاهر ته ڪٿي گهڻي ڀاڱي پوشيده هن شهر جا رنگ ۽ ڍنگ نظر اچن ٿا. هُو هتان جي سِڪ ۽ قرب واري ماحول ۾ ڄميو هو، سوڙهين گهٽين ۾ گهمي قدرت جي ڪاريگري کي پَسيو هيائين.

    جت سجُ ڦلا ٿي نڪري ٿو،

    ۽ آڳ الا ٿي نڪري ٿو.

    جت ڏينهن ڪڙهائيءَ جئين ڪڙهن،

    سو ديس مسافر منهنجو ڙي.

    اُهو دور به آيو جو شيخ اياز سنڌ ۾ اُهو شاعر ٿي اُڀريو، جنهن نئين نسل ۾ ديس سان پيار ڪري مٿس سر ساهه وارڻ جو نئون جوش ۽ جذبو پيدا ڪيو. ”سنڌ ديس جي ڌرتي“ جهڙا انيڪ شعر لکي هن جڳ کي حيران ڪري ڇڏيو ته هر وات تي ڪهڙي نموني سندس سرجيل سٽون عام ٿيون ۽ ڏاڍن لاءِ للڪار بڻجي پوري سنڌ مان ٻڌڻ ۾ آيون. تڏهن ئي ته سندس گهڻا ئي شعر يا ڪتاب پابندي هيٺ آيا:

    سهندو ڪير ميار او يار،

    سنڌڙي تي سر ڪير نه ڏيندو.

    شيخ اياز جي شاعري سندس دل جي جذبن ۽ اندر جي احساسن جو آئينو آهي. هو پنهنجي ڳالهه کي وڏي جذبي سان ڪاغذ تي اُڪاري، جذبن جي رنگن جا مفهوم سمجهائي ويو. کل ۽ خوشيءَ جا عڪس، ڏکن ۽ غمن جي تجربن جي تشريح ۽ سونهن سندس سوچن ۾ گهڻو رهندا نظر ٿا اچن. تڏهن ئي ته ههڙا شعر اڄ به پڙهيا وڃن ٿا ته دل کي ول جيان وڪوڙي وڃن ٿا.

    انسانيت جي ڳالهه ڪندي هن ڪيئي دفتر عام ڪيا، ڀلائي، بهتري ۽ پنهنجائپ جا پيغام به کوڙ ڏئي ويو، حقيقت جو اظهار ته ڪجهه هن طرح به ڪري ويو آهي ته:

    هي جهيڙا جهٽا صديءَ جا، ٿي ويندا ڪاغذ رديءَ جا،

    سڀ پوندا تنهنجي ڳٽ ڳچيءَ، جيڪي به تصور بديءَ جا.

    انسان ان ڳالهه لاءِ پابند آهي ته هو پنهنجي من ۾ ڪنهن جي لاءِ زنگ نٿو رکي سگهي. ٻيائي کي من مان ڪڍي ٻاهر ڦٽو ڪرڻ سندس بهترين خوبي تسليم ڪئي وڃي ٿي، مگر انسان پنهنجي ان خوبي کي وساري ويهي رهيو ته اياز به پکين جو مثال ڏيندي چيو هو ته:

    ڏس ته گڏجي هو پکي سڀ، ڪئن نه ڍوري تي لهن ٿا،

    ڪو حسد تن ۾ نه آهي، ڪئن نه هڪ ٻئي کي سهن ٿا.

    شيخ اياز جون تخليقون جتي محبت ۽ پيار جون پرچارڪ آهن اُتي وطن دوستيءَ جو اعليٰ مثال پڻ قائم ڪن ٿيون. سندس ڪلام ۾ انسان دوستي جو پيغام اُهو ثابت ٿو ڪري ته هي شاعري هر دور جي ماڻهن لاءِ اونداهيءَ ۾ لاٽ مثل آهي. اڄ جي دور ۾ ڇا اسان شيخ اياز جي شاعريءَ مان حق سچ جو پيغام پروڙي ان تي عمل ڪري نٿا سگهون؟

    جزا ۽ سزا ۾ هجي، جي هن کي ايمان،

    جبر ائين انسان، ڪنهن تي ڪري ڪينڪي
     
    Hafeez Zakhmi Chandio ۽ سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي
  2. Hafeez Zakhmi Chandio

    Hafeez Zakhmi Chandio
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مارچ 2017
    تحريرون:
    7
    ورتل پسنديدگيون:
    3
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    ڌنڌو:
    سماج سڌارڪ،شاعر ۽ ليکڪ
    ماڳ:
    جوابپور چانڊيو، ضلعو شڪارپور
     
  3. Hafeez Zakhmi Chandio

    Hafeez Zakhmi Chandio
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مارچ 2017
    تحريرون:
    7
    ورتل پسنديدگيون:
    3
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    ڌنڌو:
    سماج سڌارڪ،شاعر ۽ ليکڪ
    ماڳ:
    جوابپور چانڊيو، ضلعو شڪارپور
    جبار سائين سنڌ جي هڪ دور تي لکڻ جي هڪ شاندار ڪوشش ڪئي آهي، شيخ اياز سنڌ جو هڪ نه وسرندڙ تاريخي باب آهي، جڏهن به شاعريءَ جي تاريخ جا پنا اٿلايا ويندا ته انهن پنن منجهه اياز آسمان تي ٽمڪندڙ ستارو ٿي سامهون ايندو جيڪو تاريخ جي هر دور ۾ نوجوان نسل جي نظرن جو مهور رهندو ايندو.
     
  4. Hafeez Zakhmi Chandio

    Hafeez Zakhmi Chandio
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مارچ 2017
    تحريرون:
    7
    ورتل پسنديدگيون:
    3
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    ڌنڌو:
    سماج سڌارڪ،شاعر ۽ ليکڪ
    ماڳ:
    جوابپور چانڊيو، ضلعو شڪارپور
    مهان ڪوي شيخ اياز جي ورسيءَ جي مناسبت سان
    ڪڏهن سنڌ جي سينڌ ميري نه ٿيئي!!

    حفيظ چانڊيو

    شاعر قومن جا بهترين محافظ ٿيندا آهن،اهي پنهنجي قوم جي مٿان آيل مصيبتن کي منهن ڏيڻ جا حل پيش ڪندا آهن، شاعر قومن جو مغز هوندا آهن هر آيل ڏکئي حالت ۾ قوم جي حفاظت ڪندا آهن ۽ جنهن قوم جا شاعر مايا جي موهه تي ضمير جو سودو ڪندا هجن ته ان قوم جو حشر انتهائي خراب ٿيندو آهي ۽ ان ڳالهه ۾ اسان ڏاڍا خوشنصيب آهيون جو اسان جا شاعر ذهن ۽ ضمير جو سودو ڪري خاموش ٿي ناهن ويٺا.اسان جي سنڌي شاعري جنهن جو سرواڻ ڀٽائي آهي، اسان جو وطن سرسبز باغ مثل آهي جنهن ۾ هر هڪ قسم جي خوشبو ڏيندڙ گل موجود آهن،ان باغ جو مالهي مرشد لطيف ئي آهي،جنهن ان باغ جو حقيقي معنٰي ۾ بنياد رکيو،ڀٽائي سنڌي شاعري کي ان منزل تي پهچايوجتي ايندڙ ڪيترين ئي صدين تائين ڪو به شاعر سنڌي شاعريءَ کي پهچائي نه ٿو سگهي.مرشد لطيف کان پوءِ سنڌي شاعريءَ ۾ غزل جي صنف گهڙي آئي،سچل سرمست جيڪو ڀٽائي جي دور جو شاعر آهي ۽ ان کان پوءِ آيل گل، سانگي ۽ ٻيا انيڪ شاعر شاعريءَ جي سمونڊ ۾ گم ٿي ويا،غزل حقيقت ۾ فارسي ٻوليءَ جي صنف هئي ان ڪري سنڌي غزل تي فارسيءَ ٻوليءَ جو گهڻو اثر ويهجي ويو،ان دور ۾ غزل ٻين سڀني شعري صنفن جي ڀيٽ ۾ سرس لکي ويندڙ صنف هئي،اڄ به ائين ئي آهي تنهن جي ڪري اڪثر سنڌي شاعر فارسي غزل جي اثر هيٺ لکندا پئي آيا نه صرف ايترو پر ڪجهه شاعر ته غزل ۾ فارسي غزلن جي طرز تي شعر لکندا هئا اهڙيءَ ريت سنڌي شاعري خاص ڪري غزل تي فارسي ٻولي ۽ فارسي شاعري جو اثر ظاهر ٿيو ۽ اهڙي نموني فارسي ٻولي ۾ لکيل شاعريءَ شاعريءَ جي ميدان ۾ ڪاهي پيو،جڏهن ته اياز جي پهرين شعري مجموعي ۾ پڻ ڪجهه فارسي زده شعر موجود آهن پر جو گهڻو اثر سنڌيءَ شاعري تي پڻ پيو ۽ اهڙو اثر فارسي ٻوليءَ جو تڏهن اڳتي هلي اياز اهڙي اثر مان جان آجي ڪئي ان کي ترت ئي اهو احساس ٿيو ته هو فارسي زده شعر لکي وڏي غلطي ۾ آهي جنهن جو ايندڙ ڪيترين صدين تائين عذاب ڀوڳڻو پوندو آهي ،سنڌ ڌرتيءَ اهڙا شخص پيدا ڪيا آهن جن وقت کي لغام ڏئي ان تي سواري ڪئي آهي ۽ انهن جاندار شين لاءِ هڪ احساس رکندا هئا،جن جيڪڏهن ڪنهن پٿر کي ڪا مناسب جاءِ ڏني ته ان کي ڪائنات جا سڀ ماڻهو متفق ٿي ڪري چمندا ٿا رهن، پيغمبريءَ جو جز شاعر،جنهن سنڌ جي هر شيءَ سان پيار ڪيو آهي ۽ انهن کي پنهنجي اکين ۾ جڳهه ڏني، ان کان پوءِ عورتن ڪجل جي جاءِ تي ڀٽائي جي روضي کي رکي ڇڏيو آهي،اهو ئي سبب هيو جو اياز سنڌي ٻوليءَ کي پنهنجي شاعريءَ استعمال ڪيو،شيخ اياز سنڌ جو پهريون شاعر آهي جنهن ماڻهن کان وسري ويل ٻوليءَ کي پنهنجي شاعريءَ ۾ استعمال ڪري ٻوليءَ کي هڪ دفعو ٻيهار تازگي بخشي،نه صرف ايترو پر اياز ان ڳالهه جي ڪري به وڏي اهميت رکي پيو جو هن سنڌي شاعريءَ کي سنڌ جي طرف موڙي ڇڏيو:

    1.سنڌڙيءَ ساٿ سچوم،ڪوري ڪنڌ ڏنوم

    گهوريس گهوريس سنڌ تان


    2. ڪڏهن سنڌ جي سينڌ ميري نه ٿيئي،

    ڪڏهن موڙ سنڌ جا نه مرجهائجن

    اياز جنهن وقت سنڌي شاعريءَ کي سنڌيت طرف موڙي رهيو هيو بلڪل انهيءَ وقت سرحد جي هن پار نارائڻ شيام سنڌ کان وڇڙڻ جو سوڳ ملهائيندي شعر لکي رهيو هيو ته:

    الائي ڪهڙي شيام ان مان نڪتا سين

    وطن ورڻ ته ڇا،سرحد ڏسڻ نصيب نه ٿي.

    ۽ ان کان پوءِ شاعرن جي هڪ ڊگهي قطار شاعراڻي ميدان ۾ ڪاهي آئي، جن مان گهڻا پڻ اياز کان متاثر ٿيل ٿا ڏسجن، ويهين صديءَ ۾ اياز نه صرف سنڌي شاعريءَ تي ڇانيل پيو ڏسجي بلڪه ادب ۾ به سواءِ فيض جي ٻيو ڪو به شاعر اياز جي قد ڪاٺ جهڙو نه پيو ملي،اياز سنڌي شاعري ته گهڻي ئي ڪئي آهي پر سندس اردو شاعري به پنهنجو مٽ پاڻ آهي:

    جام نند وڪب تلڪ سوتي رهوگي

    ديک دريا خان،دولهه ڪا مزار هِل رها هي

    اور بهي آواز ڦر آني لگي هين

    جام نند ڪب تڪ سوتي رهو گي

    سر په سورج آگيا هين

    رزم گاهه زندگي مين گلگله هين گلگله هين

    کب تلکه سوتي رھوگي،نيند مين روتي رهوگي

    آڪ هم سنگ لحد ڪو توڙ دي آڪ ڦر جيني سي رشتا جوڙ دي.

    اياز جو مٿيون هڪڙو نظم فيض جي الائي ڪيترن نظمن کان شاندار نموني لکيل آهي،فيض جا نظم گهڻو ڪري موسيقيت کان خالي آهن،يا وري هلڪي موسيقي ۾ رچيل آهن،اياز وٽ موسيقيءَ جو درياءُ آهي جيڪي هو پنهنجي شاعريءَ ڏي موڙي ٿو ڇڏي.اياز جو هڪ ٻيو نظم ڏسو جيڪو يقيني طور فيض احمد فيض جي ڏات کان ڏهوڻو مٿاهون آهي

    1.گوري سانپ بلو مين پاگين

    آزادي ڪي نام په هم ڪو

    ڪالي سانپ ملي

    2. ڪاٽ وه هين پنهڪار وه هين

    اپني هريالي ڌرتي پر،

    سانپون يلغار وهين.

    اياز جو اهو نظم ويهين صديءَ دوران سنڌ جي المئي کي ظاهر ڪري ٿو پيو،خاص ڪري نظم جو پويون ٻه سٽون شاعر جي ڏک کي ظاهر ڪن ٿيون پر ڌرتيءَ جي دک کي پڻ ظاهر ڪن ٿيون.

    مٿيون ٻه سٽون اڄ جي سنڌ جي حالت کي وائکو ڪن پيون،اياز وڏي ڪمال جو شاعر آهي پر افسوس اهو آهي جو اسين کيس عالمي ليول طور کيس ناهيون مڃرائي سگهيا،سندس اهڙو قرض پوري سنڌ جي ڪريم مٿان آهي ڇاڪاڻ جو اياز کي اسين عالمي طور متعارف ناهيون ڪرائي سگهيا،سندس شاعريءَ جو ترجمو ٻين ٻولين ۾ سندس شاعراڻي فن ۽ فڪر کي سموري دنيا تائين به ناهيون پهچائي سگهيا ۽ اها وڏي افسوس جي ڳالهه آهي جو هن مهل تائين اسين اياز جي هڪ ڪتاب کي ئي ترجمو ڪري سگهيا آهيون جيڪو سانگس آف فريڊم ” جي نالي ڇپجي چڪو آهي،جڏهن ته ان کان اڳ اردو اديب آصف فرخي پڻ اياز جو هڪ ڪتاب “د اسٽارم ڪال فار پريئرس” جي نالي سان ڇپائي چڪو آهي

    سنڌي ٻوليءَ ۾ اياز تي بهرحال بهتر ڪم ٿي رهيو آهي ۽ ڪنهن حد کان ٿي چڪو آهي، وقت جي ضرورت آهي ته اياز شاعريءَ کي انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري مٿس ڪم ڪجي ته جيئن هن جو فڪر ۽ فن دنيا جي سڀني ماڻهن تائين پهچي سگهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو