• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

جشن عيد ميلا د النبي ﷺ

امدا علي قادري

سينيئر رڪن
الله تعالي هن پوري ڪائنات کي پنهنجي محبوب ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جي صدقي ۾ ٺاهيو آهي.
مفتي عبد الحق چشتي
انهي لاءِ اسان تي لازم آهي ته حضور اڪرم، نور مجسم صلي الله تعالي عليه وآله وسلم جي تابعداري ڪيون.
ڳوٺ ٻٽو سميجو ۾ رانجهن سميجو، ساجن علي سميجو ،برڪت علي سميجو ۽ عبد الخالق سميجو پاران عظيم الشان جشن عيد ميلاد النبي صلي الله تعالي عليه وآله وسلم جي پر وقار تقريب زير صدار ميان شبير احمد قادري ٿي گذري ، جنهن ۾ مشهور و معروف نعت خوانن مولود پڙهيا جن ۾ نياز احمد سپيو سڪندري، محمد صالح قادري ،نثار احمد سميجو،ڊاڪٽر محمد نواز عطاري،ظفر علي عطاري ۽ محمد بچل فقير حسيني ،۽ ٻين ڪيترن مقامي نعت خوانن نعتون ۽ مولود شريف پڙهيا ۽ اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض حافظ امداد علي قادري سر انجام ڏنا. وڏي تعداد ۾ عاشقان مصطفي صلي الله تعالي عليه وآله وسلم شريڪ ٿيا، ۽ مهمان خاص طور ميان عبد الجبار قادري ، ميان مجاهد حسين قادري ۽ ميان عبدالحفيظ قادري جن شرڪت ڪئي ،جلسي کي خطاب ڪندي رحيميار خان کان آيل حضرت علامه مولانا مفتي عبد الحق چشتي صاحب جن چيو ته هي پوري ڪائنات حضور اڪرم نور مجسم صلي الله عليه وآله وسلم جي صدقي ۾ ٺاهي ويئي آهي ، انهي لاءِ اسان سڀني انسانن تي لازم آهي ته حضور اڪرم، نور مجسم صلي الله تعالي عليه وآله وسلم جي ٻڌايل طريقي موجب پنهنجي زندگي گذاريون ۽ پنهنجي اولاد کي به انهي جو درس ڏيون ،فتني ۽ فساد کان پرهيز ڪيون،پنهنجي اوڙي پاڙي ۽ دوستن جو وڌ ۾ وڌ احترام ۽ خيال ڪريون، پنج وقت پابندي سان خشوع و خضوع سان نماز باجماعت ادا ڪريون.آخر ۾صلواۃ و سلام پڙهيو ويو ۽ ملڪ پاڪستان جي سلامتي لاءِ دعا گهري ويئي.
 
Back
Top