بنا حب حبيب جي هي زندگي بيڪار

عبدالغني لوهار

سينيئر رڪن
سھسین ڪرین سجدا
توڙي روزا رکین ھزار،

زر ڏئین زکوات ۾،
ڀلي حج ڪرین ھر وار،

کلما پڙھین ڪروڙین،
۽ تسبیح جی تنوار سولنگي
ھن ڏيھ ۾
تون خیراتون ڪرین خرار

"صاحب"ھن صلاح تي
تون ویھي ڪر ویچار

تہ بنا حب حبیب جي
ھئ زندگي بیڪار

تیسین نہ ملندئي "یار"
جیسین اندر نہ اجارئین.
 
Back
Top