انواب شاه جي گريجوائيٽ انجينيئرس جو ڪٺ، جوڙ ...

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ رسول بخش دائودپوٽه طرفان آندل موضوعَ ‏7 مارچ 2017۔

  1. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    تاثر ...تمهيد

    هيلو هيلو ...
    اسلام عليڪم
    جي سائين وعليڪم سلام ...ڪيئن اسان تي مهرباني ڪئي اٿو اڄ مان هن کي اتساه منجها جواب ڏيئي ويس
    بس ادا هن دنيا ۾ رهندي مشيني ماڻهو ٿي ويا آهيون احساس مري ويا آهن ...ڪجه سوچ آ دل ۾ توهان سان ونڊ ڪرڻ ٿا چاهيون ...منور ابڙو هڪ دم سان سڀ چئي ويو ..
    سائين حڪم ڪريو يار هن بي رونڪ دنيا ۾ سست ٿي ويا آهيون پنهنجي مقصد وارا ٿي ويا آهيون بلڪل هر دوست کان ڪٽيل ڪنهن ڪنڊ ۾ رهجي ويا آهيون ڄڻ...هي دوستن جي ياد جي ستايل سڏ ۾ چوندي مخاطب ٿيو هوم
    بس دائودپوٽه اهو ئي حال آ سڀني جو سوچو آ ته 44 مارچ تي بي سيڪٽر تي گڏجون سڀ انجينيئر دوست ڪيئن آ خيال ....هو چئي ويو
    واه واه يار اهو ته هڪ بهترين سڏ آ ڪجه دوست منهنجي به رابتي ۾ آهن انهن کي به ٻڌائي ٿو وٺان پرو گرام ته پڪو آ نه ...متشقي لهجي ۾ وراڻيو هوم ....
    نه يار هي پرو گرام جو سٽاءُ سائين سليم رضا سمي صاحب جي صلاح سان رٿيو آ ...
    پڪو آ تون اچجانءِ ضرور ...خوشي جي انتها نه هئي نواب شاه جنهن ۾ 86 کان 911 تائين پڙهيا هياسين ...هڪ ٻي گهر جو روپ هو نواب شاه اسان جي جواني جوڀن جي وقت گذرڻ جو پل هو ...سوچن ئي سوچن ۾ سڀني دوستن جو تصور ذهن ۾ گهمڻ لڳو ....عجيب بيقراري ۽ اتساه 4 مارچ جو انتظار ڪرڻ لڳس ...پنهنجي اداري مان ٽي ٻيا دوست به ساڻ ڪيا ۽ هلي پياسين نواب شاه جي طرف ...سيلفيون براڊڪاسٽنگ ڪندا پنهنجي سنڌ جا ڳوٺ جهنگ جهر گهمندا اڳتي هلي رهيا هياسين خوشي جي انتها نه هئي يار هيترو وقت کان پو دوستن کي ڏسڻ و موقعو ملندو ...واه يقين ئي نه اچي پيو
    موري وڃڻ جي بجاءِ وچون رستو ورتوسين پڪا چانگ گهمندا اڳتي روانا ٿيا سين ...ڪٿي فصل پيا ڏسجن ته ڪٿي وري رڃ ۽ ڪلراٺ ڪانڀ ڪڍيل هيو ....غربت به نظر پئي آئي ته وري ڪجه روڊ رستا ءُ پڪا گهر ڏسي آثت پئي آئي سنڌ جو مجموئي حال تمام رحم جهڙو آهي هي ته وچولي جو حال آ پر ٿر ۽ ڪاڇي لاڙ جو ته الائي ڇا حال هوندو ...دل ئي دل ۾ خيال چرندا رهيا ۽ سفر سميٽجڻ جي طرف هيو
    اڙي يار هلو ته هلون بالو جا قبا ...يعني محترم بلول زرداري جي قبر تي قل پڙهندا هلون اتي وڃڻ سان هڪ بهترين مزار ڏٺيسين جنهن ۾ اندران بهترين ڪم ٿيل هيو ..اتان ٿي سڌو نواب شاه شهر ۾ ...اڙي يار هتي ترس هي ڦوٽو آ جنهن جي هوٽل تي چاهيون مانيون گريبيون وٺي پيا کائيندا هئاسين ...
    ڦوٽي جو هوٽل هاڻي تبديل ٿي ويو هيو ۽ نواب شاه جو پورو هليو تصوير هڪ بهترين خوب صورت ٿي پئي هئي هي سڀ زرداري جي محنت آ آصف زرداري جنهن پوري نواب شاه کي رستن روڊن ۽ تعليم گاهن سان پر ڪري ڇڏيو آ چانهن جو آردر ڏيندي مان هي چوندو ويس ...هي لاکي جو هوٽل هيو جيڪو به اسان جي وقت هڪ جهڳي نما هوندو هيو پر هاڻي ڪجه قدر پڪو ۽ سهڻي سٽاءَ سان هيو ...بيرن اسان کي سڃاتو ۽ اسان به سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪئي سين ...چانهن جو مزو ۽ ضرورت هئي ڇو ته شام جي وقت سج لهڻ کان پهرين چانهن مونکي ضوروري لڳنفدي آ ...خير موڪلائي اڳتي هلياسين رستي ۾ منور سان ڪال ڪري وري بي غير يقيني ڪيفيت جو خاتمو ڪندو رهيس ...
    سڌو آڊيٽوريم ۾ پڳاسين ڪجه دوست جنهن ۾ ايوب شر هيو اسان کان پهرين پڳو هيو هن پروگرام جو سرواڻ سائين سليم رضا صاحب به مليو وڏي جوش اتساه سان ڀاڪرن ۾ ماپي نه پئي سگهياسين ...هڪ هنڌ ڪجه نوان انجينيئر رجسٽر ڪري هڪ ڪارڊ بيچ وائيز ٺاهي ڏيندا ويا اسان اهو وٺي پروگرام جو پتو ڪري هاسٽلن طرف هلي پياسين ...رستي ۾ سليم ٻرڙو جيڪو سئي گيس ۾ انجينيئر آ نواب شاه ۾ 88 بيچ جو ۽ عبدالله ملي ويا جن کي ڏٺي به وره لنگهي ويا هيا ...گاڏيو روڪي سيني سان سلجي وياسين ...پو وري هاسٽلن طرف وڃي شام جي نماز پڙهيسين ....ڏاڍي عجيب سسٽم لڳو پيو هيو ايتري تائين جو پوائنٽون به دروازي کان ٻاهر رود تي شاگردن کي کڻي شهر وڃي رهيون هيون اهي راهون رستا ڏسي هڪ پر رونق ۽ ماضي جي ماحول جي جهلڪ جهومي آئي ...واه واه هتي ئي ته بيهندا هياسين جڏهن شهر وڃڻ ٿيندو هيو ڪنهن بس يا پنهنجي يونيورسٽي ،منجهان ....هاڻي هو سڀ هاسٽلون ،شمسالعلماءُ عمر بن محمد دائودپوٽه هاسٽل ،عبيدالله سنڌي هاسٽل مخدوم بلاول هاسٽل شاه عنايت هاسٽل شاه عبداللطيف هاسٽل هي سڀ جون سڀ هاسٽلو جن ۾ هر نئين سال رهنداهياسين ...
    هاسٽلن کان ٿي وري اتي ئي آڊيٽوريم حال ۾ آياسين جتي پروگرام ذري گهٽ شروع ٿي ويو هيو ...ڪجه پريشاني ٿيڻ لڳي ته يار دوست گهٽ آيا آهن نه اينداشايد.... انهي تذبذ ۾ رهندي عجيب بي چيئيني ورايو وري دل کي تسلي ڏيندي دروازي ڏانهن ديد ڪري ويهي رهيم ....آهسته آهسته دوستن جو اچڻ شرو ٿيو حال ڀرجي ويو ...حال تمام بهترين جوڙيو ويو هيو هڪ فني لحافظ کان هوادار ۽ نهايت گيلري سان ڪيڏو به پروگرام ڪجي ته آساني سان ڪري سگهجي ٿو ميوزڪ به هلي رهي هئي جنهن ۾ آڌرڀاءُ ۽ ڀليڪار جي طرز هئي نوجوان دوست ميبڊا جا ميمبر ڪم ۾ رڌل هيا ڪن سجاوٽ ۾ حصو ورتو هيو ته ڪن طعام قيام ۾ ...معلوم ڪرڻ تي خبر پئي ته انهيءَ ڦوٽي جي هوٽل جي پووائنٽ تي لاکي واري هوٽل ۾ ڊنر جو بندو بست ٿيو سڀ دوست سيلفين ۾ لڳي ويا هڪ ٻي سان گڏجي حال اورڻ لڳا .....دوستو گاڏي پوائنٽ تيار آ هلو ته هلون ڦوٽي واري هوٽل واري جڳه تي ....
    سڀ آهسته شائستگي سان هڪ ٻي کي عزت اتساه سڪ ڏيندي گاڏي ۾ ويٺا سين هر ڪو ٻي کي ويهڻ جي گذارشون ڪندي ڪندي ٽهڪڙا ورڇيندي ورهائيندي با رونڪ ٿي ڊنر ڪرڻ هلياسين
    هي ڪا اسپيشل يا سجي يا تڪن جي ڊنر نه هئي پر هڪ سادي با وقار اهائي ڊنر هئي جيڪا شاگردي واري وقت ڪندا هياسين ....
    يعني دال فرائي ،انڊو آمليٽ ،انڊو قيمو ، سفيد چانور آلو .....هاهاها ...يار هي ته بلڪل اهو ئي مينو آ وقت ڄڻ موٽي اچي بيهي ڏسي خوش ٿي رهيو هيو سڀ آفيسر سڀ سٺن ادارن ۾ ۽ پنهنجي هلندي پڄندي وارا ...سڀ اڪيلا ٿي هجوم ٿي هڪ ٻي جي ڏسڻ ياد ڪرڻ ۽ محبت ونڊڻ ۾ پورو هيو گرم گرم ماني ملندي رهي کل خوشين جا ٽهڪڙا لڳندا رهيا سيلفيون ۽ ڪيمرا جي اک پنهنجا منظر سميٽي رهي هئي ....ڪنهن چيو بابا انڊي آمليٽ جي گريبي کپي ....هاهاها سڀ هوڪرا مچي ويا کلندي ذري گهٽ بي هونش ٿي پئي وياسين ....
    خير ماني کائڻ کان پو لاکي کان موڪلائي وري ڪجه دوست بس ۾ چڙهيا ۽ ڪجه اهو ئي پيادل پنڌ هلڻ جو شوق پورو ڪيو ....هڪ ٻي کي گفتا مذاقون ڪندا آڊيٽوريم ۾ پڳاسين ....جتي باقائده ڪلام پاڪ جي تلاوت سان شروعات ٿي ۽ پو سڀني پنهنجو تعرف ڪرائڻ شروع ڪيو مائيڪ ڪجه ايڪو ٿي وڃڻ جي ڪري سمجه ۾ نه پئي آيو ته دوست ڇا چئي رهيو آ ...صلاح ٿي ته بنا مائيڪ جي به تعرف ڪرائي سگهجي ٿو ...سو دوستن مختصر ٻڌائڻ شروع ڪيو جڏهن منهنجون وارو آيو ته مان آڊينس کي مخاطب ٿيندي ڪجه قدر اهي ڳالهيون چئي ويم جيڪي من ۾ سرجي رهيون هيون ۽ اتي ئي منهنجي من جون ماڻهو عدلرشيد مهر جيڪو نيسپاڪ ۾ ڪم ڪندو آ مليو تمام گهڻي خوشي ٿي ...ها هتي هوٽل تي شمن به ملڻ آيو هيو جيڪو رٽائرڊ ڊرائور آهي هاڻي ان جي جاءِ تي ان جو پٽ پوائنٽ هلائيندو آهي
    ۽ هتي وري اسان جو پراڻو يار ڊرئيور ڊاڪٽر اچي مليو ڊاڪٽر پيار ۾ سڏينداهياسين ...نالو سندس غلام محمد هيو ملڻ کان پو ته سڪ لهي به نه پئي ...ساروڻيو سرندي رهيون پروگرام هلندو رهيو ....منهنجي ترغيب کان پو پوين دوستن تفصيل سان تعرف ۽ صلاحون ڏنيون جن کي رقم ڪري ايندڙ پرو گرام رٿيو ويو انهن صلاهن ۾ هڪ هي صلاح به ته يونيورسٽي ۾ پڙهندڙن غريب شاگردن جي پرگهور لهجي ڪو فند جوڙجي جنهن سان انهن جي مدد ٿي سگهي سڀئي يڪ راءِ سان متفق ٿيا ...اتي هڪ نامور شخصيت جيڪو اسلام آباد کان ڪهي آيو هيو ۽ الٽر نيت انرجي ۾ ٽاپ پوسٽ تي ڪم ڪري رهيو آهي ان به پنهنجو خوشي جو اظهار ڪيو ۽ پنهنجون ڪاميابيون شيئر ڪيون ۽ سڀن کي حوصلو ڏنو ته هن دنيا ۾ محنت سان جستجو سان لڳن سان منزل يا مقصد حاصل ڪري سگهجي ٿو ....رفريشمنٽ هلندي رهي ڪڏهن کٽمٺڙا ته ڪڏهن چانهن سان خاطر تواضع ٿيندي رهي ۽ وري چڪن تڪا پيس افراٽن سان ڏنو ويو هاڻي رات جا هڪ لڳي ٽيه منٽ ذري گهٽ ٿي ويا ها ملندي فون نمبر وٺندي ڏيندي وقت ايترو ته جلدي گذري ويو جو خبر ئي نه پئي ....منور کي فرمائيش ڪئي وئي ان گاني جي جيڪو آخري وقت پاس آئوٽ ٿيندي جهونگاريا هئائين ...
    يعني
    هاسٽل جون راتيون هاسٽل جا ڏينهڙا حياتي ۾ ڪڏهن وساري نه سگهبا
    هلڪي ميوزڪ تي هي سانگ ڳائيندي منور ذري گهٽ روئاري ويٺو دوستن کي هڪ خاص ڪيفيت تاري ٿي وئي ...
    وڏ ساه کڻي سڀ تاڙي جي گونج ۾ منور کي داد ڏيندا رهيا واه واه جا آواز اينفدا رهيا ....پاڻ به هاڻي موڪلاڻي ڪندي استاد سليم رضا سمي صاحب ۽ ساندا صاحب کان موڪلائي هليا سين غلام محمد ...ڊاڪتڙ درائيور کان به موڪلايو سين ان ۽ ٻين دوستن رهڻ جا ايلاز ڪيا پر اسان زرداري صاحب جي ڳوٺ رهڻ جو بندوبست ٿيل هيو سڀن سان معضرت ڪري دوستن کان موڪلايو سين ...هڪ عجيب ڪيفيت وڇڙڻ جي ۽ ملڻ جي سڀ گڏجي ويون ...بس سڪون ۾ تروات ۾ اهڙو مزو زندگي ڪڏهن نه ڏنو جنهن ۾ سڀ ڪم ڇڏي صرف حال اورڻ اچجي ۽ ...مونکي ته سنڌ جي پراڻي اها روايت زنده ٿيندي نظر آئي جنهن ۾ دوست مٽ مائٽ پري کان ڪهي اچي حال اوريندا هيا ۽ پو سڄي رات نڙ بيت ،چنگ چپن تي ڪافيون ڳجهارتون مچ ڪچهريون ڪندا هئا ..سو هي به ائين ئي ڪجه گهڙيون پنهنجي هن مصروف زندگي مان زوري ڪڍي اچي دوستن سان بنا سبب بنا مقصد ...مقد صرف ملڻ ۽ رابتن کي تازو ڪرڻ هيو ....ها ها يادگار ...ها هڪ نه وسرندڙ ..ها هڪ پر رونڪ پل گهڙيون سميٽي ساڻ ڪري هرڪو موڪلائي هليو .....ٻي ڏينهن تي بکو خان زرداري صاحب جي نيرن ڪرائڻ کان پو سڪرتنڊ جو چڪر ڏيندي نواب شاه جو گول چڪرو مسجد روڊ اسپتال روڊ لياقت بازار اسٽيشن روڊ ۽ اسٽيشن جا چڪر ڏيندا واپس ٿياسين رستي ۾ ڪوٽ ڏجي جو قلعو به گهمندا آياسين ...جتي ڪنهن اهو به گفتو چيو ته جي هي ٽالپر غدار نه ٿين ها حيدراٻاد جي ميرن جا ته شايد انگريز هتي ڪڏهن به اچي نه سگهن ها...مشهور چواڻي ته
    ميرن کي پنهنجي گهران لڳي
    واه ڪيترو نه ماڻهن کي غدارن سان نفرت آ ۽ سنڌي اسلوب ۽ تقضا ۾ ڪيترو ته هڪ جٽادار جوڙ آ ته ان غدارن کي به هڪ ڪهاوت ۾ آڻي ڇڏيائون جو نسل در نسل هي چوڻي ان ماڻهو لاءِ مخصوص آ جيڪو پنهنجن سان غداري ڪندو آ ....اسان به شل سنڌ جي لاءِ ڪارائتا لاڀائتا ٿيون ........

    اٿم آس اها ڪڏهن ڪيرائيندي ڪوٽ کي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو