Notes from London تاريخ جي دز هيٺان لَٽجي ويل ڪجهه حقيقتون ڊاڪٽر مشتاق سومرو گذريل چند مهينن ۾ لنڊن جي اخبارن ۾ هن قسم جون خبرون عام طور پڙهڻ لاءِ مليون. جهڙوڪ جنيوا کان لنڊن هيٿرو ايندڙ جهاز سان هڪ ننڍو ڊرون ٽڪرائجي ويو، جهاز کي گهڻو نقصان ڪونه پهتو ۽ باحفاظت اڏي تي لٿو. هيٿرو طرف ايندڙ هڪ جهاز جي پائلٽ کي رن وي تي لهڻ ۾ سخت ڏکيائي پيش آئي، ڇوته ٿوري وقت لاءِ سندس نظر سخت خراب ٿي پئي جو زمين تان ڪنهن نوجوان شرارت ڪري ليزر جي روشني سڌي جهاز جي طرف هنئي. جيئن جيئن سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ترقي ڪندي ٿي وڃي, تيئن تيئن ڏوهن جي نوعيت ۾ پڻ وڏو ڦيرو ايندو ٿو وڃي. هتي ڏوهاري ماڻهو پڻ ڊرون ٽيڪنالاجيءَ جو فائدو وٺن ٿا. هتي هڪ جوڙو ڪار جي خطرناڪ حادثي سبب ٿڏي تي فوت ٿي ويو، ڇو ته هو پيڇو ڪندڙ پوليس جي ڪار کان بچڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. هڪ عورت ۽ هڪ مرد ڊرون جي ذريعي هڪ جيل ۾ نشي آور شيون پهچائي رهيا هئا، پر پوليس کي خبر پئجي وئي ۽ ان ڪار جو پيڇو ڪيو، ڇو ته نشو پهچائيندڙ ڊرون ان ڪار مان ڪنٽرول ٿي رهيو هو، پڪڙجڻ جي خوف سبب ڪار کي شهر جي مصروف رستي تي تيز ڀڄائڻ جي ڪوشش ڪيائون ۽ مهلڪ حادثي جو شڪار ٿي ويا. گذريل مهيني هتان جي ميڊيا هڪ خبر ڏني، جنهن جي ڪابه سمجهاڻي ۽ ڪو به سائنسي دليل ڪو نه هو. ٿيو هيئن جو ممبئي کان لنڊن ايندڙ هڪ جهاز، جڏهن جرمنيءَ جي فضائي حدن ۾ آيو ته جهاز جو ريڊيائي رابطو يڪدم گم ٿي ويو. ڪنهن حادثي جو امڪان سمجهندي جرمنيءَ جي ايئر فورس وارن فوري طور تي پنهنجا ٻه ويڙهاڪ جهاز موڪليا ته جاچ ڪن، تن ڏٺو ته جهاز ته پنهنجي نارمل رفتار سان اچي رهيو آهي سو حفاظتي انتظام طور مسافر جهاز جي اڳيان اچي ويا ۽ پنهنجي رهنمائيءَ ۾ برٽس ايئرويز جي جهاز کي وٺي پئي آيا. ان وقت فضائي حدن ۾ موجود ۽ هڪ ٽئين جهاز ۾ ويٺل ڪنهن پائليٽ اهو منظر پئي ڏٺو، تنهن انهن ٽنهي جهاز جي وڊيو رڪارڊ ڪري ڇڏي، ان وڊيو کي جڏهن غور سان ڏٺو ويو ته حيرت انگيز طور هڪ چوٿون جهاز پڻ نظر آيو، جنهن جي رفتار انهن ٽنهي جهازن کان گهٽ ۾ گهٽ ٻيڻي هئي، اهو چوٿون جهاز ڪجهه سيڪنڊن ۾ گم ٿي ويو. سوال اهو پيدا ٿيو ته ڇا اهو چوٿون جهاز ٻي ڪنهن آسماني مخلوق جو جهاز هو، جن جي ٽيڪنالاجي اسان انسانن کان به وڌيڪ ترقي ڪيل آهي ۽ ڇا ممبئي کان ايندڙ جهاز جو ريڊيائي نظام ان مخلوق جي جهاز کي جام ڪري ڇڏيو هو. لڳي ٿو ته اهو وقت هاڻي پري نه آهي جو انسانن جو تعارف ٻئي ڪنهن مخلوق سان ٿئي، جيڪا پڪ ئي پڪ اسان کان وڌيڪ ذهين ۽ باصلاحيت آهي. لنڊن کي دنيا جي سياحن جو محبوب شهر چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو، تازو ڪيل هڪ سروي مطابق رڳو 2015ع ۾ ٻاهرين ملڪن جي ساڍا ڇهه ڪروڙ سياحن لنڊن کي گهميو، جن مان 68 لک ماڻهو برٽس ميوزيم ۾ رکيل نوادرات کي ڏسڻ لاءِ ڪهي آيا. برٽش ميوزيم ۾ داخل ٿيڻ جي ڪا به ٽڪيٽ يا فيس ڪو نه وٺن، البته جڏهن گهمي ڦري آخري دروازي کان نڪرو ته ڪجهه پئسا چندي ڏيڻ لاءِ عرض ڪن، پوءِ هر ڪنهن جي مرضي آهي ته چندو ڏئي يا نه ڏئي. ان علائقي ۾ جتي برٽش ميوزيم آهي، ان ئي ساڳئي گهٽيءَ ۾ ٿورڙي پنڌ تي ٻه ٻيا به عاليشان عجائب گهر موجود آهن، جن مان سائنس ميوزيم ۽ فطرت جي تاريخ جو عجائب گهر تمام مشهور آهن. لنڊن ۾ ڪتابن جا به ڪيترائي وڏا وڏا دڪان موجود آهن، جهڙوڪ گهمڻ ماڙ، دڪان فائلز ۽ واٽر اسٽون، پر برٽش ميوزيم ۾ اندر موجود ڪتابن جي دڪان تان جهڙا ڀَلا ڪتاب اوهان کي هٿ ايندا، اهڙا شايد ڪٿي به نه ملن. سائنس ميوزيم ۾ هونئن ته هزارين ناياب شيون رکيون اٿن پر سليٽي رنگ جو ٽي انچ کن ننڍڙو پٿر رکيو اٿن، جنهن جي اندر چمڪندڙ چانديءَ جهڙا ذرڙا ان کي گهڻو خوبصورت بڻائي بيٺا آهن، اهو پٿر جو ٽڪر چنڊ تان آندل اصلي پٿر آهي. سڀ کان پهرين روس وارن خلا ۾ ماڻهو موڪليا هئا. ڪڪڙ جي کُڏين جهڙا ننڍڙا خلائي جهاز، جيڪي ڪنهن زماني ۾ خلا مان گهمي ڦري آيا هئا، اُهي انگريزن روس کان اڌارا وٺي سائنس ميوزيم ۾ دنيا ڀر جي معائني ۽ تحقيق لاءِ حاضر ڪري ڏنا آهن. عجائب گهرن واري علائقي ۾ گهمندي عجيب منظر نظر ايندو. هرطرف علم ۽ ڄاڻ جا پياسا ماڻهو تاريخ ۽ ان جي مختلف پهلوئن کي پرکڻ لاءِ ڪئميرائون هٿن ۾ کڻي آس پاس جي دنيا کان بي خبر ٿي پنهنجي تحقيق ۽ جستجوءَ ۾ مگن نظر ايندا. سڄي دنيا جي سڀني حصن جي مخلوق نظر ايندي. ڪِٿي چين، جاپان ۽ ڪوريا جا ماڻهو پيا گهمندا ته ڪنهن پاسي عربي ڳالهائيندڙ ماڻهو مصر ۽ فرعونن جي لاشن ۽ سميري تهذيب جي خوبصورت نوادرات تي تحقيق ڪندا نظر ايندا. اصل ۾ لنڊن جي اهميت رڳو جديد دور جي بهترين ٽرانسپورٽ جي سهولتن جي ڪري ڪا نه آهي، حالانڪه هتان جي انڊر گرائونڊ ٽرين کي هلندي به ڏيڍ سؤ سالن کان مٿي جو عرصو ٿي چڪو آهي، پر لنڊن ۽ انگلينڊ ۾ جيڪي بهترين علم حاصل ڪرڻ جا ادارا آهن، تن جي حيثيت ۽ اهميت دنيا ۾ پنهنجو مثال پاڻ آهي. مثال طور هفتي يا ٻئي هفتي لنڊن جي انڊر گرائونڊ ۾ سفر ڪندي هڪ اسٽيشن وٽان گذرڻ ٿيندو آهي، جنهن جو نالو آهي ”هولبرن“ Holborn ان اسٽيشن کان ٿوري پنڌ تي وڪيلن جي تربيت جو ادارو موجود آهي، جيڪو دنيا ڀر ۾ مشهور آهي. هن اداري ۾ قانون جي ڊگري وٺڻ کانپوءِ بئريسٽر ٿيڻ لاءِ اعليٰ درجي جي تربيت ڏني ويندي آهي. هن اداري جي تاريخ اٿلائي ڏسو، اهي ڪهڙا مشهور ماڻهو آهن، جن پنهنجي جواني واري دور ۾ هتان جي تعليم ۽ تربيت جو فيض حاصل ڪو نه ڪيو، پوءِ اهو محمد علي جناح هجي يا علامه اقبال هجي، ذوالفقار علي ڀٽو هجي يا ٽوني بليئر هجي. پاڪستان جو پهريون پرڏيهي وزير ظفرالله خان ۽ قبرص جو اڳوڻو صدر رئوف دينڪتاش پڻ هن اداري مان پڙهي ويا هئا، جنهن جو نالو آهي لنڪنز ان (Lincons Inn). بنگلاديش جو اڳوڻو پرڏيهي وزير ڊاڪٽر ڪمال حسين، پاڪستان جو موجوده اٽارني جنرل مخدوم علي خان، سپريم ڪورٽ جو اڳوڻو چيف جسٽس حمودالرحمان ۽ موجوده جج آصف سعيد کوسا پڻ لنڪنز اِن جا تربيت يافته آهن. پراڻي دور جا بئريسٽر جيڪي هن اداري ۾ پڙهيا، انهن ۾ سنڌ ڄاوا غلام محمد خان ڀرڳڙي، ممتاز ڀٽو، عبدالحفيظ پيرزادو ۽ مظهر قاضي قابل ذڪر نالا آهن. هن وقت هندستان ۾ رهندڙ مشهور ڳائڻو ۽ موسيقار عدنان سميع پڻ هن اداري مان تربيت حاصل ڪيل بئريسٽر آهي. لنڊن جا شاندار ادارا گهمندي خيالن جي پرواز ڪيترائي ڏهاڪا اڳ ۾ موري، سڪرنڊ ۽ ڪراچيءَ ۾ اڏامي ٿي وڃي. ننڍي هوندي ئي گهر مان معلوم ٿيو ته ماما مظهر قاضي پڙهڻ لاءِ لنڊن ويل آهي. 1973ع ۾ آيل ٻوڏ واري وقت کان ٿورو اڳ پاڻ لنڊن کي الوداع ڪري اسلام آباد آيو ۽ پهرين وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽي جو پريس سيڪريٽري ٿيو، پر جڏهن ممتاز ڀٽو سنڌ جو وڏو وزير ٿيو ته ڪراچي موٽي آيو ۽ ان سان گڏ ڪجهه وقت ڪم ڪيائين، پر جڏهن غلام مصطفيٰ جتوئيءَ کي وڏو وزير بڻايو ويو ته پاڻ حڪومتي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏيائين. ٿوري ئي وقت ۾ سندس طبيعت سخت خراب ٿي پئي ۽ واپس لنڊن هليو ويو، ڪجهه سالن کانپوءِ ئي ضياءَ دور ۾ واپس آيو ۽ انگريزي زبان ۾ شوقيه صحافت ڪرڻ لڳو. 1973ع جي سانوڻ جي موسم ۾ جڏهن ٻوڏ جو پاڻي سنڌ ۾ ڪافي تباهي ڪري چڪو هو ته ان زماني ۾ هڪ شام جو اوچتو ئي اوچتو اسان جي سڪرنڊ واري گهر روينيو کاتي جا عملدار اچي پهتا ته کين اطلاع آيو آهي ته ڀٽي صاحب جو پريس سيڪريٽري قاضي مظهرالحق سڪرنڊ جي اوچتي دوري تي اچي رهيو آهي، جتي پنهنجي عزيزن سان ملاقات ڪندو، سو توهان جلدي تياري ڪري وٺو. مشڪل سان اڌ ڪلاڪ گذريو هوندو ته ماما مظهر اچي اسان جي گهر پهتو. منهنجي ۽ منهنجي ڀاءُ اسحاق سومري جي اخبار پڙهڻ جي عادت کين گهڻو متاثر ڪيو، ساڻس اسان ٻنهي ان وقت جي ملڪي ۽ بين الاقوامي حالتن تي چڱي گفتگو ڪئي، ان وقت اسان جي عمر 8 يا 10 سال مس هئي. سندس اوچتي دوري جو ٻڌي اسان جي پاڙي جا ڪافي ماڻهو گڏ ٿي ويا، جن مان چند ماڻهن کيس پنهنجا مسئلا حل ڪرائڻ لاءِ درخواستون پڻ ڏنيون ۽ مون کي چٽيءَ طرح ياد آهي ته انهن ماڻهن جا مسئلا ٿوري وقت ۾ ئي حل ٿي ويا. پاڻ موڪلائڻ وقت اسان کي انگريزي زبان ۾ دلچسپي وٺڻ ۽ وڏا ٿي سياست ۾ حصو وٺڻ جي تلقين ڪيائين، ڪراچيءَ ۾ ملاقات ڪرڻ جي دعوت ڏنائين، پر زندگيءَ ساڻس وفا ڪانه ڪئي ۽ آگسٽ 1988ع ۾ ڪراچيءَ جي هڪ اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪيائين. بئريسٽر قاضي مظهر وچئين طبقي جو اهو محنتي ۽ اورچ جوان هو، جنهن ڪڏهن به ڏکين حالتن کي پنهنجي راهه ۾ رڪاوٽ نه سمجهيو. لنڊن ۾ محنت ۽ مزدوري ڪري به ملڪان ملڪ مشهور ادارن مان ڊگريون ورتائين. سندس تعليم لنڊن يونيورسٽيءَ ۽ لنڪنز اِن مان ٿي. اسيءَ واري ڏهاڪي ۾ پاڻ هارون هائوس ڪراچيءَ ۾ جتي ڊان اخبار جي آفيس هئي، ان ۾ پنهنجو چيمبر کوليو هئائين، مان تڏهن ايل ايم سيءَ ۾ پڙهندو هئس، ساڻس ڪيترائي ڀيرا ملاقات ٿي ۽ سياست، صحافت ۽ بين الاقوامي حالتن تي سندس گهري علم مان فائدو حاصل ڪرڻ جو موقعو مليو. ان وقت جي ڊان اخبار ۾ سندس ڪئين آرٽيڪل ڇپيا، جيڪي ڪٿي نه ڪٿي ٽڙيل پکڙيل هوندا، مون کي پڪ آهي ته انهن مان ڪجهه ليکڪ اسحاق سومري جي پراڻن فائلن ۾ محفوظ ڪيل هوندا. قاضي مظهر سنڌ ڌرتيءَ جو اهو ذهين پُٽ هو، جنهن ضياءَ جي آمريت واري زماني ۾ ڪنهن به عهدي يا سرڪاري فائدي وٺڻ کان انڪار ڪيو، پر افسوس جو سندس ڪردار ۽ ڄاڻ جا تفصيل تاريخ جي دز هيٺان اچي گم ٿي ويا آهن. اڄ گوگل سرچ ۾ سندس نالو وجهڻ کانپوءِ به توهان کي سندس حياتيءَ جي باري ۾ ڪا به ڄاڻ نه ملندي، پر جِن جِن ماڻهن سان ان جي رڳو ملاقات ٿيل هئي يا ڪجهه تعلق هو، اهي سندس شانائتي شخصيت ڪڏهن به وساري نه سگهيا آهن. mushtaqsoomro@gmail.com