ڪافر

'ڪهاڻيون' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏7 مارچ 2017۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    ڪافر
    جبار آزاد منگي


    مسجد جي هر هڪ حصي کي رنگ برنگي جهنڊين سان سينگاريو ويو هو، سموري مسجد جي عمارت کي رنگين بلبن سان ڍڪيو ويو هو، لائوڊ اسپيڪر جو آوزر ميلن تائين ٻڌڻ ۾ پئي آيو، ڪيترا مومن پري پري مولوي جو نصحيت ڀريل واعظ کي مسجد جي ٻاهران کلي آسمان هيٺ ٻڌي رهيا هئا. سبحان الله، نعره تڪبير، الله اڪبر..... جا نعرا مسجد تو ڙي ٻاهر هر هر ورجايا پئي ويا، مولوي صاحب وڏي ميڙ جي سامهون ڪرسي تي واعظ ڪري رهيو هو.

    “مومنو! الله تعاليٰ پاڙيسرين جو احترام ڪرڻ، پاڙيسرين جي ڏکن ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ جو حڪم ڪيو آهي، ياد رکو جنهن پاڙيسري کي رنجايو گويا ان خدا کي رنجايو ۽ جهنمي آهي، هر مومن تي پاڙيسري جا سوين حق آهن ۽ حقن تي عمل واسطي نيت جو سچو هئڻ لازمي آهي ڇو ته عمل جو دارومدار نيت تي آهي، جنهن جي نيت کوٽي آهي، اهو به جهنم جي تري ۾ اڇلايو ويندو.” صلوات سڳوري پڙهو توهان کي اڳتي ٻڌايان”

    مولوي صاحب پنهنجيون ڳاڙهيون اکيون کڻي مومن کي ڏٺو جيڪي وڏي آواز سان صلوات پڙهي رهيا هئا، ان وچ ۾ مولوي هڪ عدد پاڻي جو گلاس پي ورتو ۽ دم پٽي واعظ ڪرڻ لڳو،“منهنجا عزيزو حقيقت اها آهي ته منهنجو ڳلو تمام خراب آهي پر سيٺ رمضان جو سڏ مليو ته انڪار ڪري نه سگهيس. بلڪل اهڙا نيڪ مرد جنت جا حقدار آهن، جيڪي ههڙا واعظ ڪرائي ثواب حاصل ڪن ٿا. بلند آواز سان صلوات پڙهو ته اڳتي هلو.

    مسجد اندر ويٺل ماڻهو بلند آواز سان صلوات پڙهن ٿا ۽ مولوي پنهنجي کيسي مان اسٽرپ سلز جي هڪ ٽڪي ڪڍي وات ۾ وجهي ڳالهائڻ لڳي ٿو.“ جيڪڏهن پاڙي ۾ ڪو شخص بيمار هجي ته ياد رکو وڏي آواز سان نه ريڊيو وڄايو، نه ٽي وي ۽ ٽيپ رڪارڊر، ڇو ته وڏي آواز سان مريضن جي ذهن کي تڪليف پهچي ٿي، ياد رکو جنهن پاڙيسري جي دل آزاري، گويا ان خدا جي دل آزاري ۽ اهڙا شخص جهنم جي باھ جا کاڄ بڻايا ويندا.”

    مولوي صاحب جا اهي لفظ ٻڌي سياڻِي مڙس کي چيو،“ڏتل ٻڌ مولوي به چئي ٿو ته وڏي آواز سان ريڊيو نه وڃايو وڃي، هاڻي وڃ مسجد ۾ ۽ لائوڊ جو آواز گھٽ ڪرائي اچ، هاڻي ته منهنجو مٿو ٿو ڦاٽي.

    پر سياڻي مان ڪيئن وڃي چوانِ!، ڪٿي جماعتي مون کي.........

    “ڏتل توکي جماعتي ڪجھ به نه چوندا، آخر مومن آهن، مان بيمار آهيان مومنن کي ضرور رحم ايندو”

    پر سياڻي اڄ جو ٻيو زمانو آهي، ماڻهو ڳالھ ته حق ۽ سچ جي چون ٿا پر خود ان تي پورا ناهن، ڪٿي ائين نه ٿئي جو مون تي هر ڪو لعنت ۽ ملامت ويٺو وجهي.

    خدا واسطي ڏتل، خدا واسطي وڃ ۽ وڃي لائوڊ اسپيڪر جو آواز جهڪو ڪراءِ، مولوي کي وڃي چئه اهو آواز پاڻهي گھٽ ڪرائيندو.

    ڏتل بي اميدي وچان قدم کڻندو مسجد طرف وڃڻ لڳو، مسجد ۽ هن جي گھر ۾ صرف اٺن ڏهن فوٽن جي گھٽي جو فرق هيو ۽ مسجد جي منارن ۾ لڳل چئن لائوڊ اسپيڪرن مان هڪ لائوڊ اسپيڪر جو منهن ڏتل جي گھر ڏانهن هيو، اوچتو ئي اوچتو ڏتل بيهي رهيو، ڄڻ ڪنهن پنڊ پهڻ ڪري ڇڏيو هجيس، هو گھڙ کن بيهي واپس گھر آيو.

    ڇا ڪري آئين؟ سياڻي خفا ٿيندي پڇيس.

    بس موٽي آيس.

    پر ڇو!!؟؟

    ٻڌءِ ڪونه؟ مولوي صاحب چيو پئي ته هي آواز جيستائين به پهچندو اوسيتائين رحمت جا ملائڪ، رحمت جو مينهن وسائيندا رهندا.

    ها، پوءِ ان کي ڇاهي؟ سياڻي ٻئي هٿ مٿي تي رکندي چيو.

    ڇا وري ڇا؟ مان آواز گھٽ ڪرائيندس ته ڀرپاسي جي ڳوٺن ۽ گهرن تي ملائڪ رحمت جو مينهن وسائڻ بند ڪري ڇڏيندا، مان اهيو گناھ جو ڪم ڪونه ڪندس.

    منهنجو مٿو ٿو ڦاٽي ڏتل منهنجو مٿو. سياڻي وڌيڪ دانهون ڪرڻ لڳي، ڏتل مان مري ويندس پوءِ ڪير هوندو تنهنجو حال ڀائي؟ خدا واسطي مسجد جي لائوڊ جوآواز گھٽ ڪراءِ.

    ڏتل سوچ ۾ پئجي ويو، هڪ طرف هن جا حال ڀائي زال جي حالت هئي ته ٻي طرف خدا جي رحمت، هڪ پاسي هن جي ڏکن ۽ سورن کي ورهائي کڻندڙ زال هئي ته ٻئي پاسي جنت جي خواهش رکندڙ مومن ۽ نمازي هئا. ڏتل ڪنهن کي مِٺو ڪري؟ ڪنهن کي ڪڙو؟ خدا ۽ ان جي مومن کي؟ يا پنهنجي زال کي؟ هڪ طرف مولوي جو نصيحتون هيون ته ٻي طرف زال جون درد ڀريون دانهون ۽ ڪوڪون.

    ڏتل سوچ ۾ پئجي ويو ته واقعي! سياڻي مري وئي ته پوءِ.........؟

    نه.....نه اها ئي ته آهي منهنجي حياتي جي سونهن، جنهن بُکُن ۾ رهي به منهنجو ساٿ نه ڇڏيو، مالڪ سائين جي هڪ پٽ ڏئي وجهي ها ته سڀ ڏک دور ٿي وڃن هان. نياڻي وڃي شينهن ڪلهي چڙهي. هاڻ اسين ٻئي زال مڙس هڪ ٻئي لاءِ سهارو آهيون، ٻيو ڪير آهي؟

    او ڏتل خدا کي مڃ.. سياڻي پنهنجي ڪنن ۾ آڱريون وجهندي چيو ۽ ڏتل هوش سنڀاليو، هن جي اڳيان زال جي حالت هئي. ڏتل کي ڊاڪٽر جهليو هيو ته گهر ۾ ڪنهن به قسم جو گوڙ نه هجي ۽ مڪمل آرام هجي. ڏتل کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هو ڇا ڪري. هن کي وري ڊاڪٽر جا چيل لفظ ياد آيا ته“جيڪڏهن سياڻي جي دماغ کي مڪمل آرام نه مليو ته ٿي سگهي ٿو ته هيءَ چري ٿي وڃي.” ڏتل ڪنڌ ڌوڻيو، مان مولوي کي چوان ٿو ته لائوڊ جو آواز گھٽ ڪرائي، يا ويندي رات گذري، خدا جو ڪلام آهي هر ڪو پيو ٻڌي، ڀلا جي هوءَ واقعي به چري ٿي پئي ته پوءِ.....؟؟ نه مون کي جهلڻ کپي پوءَ ڇا به ٿي پوي. ڏتل پڪو ارادو ڪري مسجد طرف وڌيو، مسجد ۾ ويٺل ماڻهن مٿان ٽپندو، مولوي کي چئي ڏنائين،“سائين خدا جي واسطي لائوڊ جو آواز گھٽ ڪريو، منهنجي گھر واري بيمار آهي، هو، وڏي آواز رڙيون ڪري رهي آهي.”

    مولوي جو آواز بند ٿي ويو، اکيون ڦوٽاري زهر ڀري تيز نظر سان ڏتل کي ڏٺو، هوڏانهن ڪجھ مومن ڪاوڙ ۾ اچي ويا.“توکي ڏتا شرم نٿو اچي؟ بي شرم ! خدا جي ڪلام کي روڪائين ٿو، هڪ عورت جي ڪري؟ هڪ زال جي ڪري؟” هڪ مومن ميڙ مان اٿي ڏتل کي ڇنڊ پٽي.

    پر منهنجي زال.......

    “بدمعاش بڪواس بند ڪر” سيٺ رمضان اکيو ڳاڙهيون ڪري ڏتل کي چيو،“نڪري وڃ مسجد مان ڪافر”

    مان ڪافر ناهيان، مسلمان آهيان، پنج ئي وقت نماز پڙهندو آهيان، توهان نٿا سڃاڻو؟ آءُ اهو ئي ڏتل آهيان جيڪو هر نماز جي تڪبير ڏيندو آهيان، هر صبح جي ٻانگ ڏيندڙ ڏتل آهيان.

    پر هي آواز گھٽ نه ٿيندو ڇو ته اهڙيون راتيون هر روز نه اينديون آهن، هڪ اجنبي هڪل ڪندي ڏتل کي چيو.

    پر منهنجي زال جهڙيون زالون سدائين نه ملنديون آهن.

    اڙي زال جي ڪري......... انڌو ٿي ويو آهين؟ سوئر، زليل. هڪ رٽائر صوبيدار ڏتل جي منهن تي چماٽ وهائيندي چيو، توکي خدا جو ڪونه خوف نه ٿيو؟

    ڏتل نماڻيون نظرون کڻي مولوي کي ڏٺو، مولوي صاحب توهان هنن کي سمجهايو ته پاڙيسرن جا ڪهڙا حق آهن ۽ توهان ئي سويل چيو ته ڪو بيمار هجي..........

    پري هٽ خبيث... ابليس، نامعقول... مولوي به پنهنجي ڪاوڙ لڪائي نه سگهيو، تون اهو شخص آهين جنهن کي ڦاهي ڏجي ته به گھٽ نه آهي.

    ۽ توهان نيڪي جو نالو وٺي برائي جو پاڙون پختيون ڪرڻ وارا آهيو، توهان پنهنجي قول جا ڪچا آهيو ۽ قول جو ڪچو ڪافر آهي. ڏتل تڪڙ ۽ جذبات ۾ اهو ڪجھ چئي ويو جنهن جي هن کي سُڌ نه رهي. بس پوءِ ته اڳ جنهن لائوڊ مان نصيحتون ٻڌڻ ۾ پئي آيون، هاڻي ان جي جاءِ دانهن ۽ گارين اچي والاري.

    نه ڇڏيو ڀيڻ جي.... هي ڪافر اٿوَ، زليل ڪتو...ڪميڻو.... قرآن کان ٿو جهلي، الله جي ڪلام کان ٿو ڪن لاٽار ڪري... بي حياءُ.... بي غيرت.... هڻوس موچڙا...ڪيوس اتي ئي پورو... اهي آواز لائوڊ وسيلي پري پري تائين پڙاڏو بڻجي ويا، رحمتن جا ملائڪ ڀڄي ويا ۽ زحمت جا اڳواڻ ۽ ڪيئي شيطان ظاهر ٿي پيا. ڏتل مومنن جي مُڪن... ٿُڪن، ٿڦن ۽ لتن جو نشانو بنجندو رهيو.

    هِن کي پوليس حوالي ڪيو وڃي. سيٺ رمضان فيصلو ڏنو.

    هوڏانهن سياڻي جو دانهون لائوڊ اسپيڪر جي آواز ۾ دٻجي ويون، هوءَ کٽ تان اٿي پر ڪِري پئي،.... نه ماريو منهنجي ڏتل کي نه ماريو منهنجي ڏتل کي.... اهو جملو سياڻي جي اندر جو آواز بڻجي ويو ۽ سياڻي جي دماغ ، سواءِ ان جملي جي ٻيا سڀ جملا ۽ يادون وساري ڇڏيون.

    سياري جي رات ۽ ٿڌ جو زور ۽ ٿاڻي اندر ڏتل جي چُتڙن تي سچُو، پادر وسندا رهيا.... ماءُ جا.... توکي شرم نه آيو؟ ڪافر! ڪافر جا پٽ، صوبيدار پنهنجي مسلمان هجڻ جو ثبوت مهيا ڪندي ڏتل تي موچڙن جو وسڪارو لائي ڏنو. بيغيرت تون مذهب خلاف بغاوت ڪرين ٿو، مان تنهنجي مٿي مان اِها هوا ڪڍي ڇڏيندس ڪافر”

    سائين مان ڪافر ناهيان، ڏتل جهيڻي آواز ۾ صوبيدار کي چيو.

    بس ڪر جوءِ جا !!!.... ۽ ڏتل مار کائيندو رهيو.

    هوڏانهن سياڻي دماغي توازن وڃائي چڪي هئي، نه ماريو منهنجي ڏتل کي، نه ماريو منهنجي ڏتل کي......

    مسجد جو لائوڊ اسپيڪر هڪ ڀيرو وري نصيحت جا جملا ڪڍندو رهيو.... مولوي حقوق الله ۽ حقوق العباد تي ڳالهائڻ لڳو.. سبحان الله... نعره تڪبير، الله اڪبر، نعره ...... جا گڏيل آواز فضا ۾ گونجي رهيا هئا ۽ رحمت جا ملائڪ ٻيهر واپس وري آيا.

    *
     
    سوجهرو هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    اهڙين واعظين ۽ ٻڌندڙن کي سخت سزاڏني وڃي ، گار ڏيڻ فسق ۽ خدا جي مخلوق کي ايذائڻ الله پاڪ کي ايذائڻ جي مترادف آهي
     
    جبار آزاد منگي هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سوجهرو

    سوجهرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 جون 2011
    تحريرون:
    36
    ورتل پسنديدگيون:
    47
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    158
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر پروگرامر
    ماڳ:
    ڪراچي
    تمام بهترين ڪهاڻي آهي سائين.
     
  4. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    ڪهاڻي پسند ڪرڻ لاءِ مهرباني ادا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو