• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هن ۾ الله هُن ۾ االله

عبدالغني لوهار

سينيئر رڪن
تون ۾ آ الله، مون ۾ آ الله
هِنَ ۾ الله، هُنَ ۾ الله ،
اهو سارو ٿي هڪُ
ملا ڪڍي ڇڏ تون شڪُ،
نفس نهوڙي نڌر ڪيو ٿي.
ساٿي نه پنهنجو برھ ڪيو ٿي،
اُنِ نفس جو ڪاٽجُ نڪُ،
ملا ڪڍي ڇڏ تون شڪُ،
پڙهيئي گهڻو پر پت نه آيئي،
ناحق پنهنجي عمر وڃايئي،
هٿِ نه آيئي هڪ ڦڪُ.
ملا ڪڍي ڇڏ تون شڪُ،
”جانڻ چن “ چئي آءُ تون اتاري،
صوفين جي اچي لڳُ تون لاري،
تون کي فقير ڏيکاري حقُ
ملا ڪڍي ڇڏ تون شڪُ.
 
Back
Top