باب الاسلام سنڌ ۽ اُن تي تاتارين جا اثر (حقيقي تواريخ جي روشنيءَ ۾)

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏7 مارچ 2017۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,730
    ورتل پسنديدگيون:
    4,287
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    باب الاسلام سنڌ ۽ اُن تي تاتارين جا اثر (حقيقي تواريخ جي روشنيءَ ۾)
    تحرير ۽ تحقيق : عبدالرزاق ميمڻ
    [​IMG]
    باب پهريون
    دوستئو، توهان کي خبر آهي ته ، (مضمون) چاهي ڪهڙو به هُجي، ڪنهنجو به لکيل هُجي، جي مونکي اُن لکت ۾ ٻيو رُخ نظر نه ايندو آهي ته آئون اڀياس ڪري ، ٻئي رُخ کي ڳولي (تصوير کي مڪمل ڪرڻ) جي ڪوشش ڪندو آهيان. ته توهانکي مُنهنجين (پنهنجي يا جوابي تحريرُن ۾) هميشه اُن جو (ٻيو ڇڏيل رُخ اڀياسجي) لکيل ملندو.
    اُن ڪري جو مُنهنجي تحريرون (هن جديد، سائنس ، ٽيڪنالجيءَ ۽ انٽرنيٽ) سهولتن مان فائدو وٺي لکجندڙ تحريرُون هونديو ۽ انهن (تحريرُن ۽ اڀياسن ۾) نيوٽرلٽي هڪ (اهم فيڪٽر) هوندو، ڇوجو مونکي ماضيءَ جون لکيل مڙئي تحريرون (خاص طور تواريخي) پڙهي ۽ سمجهي محسوس ٿيڻ لڳو آهي ته اهي قابض حڪمرانن جون (درٻاري لکيارين) کان لکرائيل ۽ تواريخ جي سچائين کي مسخ ڪري (نه صرف پاڻ پڏائڻ ،پر مذهب يا عقيدي) سان وابسطا هُئڻ ڪري هڪ طرفان لکرايل آهن. جنهن کي هاڻ سنواري ٻيهر پيش ڪرڻون آهي. جنهن ۾ (تصوير جا ٻئي رُخ) هُجڻ گهرجن ها.

    ان سلسلي ۾ مُنهنجو نئون مضمون (باب السلام سنڌ تي تاتارين جا اثر) سليڪٽ ٿيو آهي جو(بُڌ ڌرم) مذهب رکندڙ ۽ (چچ گهراڻي) جي خاطمي کان پوءِ (توحيدي دين اسلام) سنڌ جي قسمت بڻيو جنهنجو ڀرپور دئور(711ع کان 750ع تائين) جو هو ۽ پوءِ سنڌ،ِ تاتاري (عجمين) جي تسلط ۾ آيو ۽ هڪ مختلف (کچڻي منظر) ٿي نُمودار ٿيو.

    جڏنهن اآئون لفظ (تاتاري) استعمال ڪريان ٿو ته يقينن (تواريخ کي پڙهندڙ ۽ سمجهندڙ) سمجهندا هوندا ته مُنهنجو اشارو ڪهڙي (عجمي مُلڪ) ڏانهن هوندو جنهن جو اثر سنڌ جي حالتن تي گهڻو پيو هوندو. ۽ تاتارين (چنگيز خان، هلاڪو خان ۽ قبلائي خان) نسلن جي (جنگي ۽ خونخوار ، وحشي فطرتن) کان به تواريخ اوهان کي سيکاريو هوندو.

    ۽ اها (جنگجو قوم) ڪهڙي علائقي جا رهواسي هُئا. جن پوءِ (دُنيا تي يلغاري)، هُنن پوءِ ڪيئن پوءِ اُتي جي (قومن کي مغلوب) ڪيو هوندو جنهن مان هڪ مُنهنجي سنڌ (باب الاسلام سنڌ) ، پوري دُنيا م (توحيد دين اسلام ) ڦهلائڻ واري سنڌ به آهي.
    باقي اڳيان هلي (باب ٻئي ۾)
     
    آخري ترميم: ‏7 مارچ 2017
  2. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,730
    ورتل پسنديدگيون:
    4,287
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    باب الاسلام سنڌ ۽ اُن تي تاتارين جا اثر (حقيقي تواريخ جي روشنيءَ ۾)
    تحرير ۽ تحقيق : عبدالرزاق ميمڻ
    باب ٻيو
    توهان کي خبر آهي ته (تُرڪ هڪ قديم قوم) آهي جيڪا (وچ ايشيا ۽ ترڪيءَ) ۾ آباد آهي. اڄ ڪله انهن جي گهڻي آبادي (تُرڪي، ازبڪستان، ترڪمانستان، غيزستان) ۾ رهي ٿي. قازڪستان جي به ڪُجه آبادي تُرڪ نسل قوم جي آهي. چون ٿا ته وقت پُراڻي ٻوليءَ ۾ (تُرڪ) لفظ جي معنيٰ آهي (طاقتور) تنهنڪري هن (خانه بدوش قوم) تي سُڃاڻپ لاءِ اهو نالو پيو هو. (تُرڪ نالن) سان پهرئن گڏ ملائي ڪٿي ڪٿي (اوغوز يا توغوز) جو لفظ به ڳنڍبو آهي جيڪو پوءِ (خان) ٿي ڳنڍجندو پيو اچي.
    ڇهين صدي عيسويءَ ۾ ته هيءَ هڪ (خانه بدوش قوم) هوندي هُئي. پر پوءِ اها قوم هڪ طاقتور قوم بڻجي اُڀري، ۽ پنهنجي (سلطنت) قئم ڪرڻ لڳي. جيڪا (منگوليا) ۽ (اُتر چين) جي سرحدن کان وڌندي (بحر اسود) تائين پُهتي. هن (خانه بدوش سلطنت) جو باني ، تومين (بومين) بڻيو. هن جي ڀاءُ (سنجيو خاقان) جيڪو (تومين) کان جُدا ۽ خودمختيار حاڪم هو، مغرب طرف فتحيون حاصل ڪيون. اهوئي سبب ان پويان هو ته (چينين) ان جي حڪومتن جي حدن کي (اتري تُرڪي) ۽ (ڏکڻي تُرڪي) چئي هڪ ٻئي سان ڌار ڀيٽي ڇڏيو.
    سيٿيائي قوم ۽ ٻين قومن کي به (ترڪ النسل) ٻُڌايو وڃي ٿو. جڏنهن ته ، (چينين) تُرڪن کي (هُيونگ نو) جو اولاد (هُن نزاد) ٻُڌايو آهي. ۽ چيو آهي ته اهي (هنُون) جا پاڙيسري هُئا. جن پهرئين صدي عيسويءَ ۾ (هُن) قبيلي کي (منگوليا) مان ڪڍي ڇڏيو هو.
    ڇهين صديءَ جي پوئين اڌ ۾، چين ۾ (سُوئي خاندان) اقتدار ماڻيو هو. سن 581ع ۾ هن خاندان جي زير اثر، ٻنهين (ترڪي سلطنتن) ۾ پاڻ گڏجڻ جواتفاق ٿيو ۽ پوءِ گڏجي هوءَ (ٽينگ خاندان) جي نالي سان هلي. 50 سالن جي محڪوميءَ کان پوءِ (اُتري تُرڪ سلطنت) سن 630ع کان سن 682ع ڌاري، آزادي حاصل ڪري ورتي ، جيڪا 744ع تائين هلي ۽ سن 745ع جي ويجهڙائيءَ ۾، (منگوليا) جي حُڪومت، (اوغوز) کان نڪري (اويغوز) جي هٿن ۾ پُهچي وئي. اها قوم (درياءِ سلنگا) جي ڪنارن تي آباد هُئي. تُرڪن ۽ اوغزي دشمنن جو هڪ جُدا جرگو(خاغان) هو، جيڪو چين جي شهنشاه جي تسلط هيٺ هو. سن 840ع ۾ (اوغيزن) قبيلن تُرڪي (اويغوزن) قبيلائي حڪومت جو خاتمون ڪري ڇڏيو.
    نائين صدي عيسويءَ ۾ منگوليا مان ڪڍيل (اويغوزن) قبيلن ٻن نين سُلطنتُن جو قيام عمل ۾ آندو، هڪ (ڪانجو) ۾ ۽ ٻي (بيش بلق ۽ تراخواجه) ۾. جيڪو (چيني ترڪستان) سڏيو. پوءِ ٻن تُرڪي سلطنتن مان هڪ (ڪانڊ جُو سلطنت) تي سن 1028ع ۾ (تنگت قبيلو) جو قبضو ٿي ويو، جيڪو (ٻئي منگولي عهد) تائين قائم رهيو. (قرقيز)، تُرڪي النسل جي اها آخري قوم هُئي جيڪا (منگوليا ۾) آباد هُئي. اهوئي سبب آهي ته (منگوليا عهد) کان پهرين جون سڀ قبرون (قرغيز قبرون) سڏجن ٿيون.
     
  3. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,730
    ورتل پسنديدگيون:
    4,287
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    باب الاسلام سنڌ ۽ اُن تي تاتارين جا اثر (حقيقي تواريخ جي روشنيءَ ۾)
    تحرير ۽ تحقيق : عبدالرزاق ميمڻ
    باب ٽيون
    ايراني حڪمران نوشروان عادل ( سن 531ع کان 579ع تائين)
    ترڪن جي (مغربي سلطنت)، تڏنهن جڏنهن جنهن جو حُڪمران (ايل خان) هو، سان ساساني حڪمران (نوشيروان عادل) دوستي رکي ۽ پوءِ ان جي مدد سان افغانستان ۾ (هُن قبيلي) کي شڪست ڏني، جنهن کان پوءِ هُن (خزر قبيلن) تي فوج ڪشي ڪري سندن طاقت کي پارو پاره ڪري ڇڏيو. جنهن سان (تُرڪن جي طاقت) ۾ واڌ ايندي وئي ۽ افغانستان ۾ (هُنون قبيلن) جي خال جڳهين کي، (تُرڪ) والاريندا ويا. جنهنڪري (تُرڪن ۽ نوشيروان ۾) اختلاف ٿي پيا. ۽ سن 565ع ۾ تُرڪن جي سردار (ويزا بول) پوءِ تُرڪن سان سان اتحاد ڪرڻ لاءِ سندس درٻار ۾ سفير موڪليو، جنهن کي نوشيروان مسترد ڪري ڇڏيو ۽ سفير کي زهر ڏئي مارائي ڇڏيائين. جنهن کان پوءِ تُرڪن به زور شور سان يلغارون ڪرڻ شروع ڪري ڏنيون، پر ڪُجه نه ڪري سگهيا جو اهو نوشيرواني (عهد ايران) جي عوروج جو عهد هو.
    تُرڪين پوءِ پنهنجي ڪمزوري محسوس ڪندي (رُومي حُڪومت) سان اتحاد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر رومي حڪمران (قيصر جسٽين) پهرئين راضي نه ٿيو پر چئن سالن کان پوءِ سن 675ع ۾ هُن تُرڪن سان اتحاد ڪري ورتو ۽ پوءِ تُرڪن نوشيروان عادل جي (ايراني مملڪت) تي زور شور سان حملا شروع ڪري ڏنا، سندس (هرمزد) جي جانشين سپه سالار (بهرام چوبين) تُرڪن کي شڪست ڏني پر پوءِ به تُرڪن جو ايران جي ڏکڻ حصي تي قبضو رهيو. (تانگ) خاندان (افغانستان ۾) تُرڪن جي مغربي سلطنت جو خاطمون ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي اقتدار کي (پامير) جي مغربي علائقن تائين ڦهلائي ڇڏيو.
    پوءِ تقريبن سئو سالن تائين ( 659ع کان 751ع تائين) هندُوڪش جي اُترئين طرف واريون 16هن بادشاهتون (چين) جي اقتدار اعليٰ کي قبول ڪن ٿيون. جن جو حقيقت سان تعلق بس نالي ۾ ئي هو. چين جي (تانگ خاندان) جي سياست (تُرڪن) به قبول ڪري ورتي. پر (مغربي تُرڪن)، مشرقي تُرڪن کان پوءِ پنهنجي آزادي ۽ اقتدار کي، حاصل ڪري ورتو ۽ ڪُجه عرصي لاءِ (سن 659ع کان 751ع تائين) اُتري تُرڪن جي زير اثر به رهيا. پر (اُتري تُرڪ) اُنهن کي پنهنجي وس ۾ نه ڪري سگهيا.
    مشرقي تُرڪ قبيلن ۾ (تيورگيشن) سڀ کان گهڻو مقبول رهيو، جنهن کان پوءِ اُنهن جي سردارن (خانيت) جا اختيار پنهنجي هٿ ۾ وٺي ڇڏيا. سن 121 هجري بمُطابق 751ع ۾ (تيورگيش سلطنت) جو خاطمون، عربن جي هٿان (نصر بن سيار) جي قيادت ۾ ٿيو.
    چون ٿا ته 576ع ۾، تُرڪن ، ٽورڪ باسپورس(خاڪنائي ڪريما) فتح ڪري چُڪا هُئا، ۽ 513ع ۾ (خرسون) جي ڀتين تائين به پُهچي چُڪا هُئا پر جزيرو نما (خاڪنائي) تي اُنهن جي حڪومت گهڻو وقر رهي نه سگهي ۽ 590ع ڌاري اُتي (بوزنطيني حُڪومت) ٻيهر قائم ٿي چُڪي هُئي. ڪُجه سالن کان پوءِ تُرڪ وري (بوطيني ۽ ايرانين) سان جنگ ۾ مصروف ٿي ويا.
    جڏنهن تُڪن (قوم آلان) فتح ڪيو هو، ته ساساني سلطنت جون حدون، تُرڪي علائقن مان، نه صرف (وچ ايشيا) پر (بحره خزر) سان اچي مليون. غالبن اهي ئي تُرڪ هُئا جنهنجي خلاف (دربند)جون سدون) تعمير ٿيون. پوءِ (خزر) تُرڪي (خانه بدوش) سلطنتن جي روايتن کي قائم رکيو. اُنهن ستين صدي عيسويءَ ۾ گهڻي قوت حاصل ڪري ورتي هُئي. (رودگرگانن) جي تُرڪن پوءِ (ايران جي زبان مذهب) اختيار ڪري ورتو هو، جنهنڪري ساسانين جي زماني ۾ ئي غالبن ڇهين صدي عيسويءَ ۾ ئي تُرڪ انهيءَ علائقي کي فتح ڪري چُڪا هُئا.
     
  4. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,730
    ورتل پسنديدگيون:
    4,287
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    باب الاسلام سنڌ ۽ اُن تي تاتارين جا اثر (حقيقي تواريخ جي روشنيءَ ۾)
    تحرير ۽ تحقيق : عبدالرزاق ميمڻ
    باب چوٿون
    تُرڪن ۾ اسلام جو ڦهلجڻ (سن 98 هجري بمُطابق 716ع)
    سن 98 هجري بمُطابق 716ع ۾ عربن ۽ (جُرجان جي تُرڪن) ۾ جنگ ٿي ان جنگ ۾ تُرڪ ڪامياب ويا، ان دئور ۾ (ساساني سرحدون) درياءِ مُرغاب تائين هُيون ۽ (آمو درياءَ) جي ڪناري تي جهڙپون ٿينديون رهيون، جنهن ۾ اڪثر تُرڪ ئي ڪامياب ٿيندا رهيا. پر ان علائقي ۾ تُرڪ جيڪي هاڻ (ساسانين) جا به سرپرست ٿي چُڪا هُئا، عربن جي خلاف معرڪن ۾ گهڻا ڪامياب نه پئي ويا، عربن امن ۽ شانتيءَ جا پيغام به تُرڪن ڏي موڪليا ۽ خليفي هُشام (105 هجري بمُطابق 724ع کان سن 125 هجري بمُطابق 743ع) تُرڪن جي بادشاه کي اسلام قبول ڪرڻ جي دعوت موڪلي.
    حالانڪه هجرت جي پهرين صديءَ ۾ تُرڪي حملي اورن جي خلاف دفاعي جنگ ۾، تُرڪي علائقا فتح ڪرڻ لاءِ فوج ڪشي به ڪئي وئي پر، تنهن هوندي به مُسلمانن جي جنگي ڪاميابين جي باوُجود، تورڪن جي قبول اسلام تي تمام گهٽ اٿر پيو، ان ڪري جو جيڪي اُصول مُحمد عربي (صلي الله عليه وسلم) حبشين لاءِ مقرر ڪيا هئا ، اُنهن جو اطلاق تُرڪن تي به ڪيو ويو هو يعني (جيسين هو توهان سان نه اُلجهن، توهان به نه اُلجهجو).
    بحرحال (ڪُفار تُرڪ) جي آخري شورش کي 291 هجري بمُطابق 904 عيسويءَ ۾ پسپا ڪيو ويو. جنهن کان پوءِ نتيجو اهو نڪتو جو، (چوٿين هجري ، ڏهين عيسويءَ ۾) تُرڪن پنهنجي مرضيءَ سان اسلام قبول ڪرڻ شروع ڪري ڏنو. ۽ مُسلم تُرڪ پهريون ڀيرو (بُخارا) ۾ فاتحانه داخل ٿيا.
    ان کان به اهم ته (سلجوڪي تُرڪن) جي هٿان، پنجين هجري بمُطابق 11هين عيسويءَ ۾ (ااشياءِ ڪوچڪ) کي فتح ڪيو ويو ۽ (ايلڪ خانيه) يا آل افراسياب اسلام قبول ڪيو جيڪو تُرڪ قوم جو گهڻو تعداد هو يعني (ٻه لک)، ۽ پوءِ اسو سلسلو جاري رهيو. ايستائين جو (وچ ايشيا ۾) موجود ڪُفار (قره ختائي سلطنت) جي واڌ به رُڪاوٽ نه بڻجي سگهي ، اها سلطنت، 12 صديءِ عيسويءَ ۾ وُجود ۾ آئي هُئي، اُن وقت خانن (خان بلا ساغون) جي رياست (ان بلاد) اتهائي اُترئيڻ علائقن ۾ هُئي. جڏنهن انهيءَ سلطنيتت جا ٽُڪڙا ٽُڪڙا ٿيڻ لڳا هُئا تب ان وقت (درياءِ ايلي) جي اُترئين طرف اسلامي سُلطنتون موجود هُيون.
     
  5. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,730
    ورتل پسنديدگيون:
    4,287
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    باب الاسلام سنڌ ۽ اُن تي تاتارين جا اثر (حقيقي تواريخ جي روشنيءَ ۾)
    تحرير ۽ تحقيق : عبدالرزاق ميمڻ
    باب پنجون
    سُلطنت مغول کان (تاتارين جون سلطنتون)
    سلطنت مغول جو قيام نه صرف خود (مغولن) لاءِ، پر تُرڪن ۾ ضم ٿيڻ ڪري (سڀني تُرڪن) لاءِ اضافو بڻيو پر سندن سياسي حيثيت به تقويت جو باعث بڻجي وئي جنهن سان تُرڪن جي سياسي تواريخ کي اهميت حاصل ٿي وئي. ان شموليت کان پوءِ جيڪي به سلطنتون وُجود ۾ آيون (تاتاري سلطنتون) سڏجڻ لڳيون، پر اُهي (اسلام ۽ تُرڪن) اثرن هيٺ رهيون.
    سائبيريا ۾ (درياءِ ارتش) جي ڪناري قائم جديد شهر (ٽوباسڪ) وٽ هڪ نئين تاتاري حڪومت قائم ٿي. هاڻ بجاءِ (يلمغار) جي، هي مُلڪ (اسلام جي چورنگي) بڻجي ويو. ڪلمه تاتار، جيڪو پهرئين، (مغولن لاءِ) استعمال ٿيندو هو، (هاڻ تُرڪي قوم جو) نالو بڻجي ويو. ۽ بل آخر تُرڪن ۾ اسلام جو عمل 15هين صديءَ م مُڪمل ٿي ويو. ۽ 16 صديءَ جي پهرئين اڌ ۾، جزيرڳ جهڙو (بلقان) ۽ (بحر اسد) جي اُترين ڪنارن کان (چيني سرحدُن) تائين سڀئي مُلڪ، تُرڪن جي زير اثر اچي ويا.
    تُرڪ جي مُختلف قبيلن جي (عادتن ۽ رسمُن) بابت گهڻا حوالا اسان کي (مُسلم جاگرافيدانن) وٽان ئي ملن ٿا. ۽ سندن ان کان وڌ تفصيلي حالتون اسان کي صرف (ٽين صدي هجري ، نائين صدي عيسويءَ) دوران (عرب جاگرافيدانن) کان ئي ملن ٿا. جنهن ۾ (تُرڪ نالو) صرف هڪ قبيلن جي هڪ (گُروه) يا زبان جي هڪ شاخ جي حيثيت ۾.
    ڪاشغريءَ کان پوِ جي زماني ۾ (ترڪ ۽ ترڪمان) ٻن مختلف گروهن لاءِ استعمال ۾ آيا. ڇو جو مغرب طرف هجرت ڪري وڃڻ جي ڪري، سندن مماٿليت ٻين تُرڪن کان بلڪل ڀيٽي نه سگهجڻ جهڙي هُئي. منگولن جي عهد تائين، (اوغوز) نالي بدران (ترڪمان) نالي جو رواج اڃان ڪونه پيو هو.
    سورهين صديءَ ۾ (جڏنهن دُنيائي واپار) هڪ نئون رُخ اختيار ڪيوهو ته تُرڪن ۾ نه (اقصادي حيثيت) ۽ نه ئي (ذهني حيثيت) جي ڪا صلاحيت هُئي، ته جيئن هو (روس جي وڌندڙ طاقت) کي مُنهن ڏئي سگهن ها. سترهين صديءَ ۾ روس اهو اصول مُرتب ڪري ڇڏيو ته واپاري خيال کان شين جي تجارت (اُتر ايشيا) جي سڀئي مُلڪ، (رُوس ۽ چين) جي وچ ۾ ڪن. جنهنجي تڪميل سن 1888ع ۾ (سينٽ برگ) جي معاهدي سان ٿي. اهڙيءَ طرح سان رُوس (غازان ۾) ان جي شرعات سن 1552ع ۾ ڪري ڇڏي.
    اوڻيهين صديءَ جي وچ ڌاري، رُوس (وچ ايشيا) تي مقمل قابض ٿي چُڪو هو. سن 1917ع جي (اشتراڪي انقلاب) کان پوءِ ۽ خصوصن سن 1924ع کان پوءِ (قوميتن جي اصول تي) عمل شروع ٿيو ته روسين، مُسلم وحدت ختم ڪرڻ لاءِ (نسلي ۽ لساني) گروه جوڙايا پر ڪامياب نه رهيا. اُن جي ڀيٽ ۾ تُرڪن لي مُتحد ڪرڻ ۾ (عثمانه) گهڻي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي، پر (انٽرنيشنل سازشن) عثمانيه کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو. اوڻيهين صديءَ ۾ ئي جي عثاميه کي عمل ڪرڻ ڏنو وڃي ها ته هونن روس ۽ اشتراڪيت رکندڙن کي مُنهن به ڏنو پر روس )ترڪن لاءَ پنهنجي سرحد کولي ڇڏي ته ترڪ هجرت ڪري (تُرڪيءَ ۾) اچي رهڻ لڳا.
    سن 1990ع ۾ جڏنهن روس ۾ اشتراڪيت جو ذوال آيو ته جهموريت به آزاد ٿي، تُرڪي جهمورائي به ازاد ٿيا اگرچه (لا دينيت) تي به ڪاربند رهيا. مذهب ته وڌيو پر (کچڻي مذهبيت) جو رواج پيو.
     
  6. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,730
    ورتل پسنديدگيون:
    4,287
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    باب الاسلام سنڌ ۽ اُن تي تاتارين جا اثر (حقيقي تواريخ جي روشنيءَ ۾)
    تحرير ۽ تحقيق : عبدالرزاق ميمڻ
    باب ڇهون
    سنڌ جي (باب الاسلام سنڌ) بڻجڻ “711ع کان 750ع“ تائين ۽ عجمي تاتارين جي آمد (750ع) کان اپوءِ تائين ٻي دُنيا جون حالتون .
    دُنيا مان (حضرت عيسيٰ عليه الاسلام ) جو آسمان تائين کڻڻ کان 600 سالن پوءِ تائين ، ۽ آخري نبيءَ اڪرم محمد عربي (صلي الله عليه وسلم) کي دُنيا ۾ آڻڻ تائين، انسانيت پنهنجون سڀئي حدون اورنگهي چُڪي هُئي، ايستائين جو 600 سالن تائين انسانيت کي آخري حدن تائين ڪرڻ ڏنو ويو. (بُخاري شريف ۽ مسند احمد) موجب پوري انسانيت خراب عادتن ۾ ايترو پُهچي چُڪي هُئي جو الله جل شانهُ ممڪن هو ته سندن ان بُڇڙي عملن سزا جي پاداشت ۾ انسان جي نسل کي ئي ختم ڪري ڇڏي ها.
    ضدي ۽ احسان فراموش (شرڪ ۽ بدعت) ڪندڙ انسان، جيڪو (بني اسرائيل نبين) جي اولادن مان هو، ۽ جنهن تي الله جل شانهُ ايترا ته اوڏا نعام عطا ڪيا هُوا، پوءِ به اُن جي باوجُود، اُنهن الله جي نازل ڪيل ڪتابن ۾ تبديليون آڻي پنهنجون هٿ ڪهڙيون حقايتون ۽ روايتون (بدعتون) وجهي، الله جي (آسماني ڪتابن) کي پنهنجي مرضيءَ موجب تبديل ڪري ڇڏيو.۽ (شرڪ) جهڙا عمل ڪرڻ لڳا.
    اُن وقت دُنيا جي مغرب ۾ (رُمي مُشرڪن) جو دئور هو، يورپي مُلڪن ۾ به (شرڪ ۽ بُت پرستي) عام هُئي، ۽ بعد ۾ اُنهن به (عيسايت) قبول ڪري ورتي هُئي. قبوليت کان پوءِ، پنهنجي شروعاتي دئور ۾ انتها پسندي، جاهلن جي پيروي، ۽ (رومي نصرانين) جي بوت پرستيءَ جو شڪار ٿي وئي. ۽ چوٿين صدي عيسويءَ جي آخر ۾ تثليت (ٽرينيٽي) جو عقيدو، اُنهن م جي رت ۾ سُرائيت ڪري ويو.
    اُڀرندي (مشرق) ۾ سج جي اُڀرڻ جي پس منظر ۾ پهرئين مشهور سرزمين يا مملڪت (چين) جي هُئي. ۽ اُنهيءَ سلطنت جو مشهور ترڳن مصلح ڪنفيوسيش(ڪونگ نوت سيو) پنهجو اخلاقي درس ڏيندو هو، ۽ ماڻهن کي مُتاثر ڪندو موڪلائي چُڪو هو. ۽ پوري چين جو نظام (پاره پاره) ٿي چُڪو هو.
    هندستان جي اُتر کان (گوتم ٻُڌ جو ٻُڌ مت) چين ۾ داخل ٿيو هو. جيڪو حضرت عيسيٰ عليه اسلام کان 6 سال پهرين ظاهر ٿيو هو پر اڃان ڪن ئي ماڻهن تي محدود هو. پورو چين (واءِ ۽ شو) خاندانن جي خانه جنگين لهو لهان هو. چين ۾ ڪڏنهن ته خانه جنگي هوندي هُئي ته ڪڏنهن (تاتاري) حملي آصر ٿيندا هُئا ته ڪڏنهن (تبت) وارا. اُن چين جي پاڙي ۾ سنڌ (هند) به هو، جتي اُن زماني ۾ (وچ ايشيا) جي خونخوار (هُن) قبيلي جي حڪومت هوندي هُئي.
    پر جيئن ئي (هُن خاندان) جي حُڪومت پنهنجي مرڪز (درياءِ جيحون) مان ختم ٿي ته پوءِ سنڌ (هند) مان به اُن جا اختيار ختم ٿي ويا. ۽ پوءِ پورو سنڌ (هند) ننچن نڍن راجائن ۾ ورهايو ويو. جنهن ۾ (ٿانيسر) جو راجه (هرش) ۽ (دکن) جو راجه (پلي) اهم هُئا. پر پورو سنڌ (هند) ديوين ۽ ديوتائن جي ڪثرت ڪري، ٻين مذهبن کان گهڻو اڳيان اچي ويو ۽ ڇهين صدي عيسويءَ ۾ (بُت پرستي) پوري اوج تي هُئي.
    معبودن جو تعداد اُن صديءَ ۾ 33 ڪروڙن تائين ٻُڌايو وڃي ٿو. هر (عظيم يا هيبت ناڪ يا نفعو نقصان پُهچائڻ) واري شيءِ (معبود) هُئي. جيڪا (ذات پات) جي هڪ بدترين نظام ۾ جڪڙجي چُڪي هُئي. جنهن ۾ (شودرن) جي زندگي جانورن کان به بدتر بنايل هُئي. هڪ ٻي حُڪومت هُئي جنهن کي (تُرڪستان) چئبو هو.
     
  7. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,730
    ورتل پسنديدگيون:
    4,287
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    باب الاسلام سنڌ ۽ اُن تي تاتارين جا اثر (حقيقي تواريخ جي روشنيءَ ۾)
    تحرير ۽ تحقيق : عبدالرزاق ميمڻ
    باب ستون
    عرب کان علاوه، چين، سنڌ (هند) کان پوءِ ٽي تاتارين جي حڪومت (تُرڪستان) هُئي.
    تُرڪستان (تاتاري) جتان فاتحين جي (هڪ نسل) مان (ٻي نسل) نڪرندي اڳيان وڌندي رهي ۽ تاتاري دُنيا کي فتح ڪندا ويا، ان لڳاتار فتحن حاصل ڪرڻ جي باوجود اُنهن وٽ (انسانيت جي رهنمائيءَ) لاءِ ڪي اُصول ڪونه هُئا. بس (شهر فتح )ڪرڻ ، (کوپڙين جا مينار) ٺاهڻ ۽ حڪومتون ڪرڻ ئي اُنهن جو اولي مقصد هوندو هو.
    رُوم جي عظيم سلطنت ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي، هڪ تي جاهل ۽ خونخوار (جرمن) قابض رهيا جن اهو سمورو نظام درهم برهم ڪري ڇڏيو جنهن ۾ (سينرر) هُئا. هيءَ هڪ اهڙي سلطنت بڻجي وئي جنهن ۾ (اڇا رُومن) مُحترم هُئا، ۽ مفتوح علائقن جا ماڻهون ذليل ۽ خوار ٿيڻ لڳا هُئا.
    ايران (مزوڪيت) کان نڪري (آتش پرستيءَ) طرف وڃي چُڪو هو، ۽ جيئن ئي (نوشيروان) ايرانين کي (آتش پرستيءَ) مائل ڪيو ته (تواريخ جا اُهي بدترين ظُلم) نمودار ٿيڻ لڳا جيڪي تحريرت کان قاصر ٿي ويا. (حبش) جي حُڪومت هُئي جنهن (يمن تي قبضو) ڪيو هو جنهن جو (ابراهه) حڪمران هو، جيڪو (خانه ڪعبه) تي هاٿين جي فوج وٺي چڙهي آيو هو، هي اُهو زمانون هو، جڏهن (آخري الزمان نبي اڪرم مُحمد) صلي الله عليه وسلم دُنيا ۾ آمد ٿي هُئي.
    هڪ اهڙو ماحول جُڙيل هو جنهن ۾ انسان صرف (طاقت، قُوت ۽ بربريت) جي زبان سمجهندو هو، فاتح قوم جنهن کي چاهيندي هُئي عزت ڏيندي هُئي ۽ جنهن کي چاهيندي هُئي تذليل ڪرڻ لڳندي هُئي، ۽ اهو سلسلو مُدتن بلڪه نسلن تائين هلندو هو. (انساني حقَ، اخلاقي اُصولَ، شهري ۽ تمدني نظريا) سڀ (پيغمبرن يا فلسفين) جي تعليم تائين محدود ڪيل ته هُئا پر اُن زماني ۾ سڄي دُنيا، ب(حراوقيانوس کان بحر الڪاهل) تائين بُت پرستي، سرڪ پرستي ۽ بدعت پرستييءَ ۾ غرق ٿيل هُئي.
    اهل عرب (عام طور) ۽ قُريش (خاص طور) تجارت پيشي سان تعلق رکندا هُئا، پر صنعت ۽ حرفت (اندسٽري ۽ ٽيڪنالاجيءَ) ۾ پسمانده هُئا. صرف يمن ۾ (اُن ڪٽڻ) ۽ (چادرون ۽ ڪمبل) جون صنعتون موجود هُيون، ۽ ڪن علائقن ۾ جنگي هٿيار ڄاهڻ جو ڪم به ٿيندو هو. هي ماڻهون پنهنجي (قومي اخلاق، مهمان نوازي، ايفائي عهد، بهادري ۽ فياضي) جي با وجود، گهڻن ئي بُراين ۾ مُبتلا هُئا. شراب نوشي، قمار بازي، ڌيئرن کي جيئرو پُورڻ، ۽ معمولي معمولي ڳالهين تي، جهيڙا جهڳڙا، هڪ ٻئي کي قتل ڪرڻ، سندن شهرت جو حصو هو.
     
  8. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,730
    ورتل پسنديدگيون:
    4,287
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    باب الاسلام سنڌ ۽ اُن تي تاتارين جا اثر (حقيقي تواريخ جي روشنيءَ ۾)
    تحرير ۽ تحقيق : عبدالرزاق ميمڻ
    باب اٺون
    ڪنهن قوم جو ربط ، جي سندن ماضيءَ کان ٽُٽي پوي (جيئن سنڌي قوم به پنهنجو ربط (باب الاسلام سنڌ ۽ توحيدي دين اسلام کان) ٽوڙي ويٺي اهي، ته اهڙيون قومون پوءِ ائين هونديون آهن جيئن ڪنهن گُناه جي نتيجي ۾ پئدا ٿيندڙ ٻار کي ڪو ڪنهن ڪچري جي دٻي ۾ اُڇلائي اچي. اهڙيون قومون پوءِ (ڪوڙن سهارن) کي ڳولينديون آهن جيئن استعماري دُنيا جو بي تاج بادشاه امريڪا، جنهن جا ماڻهون ڪڏهن (مصر جي اهرامن) ۾ ڪڏنهن (روم ۽ يونان) جي مقبرن ۾، ڪڏنهن دفن شُده (مايا تهذيب) ۾ ، پنهنجي اصليت ڳوليندا رهن ٿا ۽ صرف ڳولين ئي ڪونه ٿا پر، پر اُن کي پوري دُنيا ۾ رائج ڪرائڻ جي ڪوشش به ڪندا رهن ٿا. اهي جديد استعماري ڦندا پوءِ (پوري تهذيب) کي هڪ بُکئي مانگر مڇ وانگر ڳڙڪايو ڇڏين جيئن اڄ ڪله سنڌ سان پيو ٿئي.
    مشهور اهو آهي ته سنڌستان (هندستان) ۾ (توحيدي دين اسلام) جي روشني (راجه ڏاهر جي ڪارن ڪرتوتن يا (يمن )جي واپاري پيشه سان لاڳاپيل مُسلم (72 خانه بدوش ) ڪُٽنب ، کي يرغمال ڪري قيد ڪرڻ ۽ کائن مُفت پورهيو (ونگار) وٺڻ، جن اڳواڻي (جُبير بن حيان) ڪري رهيو هو ۽ جن کي پوءِ انگريزن جي دئور حڪومت ۾ ڦهلي هُئي ۽ اُن کان پوءِ اڄ جي سنڌ (هند) ۾ وسندڙ 72 قبيلائي (ميمڻن) قوم، جيڪي پوءِ (ديبل) مان لڏ پلاڻ ڪرڻ سنڌ (هند) جي باقي علائقن ۾ ويا ۽ سنڌ واپسيءَ سان پنهنجي سب (سب ڪاسٽ سان) جهڙوڪ (جُبيري، سنڌي، ڪڇي، ونٿلي، هالاري، ونٿلي وغيره ) ميمڻ سڏجن ٿا ۽ پوءِ ئي سنڌ (711ع کان 750ع) تائين (توحيدي دين اسلام) اپنائي (باب الاسلام جو شرف حاصل ڪيو هو ۽ اهو واقعو 93 هجريءَ جو هو.
    پر تواريخ ٻُڌائي ٿي ته ان کان گهڻو اڳ به ، يعني سن 15 هجريءَ ۾ (عهد فاروقيءَ) ۾ ، سنڌ ستان (هند ستان) جي علائقن (مالا بار ۽ سر انديب) جا ماڻهون به (توحيدي دين اسلام) جي خوشبو سونگهي چُڪا هُئا. جنهن کي پوءِ اڳتي هلي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان (عهد عثمانيه کان خلافت اُميه) تائين ڪنهن نه ڪنهن عالم کي آڻي پنهنجي پنهنجي طريقي سان اسلام جي خوشبو ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪئي هُئي. تڏنهن ئي (مالابار) جي راجه (زمورن يا سامريءَ) معجزه (شق قمر) جو پاڻ مُشاهدو ڪيو هو ۽ تحقيق کان پوِ اسلام قبول ڪيو هُئائين.
    پر 711ع کان پوءِ (راجا ڏاهر جي شڪست) جي واقعي ۽ 72 يمني واپاري مُسلمان قبيلن جو مستقل سنڌ (هند) ۾ رهڻ ۽ (توحيدي دين اسلامي) عبادتن تي عمل ڪري ڏيکارڻ، ۽ لڳاتار(تبليغ ڪري) ڪري سنڌ (هند) ۾ رهندِڙ، (ٻُڌ ڌرم مذهب) وارن آهستي آهستي (711ع کان پوءِ اسلام قبول ڪرڻ شروع ڪيو هو. ۽ پوءِ پورو سنڌ 750ع تائين هڪ مُڪمل (باب الاسلام) ۽ توحيدي دين اسلام مڃڻ وارو بڻجي ويو ۽ اسلام جي پکيڙ پوءِ سنڌ مان شروع ٿي وئي.
     
  9. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,730
    ورتل پسنديدگيون:
    4,287
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    باب الاسلام سنڌ ۽ اُن تي تاتارين جا اثر (حقيقي تواريخ جي روشنيءَ ۾)
    تحرير ۽ تحقيق : عبدالرزاق ميمڻ
    باب نائون
    توحيدي دين اسلام
    ته ياد رکڻ گهرجي ته مُسلمانن جو اسلام ئي واحد (توحيدي ۽ تبليغي) دين آهي جنهن جي شروعات گهڻن معبودن جي انڪار ۽ پوءِ ئي الله کي مڃڻ (لا الاه ، الي الله ) سان شروع ٿئي ٿي ۽ جنهنجي تبليغ (مُحمد رسول الله) تي ختم ٿئي ٿي. ۽ (آخري خُطبي خُتم سان) هن تي مُهر (سربند) ڪيو ويو آهي ۽ (شرڪ) نه ڪرڻ جو حڪم آهي يعني ڪهڙي به قسم جي عبادت هُجي، ڪنهن کان به گهرڻو هُجي، ڪنهن جي اڳيان جهُڪڻو هُجي اُهو صرف هڪ الله آهي ، نه ڪو(نبي، نه ڪو اصحابي، نه ڪو، ولي الله، نه ڪو بُزرگ يا درويش) ۽ ڪعبي ۾ رکيل اهڙا عبادت لاءِ ولين . بُزرگن جا رکيل (سڀ بُت) ڀور ڀور ڪيا ويا.
    ته هاڻ ڪابه روايت ڀلي ڪيتري به ڀلي ڇو نه هُجي هن دين ۾ ملائي (بدعت) يا وڌائي ڪري نٿي سگهجي. مغرب جي ٽن رڪعتن بدلي چار رڪعتون نٿيون پڙهي سگهجن، سفر ۾ ڇُوٽ مليل نماز کان وڌ نماز نٿي پڙهي سگهجي، ۽ هي هڪ مُڪمل دين آهي، جنهن تي الله کي به گواه بنائي سيل ڪيو ويو، ته ڪير اضافو نه ڪري ۽ جنهن کي سيکارڻ لاءِ وحي آئي جنهن پوِ۽ 10 اصحابن کي جنت جي بشارت ڏئي وحي ٿيل عبادت جا طريقا (حديث) ۽ ادائگيءَ جا طريقا (سُنتون) لکي محفوظ ڪيا ويا ۽ پوءِ وقت جي عالمن به (مُتفقه عليه) ڇنڊ ڇاڻ ڪري (صحيٰ ستيٰ )جي صورت ۾ ۾ ڪمپائل ڪري اُمت کي سيکارڻ لاءِ اڳيان اندو ته (توحيدي دين اسلام) اُهو دين آهي جنهن ۾ ، ڪو به پنهنجي مرضيءَ جو وڌيڪ اضافو (بدعت) نٿو ڪري سگهي. هن دين ۾ (شرڪ و بدعت) جي ڪا به اجازت ڪانهين. هن دين کي بسميعت (قران) سمجهڻ ۽ عمل (حديث) ڪرڻ وارن لاءِ آسان بڻايو ويو آهي.
    هيءُ تُوحيدي دين ، آخري رسول ، مُحمد عربي (صلي الله عليه وسلم) جي ذريعي انسانن تائين پُهچايو ويو. هي (دُنياوي اعتبار کان ته ديني اعتبار) کان اسلام (شروع کان آخر تائين) 610ع کان 632ع يعني تقريبن 23 سالن تائين عرصي تي محيط هو. صرف 80 سالن جي اندر مُحمد عربيءَ (صلي الله عليه وسلم) جي هن توحيدي دين کي (بحراٽلانٽڪ کان بحرالڪاهل) يعني چين جي مشرقي ڪنارن تائين، قبول ڪرڻو پيو. حضرت محمد رسول الله جي وفات سن 632ع کان عين 100 سال پوءِ 732ع ۾ اسلام فرانس جي شهر (تور) جي حدن ۾ به پُهچي چُڪو هو.
     
    آخري ترميم: ‏8 مارچ 2017

هن صفحي کي مشهور ڪريو