ساقي ارشاد لورڙ نظم اڙي او زندگي جانا. اوهانجي ياد ايندي ئي. اسانجي ننڊ ويندي آ، کڻي هؤَ چاھ جي معنيٰ-----؛ اڙانگي راھَ جي معنيٰ------؛ ڏئي ٿي ماٺ کي معنيٰ! مگر جيءَ کي رنجاجي ٿي، سوين سپنا سجائي ٿي ، ڏئي ڄڻ سانت کي تائي، اکين ۾ جوت ٻاري ٿي ، اونڌاري رات ۾ جانا، پسائي عڪس ٿي تنهنجا، وهائي لڙڪ ٿي منهنجا .. رنجائي روح روڳيءَ کي، دَري اهڙي خيالن جي ، کلي “ساقي“ جو ڇا چئجي، رڳو تنهنجو ئي چهرو آ.، اَچي تنهنجي وفا سامنهن، کٽالمحا مٺا لمحا ......!! اکين آڏو ڦِرن پيا ٿا ، اهي پل يار دؤري کي، مٽائن ٿا،ڀلائن ٿا، وري توڏي ورائن ٿا، اچي توسان ملائن ٿا، اڙي اوزندگي جانا ، اوهانجي ياد ايندي ئي،--؟