• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ساقي ارشاد لورڙ جو غزل اقرار ڪئيان

saqi irshad Lorer

سينيئر رڪن
ساقي ارشاد لورڙ
غزل
اقرار ڪئيان انڪار ڪئيان ، سوچان ويٺو ،
مان اک سان ڪهڙو وار ڪئيان ، سوچان ويٺو ،
مان آسِ رهان پاس رهان پورن ماس رهان ،
تنهن کي ڪيئن ڌار ڪئيان ، سوچان ويٺو ،
مونکي هوء َ ساهڙ جي سهڻي يار لڳي ٿي،
ڇا نيھُ هتي نروار ڪئيان ، سوچان ويٺو ،
ها سالن کان تنها مان ڀي يار رهيو هان ،
هاڻي ڪنهن کي دلدار ڪئيا ، سوچان ويٺو ،
جيڪي خواب سڪون ۽ احساس پيا بخشن ،
هن کي تن کان ڌار ڪئيا ، سوچان ويٺو ،
مان يار جفائن جي دنيا ۾ وفا جي ڇا ، ؟
ڪا آس رکي اظهار ڪئيا ، سوچان ويٺو ،
”ساقي“ هن ۾ قرب قرار ۽ سڪ سار ڏسان ٿو،
ڇا هن کي مان دلدار ڪئيا ، سوچان ويٺو ،
 
Back
Top