سنڌي ٻوليءَ ۾ حرف اضافت بدران ڪم ايندڙ ’سُر اضافت‘ (Genitive vowel) جو اڀياس

'مقالا' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏7 مارچ 2017۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,935
    ورتل پسنديدگيون:
    27,265
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    سنڌي ٻوليءَ ۾ حرف اضافت بدران ڪم ايندڙ ’سُر اضافت‘ (Genitive vowel) جو اڀياس

    ڊاڪٽر الطاف جوکيو

    The study of Sindhi Genitive Vowel for indicating possession or quality

    Abstract:
    As we study the possessive or genitive case, it means to show the relation of Noun or Pronoun to another Noun or quality by using possessive syntax. This is used to show the possession or quality by using the words ’جو‘ يا ’جي‘، ’جا‘، ’جون‘، ’سندو‘، ’وارو‘ in Sindhi.
    In Arabic or Persian we don’t see such kind of usage, instead of they use possessive diacritical mark (زير اضافت) still there is difference of usage.
    In Urdu there is the concept of Possessive word (کا، کے، کی ) because its basic structure is closely associated with Hindi; due to influence of Arabic and Persian it also carries same pattern of possessive diacritical mark Zair e Izafat (زير اضافت).
    In English the preposition ‘of’ performs the same function, still apostrophe and ‘s’ is widely used; apart from these not any especial word or diacritical mark is used to show possession.
    Although Sindhi is influenced by many languages yet it has its unique structure. It modifies the borrowed rules as all the developing languages do throughout the world.
    There are two parts of possessive or genitive structure: Genitive and Added. Every language has its own Genitive and Added pattern; as:
    • English:
    o Book of Aslam (Added + Genitive)
    o Aslam’s Book (Genitive + Added)
    o Human Development (Genitive + Added)
    • Arabic:
    o طالبُ العلمِ [Talib ul ilme] (Added + Genitive)
    • Persian:
    o طالب ِ علم [Talib e ilm] (Added + Genitive)
    • Sindhi:
    o جي ماءُ گھوٽَ [Ghot’a ji maau] (Genitive + Added)
    o ماءُ گھوٽَ [Ghot’a maau] (Genitive + Added)
    There are two patterns of Sindhi Genitive possessive syntax: the Genitive stands first then Added and vice versa. If the Added stands first, it is said to be the influence of Arabic and Persian Genitive syntax.
    It is a unique characteristic of Sindhi language that last consonant of every word is stressed with short vowel; that’s why singular-plural, Masculine-Feminine, Nominative-accusative and also Genitive cases depend on Short vowel.
    In Sindhi Genitive syntax the concept of Genitive vowel (diacritical mark: Zabar) is found. Question arises, Is there any other vowel to function as genitive syntax like Zabar does?
    This is what the study is all about.

    مسئلي جو بيان

    اسم جي حالتن ۾ ’حالت اضافت‘ جو بيان عام پڙهندا ۽ پڙهائيندا رهيا آهيون؛ يعني جملي جو اهڙو ڀير جنهن جي لفظي ترڪيب ۾ اسم يا ضمير جو لاڳاپو ڪنهن اسم يا صفت سان ڏيکاريو ويندو آهي. ان لاڳاپي ۾ حرف جر: ’جو‘، ’جي‘، ’جا‘، ’جون‘، ’سندو‘ يا ’وارو‘ جا لفظ مالڪي يا خاصيت ڏيکارڻ لاءِ ڪم آندا ويندا آهن. عربي ۽ فارسيءَ ۾ اهڙن لفظن جو تصور ڪونهي، ان ڪارڻ ’زير اضافت‘ کان ڪم ورتو ويندو آهي؛ البته، انهن جي استعمال جو فرق آهي. اردو جو بنيادي ڍانچو ساڳيو هندي وارو ان لاءِ ان ۾ پڻ ’حرف اضافت‘ جو تصور موجود آهي؛ البته، فارسي ۽ عربيءَ جي صرف/ لفظن/ ترڪيبن جي اثر وٺڻ سبب ’زير اضافت‘ کان عام جام ڪم ورتو ويندو آهي. انگريزيءَ جي ترڪيب ۾ حرف اضافت (of) جو تصور هوندي به ’Apostrophe‘ ۽ ’S‘ کان به ڪم ورتو ويندو آهي؛ ان کان علاوه انهن ٻنهي کان سواءِ، بغير ڪنهن اضافي سُر (vowel) جي، پڻ اضافت جو مفهوم ورتو ويندو آهي.
    سنڌي ٻوليءَ جو پنهنجو هڪ نرالو مزاج آهي، جنهن سبب ڪافي ٻولين جا اثر ضرور وٺي ٿي ليڪن انهن کي پنهنجائڻ لاءِ پنهنجي اصولن ۾ به ڦيرائي ٿي. اهو دنيا جي مڙني وسعت پسند ٻولين جو انداز رهيو آهي.
    اضافت واري ترڪيب ۾ ٻه حصا ليکيا ويندا آهن، هڪ: مضاف (لاڳاپو رکندڙ لفظ)، ٻيو: مضاف اليہ (جنهن ڏانهن لاڳاپي جو اشارو هجي). ان نسبت مختلف ٻولين جا ’مضاف‘ ۽ ’مضاف اليہ‘ اڳتي پوئتي رهن ٿا؛ جيئن:
    عربي: طالبُ العلمِ (مضاف + مضاف اليہ)
    فارسي: طالب ِ علم (مضاف + مضاف اليہ)
    انگريزي:
    Book of Aslam{مضاف (Added) + مضاف اليہ (Genitive)}
    Aslam’s Book {مضاف اليہ (Genitive) + مضاف (Added)}
    Human Development {مضاف اليہ (Genitivee) + مضاف (Added)}
    سنڌي:
    گھوٽَ جي ماءُ (مضاف اليہ + مضاف)
    گھوٽَ ماءُ (مضاف اليہ + مضاف)
    جيئن ته سنڌي اضافت ترڪيب ۾ پهريائين ’مضاف اليہ‘ بعد ۾ ’مضاف‘ ايندو آهي، ان صورت ۾ اهڙي ترڪيب جنهن ۾ پهريائين ’مضاف‘ ۽ بعد ۾ ’مضاف اليہ‘ سامهون اچي ٿو، تنهن کي فارسي يا عربي ترڪيب جو اثر چيو وڃي ٿو.
    نرالي خاصيت موجب، سنڌي ٻوليءَ جي هر لفظ جو آخري وينجن (Consonant) ڇوٽي يا ڊگهي سُر (Vowel) سان متحرڪ ٿئي ٿو. اسان جو مذڪر- مؤنث، جمع- واحد ۽ فاعلي- مفعولي توڻي اضافت جون حالتون آخري ڇوٽي سُر تي مدار رکن ٿيون، ان صورت ۾ حرف اضافت کان سواءِ ’زبر اضافت‘ جو تصور به ملي ٿو. اهڙي اضافت‘ کان علاوه سنڌي اضافت ترڪيب ۾ ٻيا سُر (Vowels) به ڪم اچن ٿا، اهڙو ڪجهه اڀياس مان ئي معلوم ٿي سگهي ٿو.

    مسئلي جا سوال
    سنڌي اضافت ترڪيب ۾ پهريائين ’مضاف اليہ‘ بعد ۾ ’مضاف‘ ايندو آهي؛ جنهن سنڌي ترڪيب ۾ ’مضاف‘ بعد ’مضاف اليہ‘ هجي ته ڇا ان تي فارسي يا عربي اثر سمجهيو ويندو؟
    ڇا سنڌي ترڪيب اضافت ۾ حرف اضافت ’جو‘ کان سواءِ ’زيرن زبرن‘ جو استعمال به ٿئي ٿو؟
    سنڌي ترڪيب ۾ ’زبر اضافت‘ جو تصور ملي ٿو، اهڙي تشريحي اصطلاح ۽ تصور جي وضاحت تي ڪهڙن عالمن ڪم ڪيو آهي؟

    سنڌي ٻوليءَ ۾ حرف اضافت جو دائرو (عالمن جي نظر ۾)
    حرف اضافت مان مراد اهڙو لفظ جيڪو اسم يا ضمير جي خاصيت، عمل يا ٻئي اسم جي وچ ۾ لاڳاپي ڏيکارڻ لاءِ حرف جر: ’جو‘، ’جا‘، ’جون‘ يا ’سندو‘ وغيره ڪم آندو وڃي.

    ابڙو عبدالرحيم ارشد
    ابڙو عبدالرحيم ارشد ان حوالي سان مختصر ۽ جامع ڄاڻائي ٿو ته: ”اهڙا اسم، جن جي پويان ڪوبه حرف جر استعمال ٿيل هجي ۽ سندس لاڳاپو ٻئي ڀر واري اسم سان مالڪيءَ ۽ ملڪيت بابت ڏيکاريل هجي ته ان جي حالت اضافت چئبي. مثال: هيءَ رياست عليءَ جي بندوق آهي. ان جملي ۾ ’جي‘ حرف جر ’رياست علي‘ اسم جو تعلق ’بندوق‘ اسم سان مالڪيءَ بابت ڏيکاري ٿو.“ (ابڙو، 1986: 21)

    مرزا قليچ بيگ
    حرف اضافت بابت مرزا قليچ بيگ ڄاڻائي ٿو ته: ”حالت اضافت، جا جملي ۾ انهيءَ اسم جي حالت آهي، جنهن جي پٺيان حرف ’جو‘ اچي ٿو ۽ جو انهيءَ جي ٻئي ڪنهن لفظ سان نسبت يا ڪنهن ٻئي لفظ جي ملڪيت ڏيکاري ٿو، جيئن ته: هي احمد جو ڪتاب آهي. هتي اسم احمد جي پٺيان حرف ’جو‘ آيو آهي ۽ اهو احمد ۽ ڪتاب جو لاڳاپو ٿو ڏيکاري. يعني ته اهو ڪتاب احمد جي ملڪيت آهي. انهيءَ ڪري ڪتاب کي ’مضاف‘ ٿا چون ۽ احمد کي ’مضاف عليہ‘ ۽ ’جو‘ کي ’حرف اضافت‘ ٿا چون. ’جو‘ حرف جي بدران سندو يا وارو يا اهڙو ڪو لفظ به اچي سگهي ٿو.“ (مرزا، 2006: 183)

    ڀيرومل آڏواڻي
    حرف اضافت جي وضاحت ۾ ڀيرومل آڏواڻي صاحب ڄاڻائي ٿو ته: ”گوبند جو ڪتاب ڦاٽي پيو. هتي ’جو‘ لفظ گوبند ۽ ڪتاب جي وچ ۾ مالڪيءَ جو لاڳاپو ڏيکاري ٿو … اهڙيءَ طرح ’جو‘، ’سندو‘، ’وارو‘ لفظ اضافت يا لاڳاپي ڏيکارڻ لاءِ ڪم ايندا آهن.“ (ڀيرومل، 1985: 52)
    ڀيرومل صاحب فوٽ نوٽ ۾ وضاحت ڪندي ڄاڻائي ٿو ته: ”عربي ۽ فارسي ٻولين جي گرامرن موجب گوبند چئبو مضاف اليه يعني اهو جنهن سان ڪجهه لاڳو هجي، ڪتاب چئبو مضاف يعني لڳل يا گڏيل ۽ ’جو‘ چئبو حرف اضافت، پر هلندڙ رواج موجب حرف جر سڏجي ٿو.“ (ڀيرومل، 1985: 52)
    حرف اضافت بدران استعمال بابت ڀيرومل وضاحت ڪري ٿو ته: ” گھوٽَ ماءُ کان اهنر ماءُ تڪڙي. هتي ’گھوٽَ ماءُ‘ معنى ’گھوٽَ جي ماءُ‘ ۽ ’اهنرَ ماءُ‘ معنى اهنر جي ماءُ. هتي نڪي حالت اضافت نڪي جري چوڻ گھرجي پر ’گھوٽ ماءُ‘ ۽ ’اهنر ماءُ‘ اهي مرڪب لفظ ليکڻ گھرجن. ساڳيءَ طرح ’مير بحر‘ مرڪب لفظ آهي جيتوڻيڪ معنى اٿس بحر (سمنڊ) جو امير.
    سوريءَ چڙهڻ سيڄ پسڻ، ايءُ ڪم عاشقن. (شاه)
    هتي ’ايءُ‘ ڪمُ عاشقن معنى هيءُ عاشقن جو ڪم، هتي ’جو‘ لفظ ڳجهو رهيو آهي.
    جتي ماڻڪ ماڳ، تتي چوران تڪيو. (شاه)
    هتي ’ماڻڪَ ماڳ‘ معنى ’ماڻڪ جو ماڳ‘ ۽ چوران تڪيو معنى ’چورن جو تڪيو‘ (ماڳ). اهڙيءَ طرح جو اسم لاڳاپو ڏيکاري ۽ جنهن سان لاڳاپو ڏيکاري سي ٻئي گڏي بيهاربا آهن ته ’جو‘ لفظ ڪم آڻڻ جو ضرور ڪونه ٿيندو آهي. ’پٽم‘ معنى ’منهنجو پٽ‘. اهڙيءَ طرح ضميري پڇاڙي گڏبي ته اضافت جي معنى پاڻ کان پاڻيهي ظاهر ٿيندي.“ (ڀيرومل، 1985: 53- 54)
    اخذ ٿيندڙ نڪتو: ڪاڪي ڀيرومل جيڪا وضاحت ڪئي آهي ۽ عام مثالن سان شاه جي بيت مان مثال (ڪمُ عاشقن، ماڻڪَ ماڳ ۽ چوران تڪيو) ڏنا آهن تن مان پتو پوي ٿو ته حرف اضافت جي بدران مختلف سُر (اُ، اَ ۽ آن) به ڪم آندا وڃن ٿا. اهڙو انداز شاعريءَ ۾ ته ڪم اچي ٿو، ليڪن عام ٻوليءَ ۾ ان جي استعمال ڏانهن به ڀيرومل آڏواڻيءَ هڪ اشارو ڏنو آهي: ’گھوٽَ ماءُ يا اهنرَ ماءُ‘. جنهن مان خيال جڙي ٿو ته حرف اضافت کان سواءِ به مرڪب لفظ جڙن ٿا جنهن ۾ ’اضافت‘ جو تصور حاصل ٿئي ٿو، جنهن کي مرڪب اضافت چئي سگھجي ٿو.

    ڊاڪٽر غلام علي الانا
    ڊاڪٽر غلام علي الانا ’اضافت‘ جي حوالي سان اسم جي ’حالت اضافت‘ ۾ ڪجهه جملا ۽ انهن جي اکيڙ ڏيندي ڄاڻائي ٿو ته:
    ”1. هيءُ اڪبرَ جو ڪتابُ آهي.
    2. هيءَ سونَ جي زنجير آهي.
    3. تو وارو ڀاءُ ڪٿي آهي؟
    4. توهان سندو دوست هزارن ۾ ڪو هڪڙو آهي.
    5. استاد جو خط آيو آهي.
    مٿي ڏنل جملن ۾ ’جو‘، ’جي‘، ’وارو‘ ۽ ’سندو‘ لفظ، حرف اضافت طور ڪم آيا آهن ۽ ’اڪبر، سونَ، تو، توهان ۽ استاد‘ اسمن ۽ ضميرن سان مالڪيءَ جو لاڳاپو ڏيکارن ٿا.“ (الانا، 2010: 57)
    حرف اضافت بابت صاحب موصوف وڌيڪ ڄاڻائي ٿو ته:
    ”انهيءَ ڪري اهو ياد رکڻ گھرجي ته ڪنهن به فقري يا جملي ۾ جنهن به اسم يا ضمير جي فوراً پٺيان مالڪي يا اضافت ڏيکاريندڙ لفظ، جهڙوڪ: ’جو‘ ’جا‘، ’جون‘، ’وارو‘ يا ’سندو‘ ڪم آيا هجن ته اهڙن اسمن يا ضمير جي ’حالت اضافت‘ ٿيندي.“ (الانا، 2010: 57)
    سنڌي ٻوليءَ ۾ ڀيرومل آڏواڻيءَ جي مثالن آڌار، زبر اضافت جي استعمال بابت ڊاڪٽر غلام علي الانا ڄاڻائي ٿو ته:
    ”(ii) اهو نوٽ ڪرڻ گھرجي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪي اهڙا فقرا يا مرڪب اسم به هوندا آهن، جن جي سٽاءَ يا رچنا ۾ حرف اضافت ’جو‘ يا ’جي‘ وغيره، ’زبر اضافت‘ ۾ تبديل ٿي ويندا آهن؛ جيئن:
    حرف اضافت جو استعمال ’جو‘ يا ’جي‘ حرف اضافت جي زبر اضافت ۾ تبديل ٿيڻ
    گھوٽَ جو پيءُ گھوٽَ جو پيءُ
    گھوٽَ جي ماءُ گھوٽَ جي ماءُ
    (نوٽ: امڪان آهي ته تبديل ٿيڻ وارن مثالن ۾ ’گھوٽَ جو پيءُ يا ماءُ‘ وارا مثال پروف جي غلطيءَ سببان ڪتاب ۾ اچي ويا آهن، جن جي درست صورت ’گھوٽَ پيءُ‘ ۽ ’گھوٽَ ماءُ‘ بيهندي. راقم)
    (iii) اهڙيءَ طرح هيٺ ڏنل فقرن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي فقرن جي گھاڙيٽن تي فارسي زبان جي وياڪرڻي ساخت جي اثر جي ڪري، تبديلي ٿي آهي؛ مثال طور:
    سنڌي ٻوليءَ ۾ حرف اضافت جو استعمال: محمد خان جو ٽنڊو- آدم جو ٽنڊو
    فارسي ٻوليءَ جي اثر جي ڪري تبديلي: ٽنڊه محمد خان/ ٽنڊو محمد خان- ٽنڊو آدم
    اهڙيءَ طرح فارسي زبان جي وياڪرڻي اثر جي ڪري، سنڌي ٻوليءَ جي حرف اضافت ۾ آيل تبديلين جا ٻيا مثال هي آهن:
    ڳڙهي ياسين، مير بحر، تڙ خواجا، ڳڙهي خدا بخش، ڳڙهي ياسين، اسلام ڪوٽ.
    (اسلام ڪوٽ ۾ ڄاڻايل فارسي ترڪيب ڪونه ٿي بيهي، ڇاڪاڻ ته هن ۾ ’مضاف اليہ‘ اڳيان اچي ٿو، ياد رهي ته فارسي ترڪيب ۾ ’مضاف‘ اڳيان ايندو آهي. راقم)
    (iiii) شاه لطيف جي رسالي ۾ حرف اضافت جي استعمال جا اهڙا انيڪ، انوکا مثال ملن ٿا؛ مثال طور:
    شاه سائينءَ جي بيت جي سٽ: سوريءَ چڙهڻ، سيڄَ پسڻ، اي ڪم عاشقن
    حرف اضافت جي استعمال جي سمجهاڻي: هن مصرع ۾ ’سوريءَ چڙهڻ مان مراد آهي ’سوريءَ تي چڙهڻ‘؛ اهڙيءَ طرح ’اِي ڪم عاشقن‘ فقري مان مراد آهي اهو ڪم عاشقن جو آهي. سوريءَ اسم جي حالت جري آهي پر ’عاشقن‘ لفظ جي حالت اضافت آهي.
    شاه سائينءَ جي بيت جي سٽ: جتي ماڻڪَ ماڳُ، تتي چوران تڪيو.
    حرف اضافت جي استعمال جي سمجهاڻي: هن مصرع ۾ ’ماڻڪَ ماڳ‘ فقري ۾ ’ماڻڪَ‘ لفظ ۾ ’ڪ‘ حرف مٿان زبر جي استعمال مان مراد هيءَ آهي ته اها زبر، زبر اضافت جو ڪارج ادا ڪري ٿي ۽ ’جو‘ حرف اضافت جي جاءِ تي ڪم آئي آهي. (الانا، 2010: 58- 59)
    اخذ ٿيندڙ نڪتو: الانا صاحب جيڪي اشارا ڪيا آهن، ان ۾ سنڌي ٻوليءَ جي نسبت صرف ’زبر اضافت‘ جو ذڪر ڪيو آهي ۽ مثال گھڻي قدر ڀيرومل آڏواڻيءَ وارا ئي ڪم آندا اٿس؛ باقي ٻين جو ذڪر فارسيءَ جي نسبت سان ڪيو آهي. بيشڪ لفظ ’ٽنڊه‘ جي سنڌي صورتخطي ’ٽنڊو‘ ٿئي ٿي، جڏهن ته ان جي ترڪيب اضافت، فارسي انداز واري بيهي ٿي. دراصل اهڙن نڪتن جو ٻيهر اڀياس ٿيڻ گهرجي.

    واحد بخش شيخ
    اسم جي حالت اضافت جي تفصيلي وضاحت ڪندي واحد بخش شيخ ڄاڻائي ٿو ته: ”جيڪڏهن ڪنهن اسم يا ضمير جي پٺيان حرف اضافت: جو، جي، سندو، سندي يا وارو، واري ايندو آهي ۽ ان جو ٻئي ڪنهن لفظ سان لاڳاپو ڏيکاريندو آهي ته ان اسم يا ضمير جي حالت اضافت يا اضافي چئبي آهي. اضافي ترڪيب جا ٻه ڀاڱا هوندا آهن: 1. مضاف ۽ 2. مضاف اليہ. مضاف جي معنى آهي اها شيءِ جنهن جو ٻئي ڪنهن شيءِ سان لاڳاپو هجي ۽ مضاف اليہ جو مطلب آهي اها شيءِ جنهن سان ٻي شيءِ جو لاڳاپو ڏيکاريل هجي؛ مثلاً: ’ڪاغذ جي ٻيڙي‘ هن ترڪيب ۾ ’ٻيڙي‘ آهي مضاف ۽ ’ڪاغذ‘ آهي مضاف اليہ. حالت اصافت جون ڇهه مختلف صورتون آهن، جي هيٺ ڏجن ٿيون:
    (الف) اضافت تمليڪي: تمليڪي اضافت واري جملي ۾ مضاف ۽ مضاف اليہ جو تعلق مالڪي هوندو؛ مثلاً: بادشاه جو تخت، حڪومت جو ڪارخانو، منهنجو قلم، الله جو ٻانهو، دوست سندو در، طبيب واري دوا وغيره.
    ”عاشق، معشوقن جو وٺي ويهج رندُ“... شاه
    ”ڏيهه ڏکيءَ جو ڏور، رهبر رسج رخ ۾“... سچل
    (ب) اضافت ظرفي: جملي ۾ جيڪڏهن مضاف، مضاف اليہ جو حصو هوندو يا ان ۾ سمايل هوندو يا ان جو اثر هوندو ته مضاف اليہ جي حالت اضافي ظرفي ٿيندي. ظرف معنى آهي ٿانءُ، هنڌ يا جاءِ، جنهن ۾ ڪا شيءِ پيل يا سمايل هجي، مثلاً: گھر جو در، گل جي خوشبوءِ، ڪتاب جي ڳالهه ۽ سياري جي ٿڌ وغيره.
    ”پاڻان چوندئي پيءُ، ڀري جام جنت جو“.... شاه
    ”سٽون سيپارن جون، پڙهڻ ٿيون ثواب“.... سچل
    (ج) اضافت بياني يا توضيحي: جملي ۾ جيڪڏهن مضاف اليہ ۽ مضاف جو لاڳاپو هوندو يا مضاف اليہ، مضاف جي توصيف يا وضاحت ڪندڙ هوندو ته ان حالت ۾ مضاف اليہ جي حالت اضافت بياني يا توضيحي ٿيندي؛ مثلاً: سون جي منڊي، رڪ جي ترار، مس جو داغ، جمع جو ڏينهن، دنبي جو گوشت، اپريل جو مهينو ۽ ڪراچيءَ جو شهر وغيره.
    ”اکر پڙه الف جو، ٻيا ورق سڀ وسار“... شاه
    ”ساجن توهان ڌار، ڏٺم ڏينهن قيام جو“.... سچل
    (د) اضافت ذاتي يا صفاتي: جملي ۾ جيڪڏهن مضاف لفظ مضاف اليہ جي خاصيت يا ذاتي وصف ظاهر ڪندڙ هوندو ته ان مضاف اليہ جي حالت کي اضافت ذاتي يا صفاتي سڏبو؛ مثلاً: سج جي گرمي، چنڊ جي روشني، رات جي اونداهي، دنيا جي لذت، انسان جي ڪمزوري ۽ باه جو تؤ وغيره.
    ”اوٻارا عنبير جا، جر سان اچن جال“.... شاه
    ”آهي ڪو جو جهلي، تکو تاب حسن جو“.... شاه
    (هه) اضافت مجازي يا تشبيهي: جملي ۾ جيڪڏهن مضاف ۽ مضاف اليہ جي وچ ۾ لاڳاپو مجازي يا تشبيهي هوندو ته مضاف اليہ جي حالت مجازي يا تشبيهي چئبي؛ مثلاً: اکين جي اڃ، دل جي ڪٽُ، قدرت جو هٿ، محبت جو مچ، ڏکن جو ڏاج، غلاميءَ جو طوق وغيره.
    ”اُلا جي عشق جا، سي تان تون نه سهين“... شاه
    ”قاتل فوج حسن جي آئي، ڪاهون ڪاه ڪٽڪ“... سچل
    (و) اضافت نسبتي: جملي ۾ جيڪڏهن مضاف ۽ مضاف اليہ جي وچ ۾ ڪو نسبي يا نسلي رشتو ڏيکاريل هجي يا مضاف جي مضاف اليہ سان ڪا نسبت ڄاڻايل هجي ته ان مضاف اليہ جي حالت اضافت نسبتي چئبي؛ مثلاً: الله جي مخلوق، ملڪ جو حاڪم، قوم جو سردار، سيٺ جو نوڪر، پيءُ جو پٽ وغيره.
    ”ڪچ ڪمايم ڪوڙ، ڀڳم عهد الله جا“... شاه
    ”تون گھڻين سندو گھوٽ، مون ورُ تونهين تون“... شاه
    (شيخ، 1986: 200- 207)
    اخذ ٿيندڙ نڪتو: شيخ صاحب عربيءَ جو خاصو ڄاڻو هيو ان لاءِ سندس ڪم ۾ عربيءَ نسبت تفصيلي وضاحت ملي ٿي. عام طالب علمن لاءِ اهو ڪجهه ڊيگهه ۾ شامل ٿي وڃي ٿو؛ البته، سندس ڏنل مثالن ۾ شاه ۽ سچل سائينءَ جا بيت ساراهڻ جوڳا آهن. انگريزيءَ ۾ پڻ ساڳي حالت لاءِ ٻه اصطلاح (Possessive and Genitive case) ڪم ايندا آهن. Possessive ۾ صرف مالڪي ڏيکاريل هوندي آهي جڏهن ته Genitive ۾ صفاتي وغيره به اچي ويندا آهن. ان خيال کان شيخ صاحب جي وضاحت Genitive case واري آهي.

    شيخ محمد فاضل
    پروفيسر شيخ فاضل صاحب ’فارسيءَ جي زير اضافت ۽ سنڌيءَ جي زبر اضافت‘ واري هڪ تنقيصي/ تنقيدي مضمون ۾ اضافت واري ترڪيب تي ڪافي ڇنڊڇاڻ ڪئي آهي، ليڪن ان جو علمي معيار ايترو پختو ڪونهي. لکيو اٿائين ته: ”جناب الانا صاحب سنڌي گرامر ۾ هڪ نئين شيءِ ڳولي لڌي آهي، جنهن کي پاڻ سنڌي ٻوليءَ جي ’زبر اضافت نالو ڏنو اٿن ۽ ان جو فارسيءَ جي ’زير اضافت‘ سان رشتو ڳنڍين ٿا.“ (فاضل، 2006: 50)
    حقيقت ۾ جيڪڏهن فاضل صاحب، ڀيرومل آڏواڻيءَ جي ڄاڻايل مثالن کي غور سان پڙهن ها ته اهڙي راءِ نه جڙين ها. ڊاڪٽر الانا جي ڄاڻايل ’زبر اضافت‘ جو تصور اصل ۾ ڀيرومل آڏواڻيءَ جي مثالن مان ملي ٿو ۽ ان نڪتي جي معاملي ۾ الانا صاحب گھڻي قدر مثال به ڀيرومل آڏواڻيءَ جا کنيا آهن. البت، ’زبر اضافت‘ جو تشريحي اصطلاح ڊاڪٽر الانا ڪم آندو آهي. البت، الانا صاحب جو اهو لکڻ ته: ”قابل توجهه نڪتو هي به آهي ته سنڌي وياڪرڻ ۾ ’اَ‘ (زبر) اضافت جو مفهوم، هوبهو فارسي وياڪرڻ واري ’اِ‘ (زير) اضافت جهڙو آهي. سنڌي ۽ فارسيءَ جي هيءَ نسبت قديم مائٽيءَ يا اثر جو اهڃاڻ آهي.“ (الانا، 1987: 31) وڌاءَ کان ڪم ورتو ويو آهي؛ ڇاڪاڻ ته سنڌي ٻوليءَ ۾ اضافت جو تصور رڳو ’زبر‘ نه پر ٻين سُرن (Vowels) مان به ملي ٿو.
    پروفيسر فاضل، الانا صاحب جي ڄاڻايل اضافت واري ترڪيب جو حوالو ڏيندي لکي ٿو ته: ”… مطلب ته ائين کڻي چئجي ته ڳالهائڻ جا ڪهڙا ڪهڙا لفظ گڏجي مرڪب لفظ ٺاهين ٿا. انهن لفظن کي هڪٻئي ۾ ملائڻ يا جوڙڻ جي ترتيب ڪهڙي آهي، يعني ڪهڙا ڪهڙا لفظ پهرئين جز ۾ ۽ ڪهڙا ڪهڙا لفظ پوئين جز جي صورت ۾ مرڪب لفظ ٺاهڻ ۾ ڪم اچن ٿا. مثال طور: /گھرَ ڌڻي/ مرڪب لفظ ۾ مفرد لفظ /گھر/ اڳ ۾ يعني پهرئين جز جي حيثيت ۾ ۽ /ڌڻي/ لفظ پوءِ، يعني پوئين جز جي حيثيت ۾ ملايا وڃن ٿا. ٻنهي مفرد لفظن جي گڏجڻ کان اڳ، مفرد لفظ /گھر/ جو پويون سُر صوتيه /اُ/ بدلائي /اَ/ ٿو ڪجي، پوءِ ان جي پويان ڌڻي لفظ ملائجي ٿو … جيڪڏهن مرڪب لفظ جي جڙڻ واري ترتيب ۾ ڦيرگھير آڻي /گھرَ ڌڻي/ جي بدران /ڌڻي گھر/ يا /ڌڻيءَ گھر/ چئبو يا لکبو ته پوءِ پوين ٻنهي لفظن مان اها معنى يا مراد هرگز نٿي نڪري جيڪا /گھر ڌڻي/ مرڪب مان نڪري ٿي.“ (فاضل، 2006: 50- 51)
    پروفيسر فاضل، ڊاڪٽر الانا صاحب جي ان اصول تي تنقيص ڪندي لکي ٿو ته: ”ڊاڪٽر الانا صاحب کي ’گھرَ ڌڻي‘ مرڪب ۾ ’گھرُ‘ لفظ جو آخري صوتيو بدلائڻ ته ياد اچي ٿو، پر ٻيا اهي لفظ جن ۾ اضافت ڪم آيل يا سمايل آهي. تن جي وضاحت ڪير ڪندو؟ جيڪڏهن ’گھر ڌڻي‘ بدران ’ڀٽ ڌڻي‘، ’روضي ڌڻي‘، ’سيج ڌڻي‘ يا ٻيو ڪو اهڙو مرڪب، جنهن جي پهرئين مفرد لفظ جي آخري اکر تي پيش بدران زبر، زير يا عام صورت وارو ’ياءِ‘ ڪم آيل هجي ته پوءِ اتي پهرئين جز جي آخري سُر صوتيي مٽائڻ جي ڪهڙي ضرورت پوندي؟“ (فاضل، 2006: 54)
    اصل ۾ ڊاڪٽر الانا ’زبر اضافت‘ جي ئي ڳالهه ڪئي آهي ۽ جهڙوڪر هڪ اصولي طريقه ڪار جي ڳالهه ڪئي آهي ان صورت ۾ اهڙي تنقيص نه ٿي ڪري سگهجي ته ” ’گھرَ ڌڻي‘ مرڪب ۾ ’گھرُ‘ لفظ جو آخري صوتيو بدلائڻ ته ياد اچي ٿو، پر ٻيا اهي لفظ جن ۾ اضافت ڪم آيل يا سمايل آهي. تن جي وضاحت ڪير ڪندو؟“
    پروفيسر فاضل کي جيڪڏهن ڪم ڪرڻو هيو ته ساڳئي اصول کي وٺي اڳتي ڪم ڪري ها، اهوئي طريقو هوندو آهي تنقيد ۽ تحقيق جو!
    اصل ۾ ڊاڪٽر الانا جي ڳالهه ڪرڻ جو رخ جابجا درست آهي، جنهن کي پروفيسر فاضل درست سمجهي نه سگهيو آهي. ڊاڪٽر الانا ’/گھرَ ڌڻي/ جي بدران /ڌڻي گھر/ يا /ڌڻيءَ گھر/‘ ۾ مراد جي تبديليءَ جي ڳالهه ڪئي آهي، جيڪا بلڪل درست آهي. جيئن ته /گھرَ ڌڻي/ يا / ڌڻيءَ گھر/ ترڪيب ۾ ’زبر اضافت‘ ته آهي، ليڪن ٻئي سنڌي ترڪيبون آهن ۽ فارسي ترڪيب سان نه ٿيون جڙن. البت، مراد ۾ فرق اهو ٿئي ٿو ته پهرين ترڪيب ۾ ’مضاف اليہ‘ اڳ ۾ آهي ۽ ٻي ترڪيب ۾ ’مضاف‘ اڳ ۾ آهي. ’گھرَ ڌڻي‘ مان مراد ’گھر جو ڌڻي/ مالڪ‘ ۽ / ڌڻيءَ گھرُ/ مان مراد ’ڌڻيءَ جو گھر‘ آهي، ظاهر آهي ته پهرين ترڪيب ۾ ’ڌڻي‘ ۽ ٻيءَ ۾ ’گھر‘ کي مرڪوز ڪيو ويو آهي.
    اخذ ٿيندڙ نڪتو: پروفيسر فاضل جي جرح مان اها ڳالهه واضح طور تي ملي ٿي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ اضافت جو تصور نه رڳو ’ا‘ (زبر) مان پر ٻين سُرن مان به ملي ٿو.
    اضافت مرڪب (مرڪب لفظ ۾ اضافت جو تصور هجڻ)
    عالمن جي پوري اڀياس مان اهو اخذ ٿئي ٿو ته ٻوليءَ ۾ انهن مالڪي ڏيکاريندڙ لفظن جي بدران ’سُرن‘ (vowels) کان پڻ ڪم ورتو ويندو آهي؛ جنهن کي مرڪب لفظ يا ’اضافت مرڪب’ چئي سگھجي ٿو. اهڙو انداز مڙني ٻولين ۾ ڏسي سگھجي ٿو:
    In English
     Aslam’s attitude (Attitude of Aslam)
     Father’s name (Name of father)
     Cow’s milk (Milk of cow) etc.

    • Use of apostrophe if plural ends in ‘s’
     Clerks’ office (office of clerks)
     Advocates’ bar (Bar of advocates)
     Teachers’ room (Room of teachers)

    انگريزيءَ ۾ apostrophe سان مرڪب لفظ ڪم آندا ويندا آهن جيڪي اضافت جو ڪم ڪندا آهن. ان کان سواءِ به مرڪب لفظ اضافت جي نسبت استعمال ٿيندا آهن، جن جا هيٺ مثال ڏجن ٿا:
    • Without any extra vowel or punctuation for possession
     College affairs (Affairs of college)
     Human problems (Problems of human)
     School dictionary (Dictionary of school) etc.

    فارسي ۽ عربي اهڙيون ٻوليون آهن جن ۾ حرف اضافت جي حوالي سان ڪو خاص لفظ استعمال ڪونه ٿيندو آهي. فارسيءَ ۾ ’زير اضافت‘ ڪم آندي ويندي آهي، جڏهن ته عربيءَ ۾ پڻ زير اضافت جو تصور آهي ليڪن ان جا به الڳ اصول آهن. عربي ۽ فارسيءَ جي مرڪب اضافت (مضاف ۽ مضاف اليہ) ۾ هڪ خاص فرق اهو به هوندو آهي ته فارسيءَ ۾ ’مضاف‘ تي زير هوندي آهي جڏهن ته عربيءَ ۾ ’مضاف اليہ‘ تي زير هوندي آهي. لفظي ترڪيب جي لحاظ کان عربي يا فارسيءَ ۾ پهرين مضاف ۽ پوءِ مضاف اليہ ايندو آهي؛ ليڪن سنڌي ٻوليءَ جي نسبت پهرين مضاف اليہ پوءِ مضاف ايندو آهي.
    فارسيءَ ۾
    طالب ِ زر (زر جو طالب)
    راهه ِ رسول (رسول جي راهه)
    ديوان ِ قليچ (قليچ جو ديوان)
    طالب ِ علم (علم جو طالب)
    عربيءَ ۾
    عبدُاللهِ (الله جو عبد/ ٻانهو)
    علمُ الانسانِ (انسان جو علم)
    لغتُ القرآنِ (قرآن جي لغت)
    طالبُ العلمِ (علم جو طالب)

    (نوٽ: سنڌيءَ ۾ اهڙن لفظن جي آخري سُر (last vowell) کي ٻوليءَ جي نسبت سان اچاريو ويندو آهي، جيئن: علم الانسانُ، لغت القرآنُ يا طالب العلمُ)

    اردوءَ ۾
    فارسي يا عربيءَ ۾ ظاهري ’حرف اضافت‘ جو تصور ڪونهي. اردوءَ ۾ گهڻي قدر فارسيءَ واريءَ ’زير اضافت‘ ڪم آندي ويندي آهي، ليڪن ڪن ڳالهين ۾ پوءِ به ان ٻوليءَ کي پنهنجي بنيادي ٻوليءَ ڏانهن ڇڪ ڪرڻي پوندي آهي (ياد رهي ته اردو ٻوليءَ جو بنيادي ڍانچو هنديءَ وارو آهي، ليڪن صَرف جي خيال کان ان ۾ فارسيءَ ۽ عربي ٻوليءَ جي لفظن جا زيور پارايل آهن)؛ جيئن: اسلم کی کتاب، مہران کا گھر، سندھڑی کے آم وغیرہ۔ انهن جملن ۾ فارسي ترڪيب نه ٿي آندي وڃي يا نه ٿي ڪم آڻي سگھجي. يعني عام ٻوليءَ ۾ هنن کي پنهنجي بنياد جو ئي سهارو وٺڻو پوندو آهي ۽ حرف اضافت: 'کا، کے، کی ' وغيره استعمال ڪئي وڃي ٿي.
    حرف اضافت مان مراد مالڪي ڏيکاريندڙ لفظ هوندا آهن؛ جيئن: جو، جا، جي، جون، سندو، وارو وغيره. مختلف ٻولين ۾ ’حرف اضافت‘ جي بدران سُرن کان يا ان کان سواءِ عام ترڪيب کان به ڪم ورتو ويندو آهي؛ ليڪن هتي صرف سنڌيءَ ۾ استعمال ٿيندڙ ’سُر اضافت‘ (Genitive vowels) جو اڀياس مقصود آهي، جنهن جا ڪافي روپ ٿين ٿا. اهڙو اڀياس هيٺ پيش ڪجي ٿو:
    سنڌي ٻوليءَ ۾ اضافت مرڪب جو جائزو (حرف اضافت کان سواءِ)
    عام طور سنڌي ٻوليءَ ۾ زير اضافت جو استعمال فارسيءَ جي اثر کان ٿئي ٿو؛ جهڙوڪ: حال ِ دل (دل جو حال)، زلف ِ حور (حور جا زلف)، حب ِ وطن (وطن جي حب)، خانهء ِ ڪاشف (ڪاشف جو خانو/ گھر)، ساقيء ِڪوثر (ڪوثر جو ساقي)، طالب ِ زر (زر جو طالب)، قدرت ِ قادر (قادر جي قدرت)، نسيم ِ صبح (صبح جي نسيم/ هير)، باغ ِ ارم (ارم جو باغ) وغيره.
    سنڌي ٻوليءَ ۾ ’زير اضافت‘ کان سواءِ ڪي اضافت مرڪب جا لفظ اهڙا به ملن ٿا، جن ۾ پهرين ’مضاف‘ ۽ بعد ۾ ’مضاف اليہ‘ اچي ٿو جن مان اندازو ٿئي ٿو ته اهي فارسي ترڪيب جي اثر سبب تبديل ٿيا هوندا؛ جيئن: پڊِعيدن (عيدن جو پڊُ)
    ان کان علاوه سنڌي ٻوليءَ ۾ مرڪب لفظن جا اهڙا تصور به آهن جيڪي ’فارسي زير اضافت‘ کان سواءِ سڌي سنئين ’زير‘ سان به ڪم ايندا آهن، جن کي ’سنڌي زير اضافت‘ چئي سگهجي ٿو؛ اهڙا مثال نوٽ ڪري سگھجن ٿا:
    ’اِ‘ سر ۾ اضافت جو تصور (حرف اضافت جي بدران زير)
    اضافت مرڪب - اکيڙ (حرف اضافت سان) - تبديلي (حرف اضافت کان)
    دلِ گھُريو - دلِ جو گھُريو- اِ + جو < اِ
    جوءِ پيڪا - جوءِ جا پيڪا - اِ + جا < اِ
    ڪترِ مشين - ڪترِ جي مشين - اِ + جي < اِ
    بدِ نظر - بدِ واري/ جي نظر - اِ + جي < اِ
    سردارنِ سردار - سردارنِ جو سردار - اِ + جو < اِ

    ’اِن‘ گھڻي سر ۾ اضافت جو تصور (حرف اضافت جي بدران گھڻائپ واري زير)
    اهڙو ڪو لفظ ملي ڪونه ٿو.

    ’اَ‘ سر ۾ اضافت جو تصور (حرف اضافت جي بدران زبر)
    سنڌي ٻوليءَ ۾ ’زبر اضافت‘ جو تصور ڀيرومل آڏواڻيءَ جي ڄاڻايل مثالن مان ملي ٿو، جنهن کي بعد ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا نمايان ڪيو آهي. (الانا، 2010: 58)
    اضافت مرڪب - اکيڙ (حرف اضافت سان)- تبديلي (حرف اضافت کان)
    گھوٽَ ماءُ - گھوٽ جي ماءُ - اَ + جي < اَ
    گھوٽَ پيءُ - گھوٽَ جو پيءُ - اَ + جي < اَ
    مالَ پِڙي - مالَ جي پڙي - اَ + جي < اَ
    خانَ واهڻ - خانَ جو واهڻ - اَ + جي < اَ
    حالَ ڀائي - حال جو ڀائي- اَ + جي < اَ
    هٽَ واڻيو - هٽ جو واڻيو/ واپاري - اَ + جي < اَ
    الههَ ڏنو - اللهَ جو ڏنو/ ڏنل - اَ + جي < اَ
    نڙَ بيت - نڙَ جا بيت - اَ + جي < اَ
    نانگَ کاڌل - نانگَ جو کاڌل - اَ + جي < اَ
    رتَ ڦڙو - رتَ جو ڦڙو - اَ + جي < اَ
    موهنَ دڙو - موهن جو دڙو - اَ + جي < اَ
    ربَ رکيو - ربَّ جو رکيو/ رکيل- اَ + جي < اَ
    رنَ مريد - رنَ جو مريد - اَ + جي < اَ
    اسرَ ويل - اسرَ جي ويل - اَ + جي < اَ
    ڇپرَ ڇانوَ - ڇپر جي ڇانوَ - اَ + جي < اَ
    هٿَ ٺوڪيا - هٿ جا ٺوڪيا/ ٺوڪيل - اَ + جي < اَ
    ڏاندَ گاڏي - ڏاند جي گاڏي - اَ + جي < اَ
    ڪاڪَ ڪنڌي- ڪاڪَ جي ڪنڌي - اَ + جي < اَ
    مکڻَ چاڻو - مکڻَ جو چاڻو - اَ + جي < اَ
    لوڻَ چپٽي - لوڻَ جي چپٽي - اَ + جي < اَ
    گھرَ ناٺي - گھرَ جو ناٺي - - اَ + جي < اَ
    ٽپالَ گھر - ٽپالَ جو گھر - اَ + جي < اَ
    سمَ نالو - سمَ جو نالو - اَ + جي < اَ
    جادو نگري - جادوءَ جي نگري - اَ + جي < اَ
    نظرَ چُڪ - نظرَ جي چُڪ - اَ + جي < اَ
    هنيانوَ جھَل - هنيانوَ جي جهَل - اَ + جي < اَ
    مانيءَ ڳڀو - مانيءَ جو ڳڀو - اَ + جي < اَ
    رتيءَ برابر - رتيءَ جي برابر - اَ + جي < اَ
    پاڻيءَ ڍُڪ - پاڻيءَ جو ڍُڪ - اَ + جي < اَ
    ماکيءَ لارَ - ماکيءَ جي لارَ - اَ + جي < اَ
    مٺوءَ ماءُ - مٺوءَ جي ماءُ - اَ + جي < اَ
    ڀوليءَ ٽپَ- ڀوليءَ جا ٽپ - اَ + جي < اَ
    ڌرتيءَ ڌڻي - ڌرتيءَ جا ڌڻي - اَ + جي < اَ

    ’اَن‘ گھڻي سر ۾ اضافت جو تصور (حرف اضافت جي بدران گھڻائپ واري زبر)
    اضافت مرڪب - اکيڙ (حرف اضافت سان) - تبديلي (حرف اضافت کان)
    سونهَن ديوي - سونهَن جي ديوي - اَن + جي < اَن
    منهَن ڀر - منهَن جي ڀر - اَن + جي < اَن
    سرنهَن ڦولار – سرنهَن جي ڦولار - اَن + جي < اَن

    ’اُ‘ سر ۾ اضافت جو تصور (حرف اضافت جي بدران پيش)
    سنڌي ٻوليءَ ۾ فارسي ترڪيب موجب لفظ سامهون اچن ٿا، جن ۾ اڳيان ’مضاف‘ اچي ٿو ليڪن ان جي صورت سنڌي ئي آهي، ان اهڙي ترڪيب کي به فارسيءَ جو اثر چوڻ مناسب ناهي؛ جيئن: سرُ سسئي (سسئيءَ جو سرُ) وغيره. ان جي باوجود ٺيٺ سنڌي ترڪيب يعني پٺيان ’مضاف‘ هجڻ واري ترڪيب به سامهون اچي ٿي:
    اضافت مرڪب - اکيڙ (حرف اضافت سان) - تبديلي (حرف اضافت کان)
    پيشُ لفظ - پيشَ (اڳ) جو/ وارو لفظ - اَ + جو/ وارو < اُ
    ويمُ گھر - ويمَ جو گھر - اَ + جو/ وارو < اُ
    سنڌُ راڻي - سنڌُ جي راڻي - اُ + جي < اُ
    جڳُ مشهور - جڳَ جو مشهور - اَ + جو < اُ

    ’اُن‘ گھڻي سر ۾ اضافت جو تصور (حرف اضافت جي بدران گھڻائپ وارو پيش)
    منهُن پاڻي - منهَن جو پاڻي - اَن + جو < اُن

    ’آ‘ ڊگهي سر ۾ اضافت جو تصور (حرف اضافت جي بدران مد)
    سچا گفتا - سچ جا گفتا - اَ + جا < آ
    شڪيلا ماءُ - شڪيلا جي ماءُ - آ + جي < آ

    ’آن‘ ڊگهي گھڻي سر ۾ اضافت جو تصور (حرف اضافت جي بدران گھڻائپ وارو مد)
    اهڙو ڪو لفظ ڪونه ٿو ملي …

    ’اي‘ سر ۾ اضافت جو تصور (حرف اضافت جي بدران يي مجهول)
    اضافت مرڪب - اکيڙ (حرف اضافت سان) - تبديلي (حرف اضافت کان)
    گھوڙي لت - گھوڙي جي لت - اي + جي < اي
    اٽي لپ - اٽي جي لَپ - اي + جي < اي
    ڏيئي وٽِ - ڏيئي جي وٽ - اي + جي < اي
    ڪاڪي پوٽا/ ڪاڪيپوٽا - ڪاڪي جا پوٽا - اي + جا < اي
    سرمي داڻي - سرمي جي داڻي - اي + جي < اي
    مٿي ڍڪ - مٿي جو ڍڪ - اي + جو < اي
    ڌاڳي ڍيري - ڌاڳي جي ڍيري - اي + جي < اي
    ڍڳي پير - ڍڳي جو پير - اي + جو < اي
    ٻچيداني - ٻچي جي داني - اي + جي < اي
    ڳڀي ٽڪر - ڳڀي جو ٽڪر - اي + جو < اي
    ڪتي مک - ڪتي جي مک - اي + جي < اي
    جمعي نماز - جمعي جي نماز - اي + جي < اي
    روضي ڌڻي - روضي جو ڌڻي - اي + جو < اي
    ’اين‘ گھڻي سر ۾ اضافت جو تصور (حرف اضافت جي بدران گھڻائپ واري يي مجهول )
    اضافت مرڪب - اکيڙ (حرف اضافت سان) - تبديلي (حرف اضافت کان)
    ڏندين ڏاند - ڏندن وارو ڏاند (پاڻڀرو) - اَن + وارو < اين

    ’اِي‘ سر ۾ اضافت جو تصور (حرف اضافت جي بدران يي معروف)
    اضافت مرڪب - اکيڙ (حرف اضافت سان) - تبديلي (حرف اضافت کان)
    اسڪولِي ٻارُ - اسڪول جو ٻارُ - اَ + جو < اِي
    ٻاراڻِي حرڪت - ٻارن جي/ واري حرڪت - اَنۡ + جي < آڻ + اِي
    سنڌِي ٻولي - سنڌ جي ٻولي - اُ + جي < اِي
    وڏيرڪِي ونگار - وڏيرن جي ونگار - اَنۡ + جي < ڪ+ اِي
    ڏيهِي سيڻ - ڏيهه جا سيڻ - اَ + جا < اِي
    برساتِي رُت - برسات جي رُت - اِ + جي < اِي
    ڌوٻِي گهاٽ - ڌوٻِيءَ جو گھاٽ - ءَ/ اَ + جو < اِي
    ڌڻِي بخش - ڌڻِيءَ جي بخشش - ءَ/ اَ + جي < اِي

    ’اِين‘ گھڻي سر ۾ اضافت جو تصور
    فارسي ترڪيب ۾ ’زير اضافت‘ کان علاوه ’اِين‘ پڇاڙي به صفاتي ترڪيب ۾ ’اضافت‘ جو ڪم ڪندي آهي. ان صورت ۾ ان کي ’اِين‘ پڇاڙيءَ واري اضافت ۾ ڳڻي سگھجي ٿو؛ جيئن: زمردين چادر (زمرد جي/ واري چادر).
    سنڌي ٻوليءَ ۾ پڻ اهڙي صفاتي اضافت واري ترڪيب ملي ٿي، جنهن ۾ اضافت جو تصور ملي ٿو؛ جيئن:
    اِين‘ گھڻي سر ۾ اضافت جو تصور (حرف اضافت جي بدران گھڻائپ واري يي معروف)
    اضافت مرڪب - اکيڙ (حرف اضافت سان) - تبديلي (حرف اضافت کان)
    پهرِين تاريخ - پهرينءَ جي تاريخ - ءَ/ اَ + جي < اِين
    هيٺِين اخبار - هيٺِ واري/ جي اخبار - اِ + واري < اِين

    ’اَي‘ سر ۾ اضافت جو تصور (حرف اضافت جي بدران يي لِين)
    اهڙو ڪو لفظ ڪونه ٿو ملي …

    ’اَين‘ گھڻي سر ۾ اضافت جو تصور (حرف اضافت جي بدران گھڻائپ واري يي لِين)
    اهڙو ڪو لفظ ڪونه ٿو ملي …

    ’او‘ سر ۾ اضافت جو تصور (حرف اضافت جي بدران)
    ڪنهن مرڪب لفظ ۾ ’او‘ سُر جي پڇاڙيءَ وارا ’مضاف‘ جو اشارو ڊاڪٽر غلام علي الانا ڏنو آهي جنهن کي هو فارسي ترڪيب جو بنياد ڪوٺي ٿو؛ جيئن: ٽنڊو آدم (آدم جو ٽنڊو)، پنو عاقل (عاقل جو پنو). (الانا، 2010: 58)
    ڊاڪٽر الانا جو اشارو ان حوالي سان وزنائتو آهي، جو سنڌي اضافت واري ترڪيب ۾ پهريان ’مضاف اليہ‘ اچي ٿو ۽ بعد ۾ ’مضاف‘؛ جڏهن ته ڄاڻايل مثالن ۾ پهريان ’مضاف‘ اچي ٿو، جنهن مان اهو امڪان جڙي ٿو ته اهي لفظ اصل ۾ فارسي ترڪيب جا هوندا، ليڪن بعد ۾ سنڌي ٻوليءَ جي نسبت، ان ۾ تبديلي واقع ٿي هوندي. جيئن: ٽنڊه آدم < ٽنڊو آدم (ياد رهي ته سنڌي ٻوليءَ جي نسبت ’مختفي ه‘، ’حرف علت: ا، و، ي‘ ۾ تبديل ٿيندي آهي.
    مٿي ذڪر ٿي چڪو آهي ته سنڌي ٻوليءَ واري اضافت ترڪيب ۾ پهريان ’مضاف‘، بعد ۾ ’مضاف اليہ‘ اچي ٿو؛ ان اصول هيٺ ’او‘ پڇاڙيءَ وارا ڪافي سنڌي ٻوليءَ جا لفظ سامهون اچن ٿا جن ۾ اضافت جو تصور ملي ٿو. چند لفظ خيال خاطر رکجن ٿا:
    اضافت مرڪب - اکيڙ (حرف اضافت سان) - تبديلي (حرف اضافت کان)
    ٻاڪرو گوشت - ٻڪر جو گوشت - اَ + جو < آ + او
    ڳائو ڇيڻو - ڳئونءَ جو ڇيڻو - ءَ/ اَ + جو < آ + او

    ’اون‘ گھڻي سر ۾ اضافت جو تصور (حرف اضافت جي بدران گھڻائپ وارو واؤ مجهول)
    اضافت مرڪب - اکيڙ (حرف اضافت سان) - تبديلي (حرف اضافت کان)
    بـﻫـائون گارو- بــﻫـَه جو/ وارو گارو - اَ + جو < آ + اون
    پـﻫـريون ڪتاب - پهرئين جو ڪتاب - اين + جو < اون

    ’اُو‘ سر ۾ اضافت جو تصور (حرف اضافت جي بدران واؤ معروف)
    اضافت مرڪب - اکيڙ (حرف اضافت سان) - تبديلي (حرف اضافت کان)
    سنڌُو ديس - سنڌُ جو ديس - اُ + جو < اُو
    گھرُو واسطو - گھر جو واسطو - اَ + جو < اُو

    ’اُون‘ گھڻي سر ۾ اضافت جو تصور (حرف اضافت جي بدران گھڻائپ وارو واؤ معروف)
    اهڙو ڪو لفظ ڪونه ٿو ملي …

    ’اَو‘ سر ۾ اضافت جو تصور (حرف اضافت جي بدران واؤ لِين)
    اضافت مرڪب - اکيڙ (حرف اضافت سان) - تبديلي (حرف اضافت کان)
    ڀَو/ ڀؤ مهل - ڀوَ جي مهل - ءَ/ اَ +جي < اَو/ ؤَ

    ’اَون‘ گھڻي سر ۾ اضافت جو تصور (حرف اضافت جي بدران گھڻائپ وارو واؤ لِين)
    اهڙو ڪو لفظ ڪونه ٿو ملي …
    نوٽ: اڀياس هيٺ اهڙا لفظ به رکيا ويا آهن جن تي ’زيرن زبرن‘ جا امڪاني اختلاف به رهندا هجن، پر هي هڪ شروعاتي ڪوشش آهي، اميد ته مهربان دوست رهنمائي ڪندا.

    نتيجو/ حاصل مطلب
    (الف) حرف اضافت مان مراد اهڙو لفظ جيڪو اسم يا ضمير جي خاصيت، عمل يا ٻئي اسم جي وچ ۾ لاڳاپي ڏيکارڻ لاءِ حرف جر: ’جو‘، ’جا‘، ’جون‘ ’وارو‘ يا ’سندو‘ وغيره ڪم آندو وڃي؛ جيئن: الله جو ٻانهو، سياري جي ٿڌ، چنڊ جي روشني، ماڻهوءَ جو ڳالهائڻ وغيره.
    (ب) سنڌي ترڪيب اضافت ۾ پهريائين ’مضاف اليہ‘ ۽ پوءِ ’مضاف‘ ايندو آهي، جڏهن ته عربي توڻي فارسيءَ ۾ پهريائين ’مضاف‘ ۽ پوءِ ’مضاف اليہ‘.
    (ج) سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙي ترڪيب جنهن ۾ زير اضافت کان سواءِ پهريائين ’مضاف‘ ۽ بعد ۾ ’مضاف اليہ‘ اچي ٿو، تنهن کي فارسي يا عربي ترڪيب جو اثر چيو وڃي ٿو.
    (د) عربي ۽ فارسيءَ ۾ ’حرف اضافت‘ وارن لفظن جو تصور ڪونهي، ان ڪارڻ ’زير اضافت‘ کان ڪم ورتو ويندو آهي؛ البته، انهن جي استعمال جو فرق آهي: عربيءَ جي ترڪيب ۾ ’زير اضافت‘، مضاف اليہ تي هوندي آهي جڏهن ته فارسي ترڪيب ۾ ’مضاف‘ تي هوندي آهي.
    (ه) اردو ٻوليءَ جو بنيادي ڍانچو ساڳيو هندي وارو آهي، ان لاءِ ان ۾ پڻ ’حرف اضافت‘ (کا، کے، کی) جو تصور موجود آهي؛ البته، فارسي ۽ عربيءَ جي صرف/ لفظن/ ترڪيبن جي اثر وٺڻ سبب ’زير اضافت‘ کان عام جام ڪم ورتو ويندو آهي.
    (و) انگريزيءَ جي ترڪيب ۾ حرف اضافت (off) جو تصور هوندي به ’apostrophe‘ ۽ ’S‘ کان به ڪم ورتو ويندو آهي؛ ان کان علاوه انهن ٻنهي کان سواءِ، بغير ڪنهن اضافي سُر (vowel) وغيره جي پڻ اضافت جو مفهوم ورتو ويندو آهي.
    (ز) سنڌي ٻوليءَ جي مزاج ۾ ڪنهن لفظ جي آخري سُر جي هڪ وياڪرڻي حيثيت آهي، ان ڪارڻ حرف اضافت کان سواءِ ’مضاف اليہ‘ جو آخري سُر (Vowel) پڻ اضافت جو مفهوم رکندو آهي.
    (ح) اضافت جو مفهوم رکندڙ، ’مضاف اليہ‘ تي آخري سُر وارو تصور پهريائين ڀيرومل آڏواڻيءَ جي وضاحت ۾ ملي ٿو؛ جنهن کي بعد ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا ساڳين مثالن آڌار، ’زبر اضافت‘ واري تشريحي اصطلاح سان ڄاڻايو آهي.
    (ط) اڀياس مان واضح ٿيو آهي ته ’زبر اضافت‘ کان علاوه ٻيا سُر به سنڌي ترڪيب اضافت (پهريان مضاف اليہ ۽ پوءِ مضاف) ۾ ڪم اچن ٿا، جن ۾ ڇوٽن سُرن کان علاه ڊگھا سُر توڻي گھُڻا سُر شامل آهن؛ مثلاً
    (ي) دلِ گھريو، رتَ ڦڙو، سونهَن ديوي، سنڌُ راڻي، منهُن پاڻي، سچا گفتا، اٽي لپ، ڏندين ڏاند، سنڌِي ٻولي، پهرِين تاريخ، ٻاڪرو گوشت، بهائون گارو، گھرُو واسطو، ڀؤ مهل وغيره.

    حوالا/ ذريعا
    الانا، غلام علي، ڊاڪٽر (19877) سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس- ڄامشورو: انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي.
    لانا، غلام علي، ڊاڪٽر (20100) سنڌي ٻوليءَ جو تشريحي گرامر- حيدرآباد: سنڌي لئنگويج اٿارٽي.
    آڏواڻي، ڀيرومل، مهرچند [1925] 19855. وڏو سنڌي وياڪرڻ- ڄامشورو: انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي.
    ابڙو، عبدالرحيم، ارشد [1957] 19866. رفيق گرامر. هالا: انٽرنيشنل اڪيڊمي.
    شيخ، محمد فاضل، پروفيسر (20066) سنڌي صورتخطيءَ متعلق ڊاڪٽر الانا صاحب جي سفارشن تي هڪ نظر. سکر: الحسيني ڪمپوزنگ سنٽر بلديا پلازا گھنٽا گھر.
    شيخ، واحد بخش (19866) سنڌي ٻوليءَ جو صرف ۽ نحو، ڀاڱو پـﻫـريون. ڄامشورو: سنڌي ادبي بورڊ.
    مرزا، قليچ بيگ (20066) سنڌي وياڪرڻ- ڄامشورو: سنڌي ادبي بورڊ.
     
    عبدالغني لوهار هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو