دنيا ۾ عورتن جو ڪردار ! فقير محمد سنڌي سڀ جي ڌرتي ماءُ، واڳيلَ هر وجود سان، مِــٽــي مــايــا مـوهـڻـي، مِٽي هيـرَ هُڳاءُ، سڀ جو مذهب ماڻهپو، ماڻهو، ماڻهوءَ ڀاءُ، ورتم واءُ سواءِ، ته هڪ آ ڪايا ڪُلَ جي. عورت تاريخ ۾ امن جي علمبردار رهي آهي. ان لاءِ دنيا جي عظيم ڪتاب قرآن پاڪ ۾ سورة النساءَ ۾ عورت کي برابريءَ جي حوالي سان حق ڏنا ويا آهن. سورة النساءَ ۾ آهي ته عورتن سان سهڻو ۽ سٺو سلوڪ ڪريو. رسول اڪرم صلي الله عليھ وآلھ وسلم عورتن سان محبت واري سلوڪ بابت فرمايو آهي ته، ”توهان مان سڀ کان ڀلو اهو آهي جيڪو پنھنجي زال ۽ ڌيئن سان ڀلو هجي ۽ عورتن جي عزت فقط سٺو انسان ڪندو ۽ انهن جي بيحرمتي رڳو ڪريل انسان ڪندو آهي. دنيا جي اندر عورتن پنھنجو ڪردار هميشه سٺي نموني سان نڀايو آهي، عورت تاريخ ۾ امن جي علامت به رهي آهي. جابر ۽ قابض سان سٺي نموني مقابلو ڪري دنيا کي ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته عورت مقابلي جي سگهه رکي ٿي. ڪربلا ۾ بيبي زينب سلام الله عليها جو ڪردار روشن خياليءَ جو چِٽو سبق دنيا جي سڀني انسانن لاءِ آهي. حضرت بيبي زينب سلام الله عليها اڄ به مظلوميت جي نشاني آهي. ڪربلا جي برپا ٿيڻ کانپوءِ سانئڻ قافلي جي سرواڻي ڪندي يزيدي سوچ کي للڪاريندي واضع نموني سان پنھنجو پيغام دنيا وارن تائين پھچايو ته، نينوا جي برپٽ ۾ ماريل انسان باغي نه پر ان رسول پاڪ جي اولاد هئا جنھن دنيا کي اخلاقيات جو پيغام ڏنو آهي ۽ پنھنجي حيرت انگيز خطاب سان انسانن جي ضمير کي زنده ڪيو. يزيد جي ايوانن کي للڪاريندي جرئت، شجاعت، صبر ۽ بردباريءَ سان ڪائنات جي سڀني مظلومن جي لاءِ آس ۽ اميد جو باعث بڻي. عورت پنھنجي هر ڪردار ۾ حسين کان حسين تر آهي.عمل جي صورت ۾ هجي، علم جي حوالي سان هجي، يا اخلاق، پاڪ دامن جي وصف ۾ پوري لھي ٿي. تاريخ تي جيڪڏهن نظر ٿا وجهون ته ڪافي عورتن آهن جن انسان ذات لاءِ تمام پختا سھڻا اصول دنيا لاءِ ڇڏي ويون آهن. جيڪر ڏسجي ته سڄي دنيا دنگل جو دروازو آهي. ان دنگل جي دروازن کي عظمت جا خوبصورت پليستر هڻي ايترو ته سھڻو بڻايو ويو آهي جو هر زبان تعريف کان سواءِ رهي نٿي ٿي. پھرين صدي هجريءَ ۾ بصره ۾ پيد اٿيندڙ حضرت رابعه بصري پنھنجو اعلى مقام رکي ٿي جنھن تي دنيا ناز ڪري ٿي. حضرت رابعه بصري جو عبادت ۾ مقام اهو جڙيو ته تاريخ هن کي اَڌ قلندر جي رتبي سان ياد ڪري ٿي. عورت مستقبل جو آئينو آهي، جنھن جو اندر آرسيءَ جھڙو ئي صاف، دل پاڪ، نيت نيڪ، سچائي ايمانداري هن جي خمير ۾ شامل هئي. مضمون ۾ مختصر طور تي دنيا جي عورتن جو ڪردار اوهان تائين پھچايان پيو. ڀارت ۾ ڦولن ديوي جي جرئت کي هر اها عورت سلام پيش ڪندي جيڪا هن جي تاريخ کان واقف ٿيندي. ڦولن ديوي عام ڳوٺاڻي عورت جنھن سماج جا سور سھي ڪري ڌاڙيل بڻجي عورتن جي ساهه کي ويساهه ڏنو ۽ پوءِ پنھنجي ملڪ جي جمھوريت جي پاسداري ڪئي، دنيا کي ثابت ڪري ڏيکاريو ته عورت هيڻي ناهي. پر افسوس ان خاتون کي به موت جي ننڊ سمھاري ڇڏيائون. پر ڦولن ديوي جي ڏنل منفرد ڪوشش، مخلص عوامي انداز هر من کي موهي وجهي ٿو. ميانمار جي سياسي اڳواڻ آنگ سانگ سوچي کي سڄي دنيا بهتر نموني سڃاڻي ٿي، ڇو ته جمھوريت انسان کي اتساهه ڏئي ٿي، اهو ئي اتساهه آنگ سانگ پنھنجي ملڪ جي ماڻهن کي ڏيڻ لاءِ مسلسل جدوجھد ڪري. آمريت خلاف آواز بلند جي سبب 15 سالن تائين نظربنديءَ جو عذاب ڀوڳي چڪي آهي. پر عالمي ادارن هن کي ڪمزوري جي طاقت جي نالي نوبل انعام 1991ع ۾ ڏنو ويو. آنگ سانگ سوچي مھاتما گانڌي جي عدم تشدد واري نظريي تي پابند رهي ڪري برما ۾ ڀرپور نموني سان پنھنجي جدوجھد جاري رکندي پئي اچي. ايران جي مشھور شاعره قرة العين طاهره جو مشھور شعر ٿو ياد اچي ته: ترجمو: (جيڪڏهن تو تي نظر پئجي وڃي ته چھرو چھري جي سامھون هجي ۽ مُنھن مُنھَن جي ويجهو هجي ته مان تنھنجي غم جي سمجهاڻي ڏئي سگهان ۽ ان جي نقطي نقطي ۽ وارَ وارَ جي.) پوري دنيا جي اندر عورت کي جنسي حوالي کان حراسان ڪيو ويندو آهي، پر انهن فردن کي شڪست ئي ملندي آهي جيڪي ان عمل کي سٺو سمجهدا آههن. بينظير ڀٽو پاڪستان جي 11 هين وزيراعظم، شھيد ذوالفقار علي ڀُٽي جي وڏي نياڻي، ملڪ جي 2 دفعا وزيراعظم رهندڙ، جمھوريت جي علمبردار تمام گهڻيون ڪوشش ڪيون، جلاوطني جي زندگي گذارڻ کانپوءِ وطن واپسي لاءِ پاڻ پتوڙيو. ملڪ جي عوام جي خدمت ڪندي رهي، جمھوريت جي برباديءَ جو ڏينھن 27 ڊسمبر 2007ع بڻيو جنھن ڏينھن تي ملير جي مارئي شھيد ٿي وئي. دنيا محترمه بينظير ڀٽو جي خداداد ذهانت ۽ سياسي بصيرت جو اعتراف ڪري ٿي. عملي سياست ته بيگم نصرت ڀٽو صاحبه جي هئي، جنھن وقت جي آمر کي للڪاريو، پنھنجي تربيت ۾ بينظير ڀٽو کي سياست جا سڀ پيچرا مهيا ڪيا. سنڌ جي اندر تمام گهڻيون عورتون آهن جن جي جدوجھد نئين نسل لاءِ تمام گهڻي ڪارگر ثابت ٿي آهي ۽ ٿيندي رهندي سنڌ جي عورت پنھنجي سماج مٿان ساههُ قربان ڪرڻ ۾ ڪونه ٿي ڪيٻائي، ڇو ته هُن هر وقت هر لمحي ڌرتيءَ ڪاڻ حُبَ آهي. جنھن جي سگهه تي هوءِ بانور رکي مشڪل کان مشڪل ڪم سرانجام ڏئي ٿي. ڀٽائي گهوٽ کي به اهو باور هُو ته منھنجي ٻولي ۽ ثقافت جا اهڃاڻ بچندا ته عورت جي ڪردار جي ڪري، ان لاءِ ڀٽائيءَ عظمت جا نشان عورت تي رکيا آهن. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي نقشِ قدم تي هلندي سنڌ جي عورت هر دور ۾ پاڻ مڃرايو آهي، جنھن جا نشان ڪوئي مِٽائي نٿو سگهي، جن ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح تي پھرين پي ايڇ.ڊي ڪندڙ ڊاڪٽر درِ شھوار سيد کان علاوه ڪافي نالي واريون عورتون آهن جن جا نالا مختصر طور تي جيڪي مون کي هن وقت ياد اچن ٿا انهن ۾ مسز ايلسا قاضي، ڊاڪٽر حميده کھڙو، مھتاب اڪبر راشدي، ڊاڪٽر نيلوفر شيخ، سحر امداد، ميڊم اشرف عباسي، فريال ٽالپر، شرميلا فاروقي، سسئي پليجو، جيجي زرينه بلوچ، شبيران جوکيو، عرفانه ملاح، امر سنڌو، رخانه پريت چنڙ، ڪلپنا ديوي، نصرت سحر عباسي، ماهين هيسباڻي، نور الھدى شاهه ۽ روبينه ابڙو کان سواءِ اڳتي هي سنسار اڃا وڏو آهي. مٿي ذڪر ڪيل هرهڪ عورت تي جامع ڪتاب لکي سگهجي ٿو. عورتن جي حوالي سان امام جي ڳالهه ٿي ياد اچي ته، امام جعفر صادق عليھ السلام جي هڪ صحابي کي نياڻي ڄائي ته غمگين ٿي ويو ۽ ڪاوڙ واري حالت ۾ امام جعفر صادق عليھ السلام وٽ آيو. مولا کانئس سوال ڪيو، ”جيڪڏهن خدا توکي ڪا شيءِ ڏيڻ چاهي ۽ توکان پڇي، تون پنھنجي لاءِ ان جي چونڊ ڪندي يا مان ڪيان ته ڪھڙو جواب ڏيندين؟“ ان شخص جواب ۾ وراڻيو ، ”چوندس اي منھنجا پروردگار تون چونڊ ڪر.“ مولا جواب ڏنس ته پوءِ الله پاڪ تو لاءِ نياڻيءَ جي چونڊ ڪئي آهي.“ ۽ وڌيڪ فرمايائون ته ”خضر ۽ موسى عليھ السلام واري قصي ۾ به جڏهن خدا ارادو ڪيو ته هڪ ڇوڪري جو موت واقع ٿيو ۽ قرآن ۾ فرمايو، ”ترجمو ۽ چاهيوسين ته انهن جو پالڻھار کين ان جي بدلي ۾ ان کان وڌيڪ پاڪ ۽ وڌيڪ مھربان اولاد عطا ڪري خدا ان پٽ جي بدلي ۾ سندس ماءُ پيءُ کي هڪ نياڻي عطا ڪئي جنھن جي نسل مان 70 نبي پيدا ٿيا.“ سنڌ جي بقا لاءِ راجا ڏاهر جون ڌيئر نرمل ديوي ۽ سورج ديوي، وڙهيون، دودي سومري جي ڀيڻ ٻاگهل ٻائي ۽ ٻين عورتن ميدانِ جنگ ۾ پاڻ ملهايو، پنھنجي دليريءَ جي تاريخ رقم ڪئي. عورت سماج کان صرف ٽي شيون گهري ٿي، 1. عزت، 2. اعتماد، 3. تحفظ، باقي عورت جي صلاحيتن کان دنيا بلڪل واقف آهي پر اسان عورت کي ڪيڏا حق ڏئي سگهيا آهيون. اهو هڪ وڏو سوال به آهي پر سنڌ جي سرتاج شاعر، شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري ۾ عورت جو مقام الاهي مٿي آهي. ڀٽائيءَ جون ست سورميون، مارئي، سسئي، سھڻي، نوري، ليلا، سورٺ ۽ مومل دنيا لاءِ مثالي ڪردار آهن. نياز همايوني جو شعر ٿو ياد اچي ته: زندگي بنجي نه شل سسئيءَ جا سورَ، ۽ آس مومل جو ڏهاڳ !