سڄو ڪوڙ دنيا...

سڄو ڪوڙ دنيا
_________
سڄو ڪوڙ دنيا سڄي ڌوڙ دنيا
فريبي فڪر ۾ سڄي روڙ دنيا

بقا هت نه ڪنهنجي سفرآهي جاري
ايندو موت اهڙو ڪندي سوڙه دنيا ·

وڏو حرث لالچ لڄائي وري لوڀ
خواهش ۾ خواري ڏئي کوڙ دنيا

اندر ۾ آ ڪينوڪپت سڀ جي من ۾
مٿان ٽوه ٿي نه دل ٽوڙ دنيا

سڄو سور ۽ پور گذر ٿي حياتي
خوشين لاءِ ڪانبا ائين اوڙ دنيا

حياتي جو قصو حياتي مماتي
وري ڪيئن آهي ڏنو موڙ دنيا

لبستم دائودپوٽه
 
Back
Top