• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪفر جڏهن ڪعبه مان ڦهلجڻ لڳي ت دنيا جو حشر ڇا ٿيندو....

کڻيو تڪبر تڪيا ، حيلا ڪيو هلن ، موڙھا تان ن لھن ، لمي راه لطيف جي ۔ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ دهشت جو ديو ڌمال، بندوق يا ڪنھن طاقت سان ن پر فڪري چٽائي سان چٿي سگهجي ٿو ۔۔۔ اچرج جھڙي سوچ آهي اهل علم ماڻھن جي جو علم جي هٿيار هوندي هليا آھن ڌمال جو ڌمچر ڪرڻ ، ڪاڏي منھن مريم جو ڪاڏي ٽنڊوالھيار ، علم جي جي سرچشمي کي خود پنھنجي علم جي سگه جي ڄاڻ ناهي ، اهل علم قلم جي طاقت کي وساري ان عمل کي اختيار ڪيو آهي جنھن عمل جي ڪري اسان سنڌين کي طعنا ملندا رهيا آھن ۔ گهر ٻري پيو اسان ڌمال هڻي ڇا ٿا ٻڌائڻ چاهيو ، ڪھڙو فڪري سنيھو ۽ سڏ ڏيڻ ٿا چاهيون ، قلندر پاڻ ت ڪڏھن ڪو ڌمال جو ڌمچر ڪون مچايو هو ۔ توهان لطيفي فڪر طرف ت ڪون ٿا موٽو جنھن انسانيت ، امن ، آسودگي ۽ آجپي جو پيغام ڏنو آھي ۔۔ ڪفر جڏھن ڪعبه مان ڦھلجڻ لڳي ت باقي دنيان جو حشر ڇا ٿيندو ، رڍ ۽ مينھن وارو مثال آھي ، سٿ ۾ وري اهي شامل آھن ۔ پڙھيو ٿا پڙھن ، ڪڙھن ڪين قلوب ۾ ۔۔۔۔۔۔ ۔ پڙھڻ ت پرجهڻ ، نات پڙھڻ آهي مذاق ۔۔۔۔۔۔۔
 
Back
Top