عورت جي اهميت اتر سنڌ ۾ کين حق ڏيڻ جي ضرورت.

'تعارف' فورم ۾ Soomro Asif Ali طرفان آندل موضوعَ ‏8 مارچ 2017۔

  1. Soomro Asif Ali

    Soomro Asif Ali
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 مارچ 2017
    تحريرون:
    3
    ورتل پسنديدگيون:
    7
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    عورت جيڪا اسانجي سامهون ڪائنات جي مختلف روپن ۾ موجود آهي ، جيڪا جيجل ماء جي روپ ۾ جنت جو دروازو ٿئي ٿي ته نياڻيء جي روپ ۾ اکين جو ٺار به ٿئي ٿي ، ڀيڻ ٿي ڀائرن جا ڏک سور به ونڊي ٿي ته گهرواري بڻجي تاحيات ساٿ به ڏئي ٿي ، جيڪڏهن عورت جي اهميت کي پرکيو وڃي ته سواء آدم عليه سلام کان ، سمورن نبين ، وليئن ، دانشورن ، سائنسدانن سميت هر بشر کي عورت پنهنجي ڪُک مان جنم ڏنو آهي ، اهو لکڻ غلط نه ٿيندو ته عورت کان بغير ڪائنات جا ڪروڙين رنگ اونداهيء جا ڏيک ڏين ھا ، اسانجي معاشري ۾ اها چوڻي عام آهي ته هر ڪامياب مرد پٺيان هڪ عورت جو هٿ هوندو آهي، ڪائنات جي مالڪ مرد ۽ عورت جي جوڙي جوڙي اشرف المخلوقات جو مرتبو عطا فرمايو ، مذهبي توڙي معاشرتي طور تي عورتن ۽ مردن جا حق برابر آهن ، جيڪيڏهن مذهبي طور تي ڏٺو وڃي ته اسان جي پياري حضور پاڪ کي سڀني رشتيدارن منجهان سڀ کان وڌيڪ پنهجي ڌيء خاتون جنت بي بي فاطمه زهره ۽ ان جي اولاد پياري هئي ، جڏھن خاتون جنت نبين جي سردار سان ملڻ لاء ايندي هئي ته پاڻ سڳورا سندس جي عزت ۾ اٿي بيهندا هئا ۽ سندس جي پيشانيءَ مبارڪ کي پيار منجهان چميون ڏيندو هو، حضور اڪرم صلي اللّه عليه وسلم جي اهڙي مبارڪ عمل مان کليل ريت اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اسلام ۾ عورتن کي هڪ مان ۽ مرتبو ڏنو ويو آهي ، جڳ ڏاهي شيڪس پيئر جا لفظ آهن ته توهان مونکي پڙھيل لکيل مائرون ڏيو مان توهان کي پڙھيل لکيل معاشرو ڏيندس ، شيڪس پيئر جا اهي لفظ ان ڳالھ کي واضح ڪن ٿا ته اسانجي معاشري ۾ به عورت کي هڪ وڏي اهميت حاصل آهي ، اڄڪلھ جي جديد دئور ۾ اسريل علائقن ۾ عورتون مردن جي مقابلي ۾ شانا بشانا بيٺل نظر اچن ٿيون ، سياست کان صحافت تائين بينڪن کان بارڊر تائين هر شعبي ۾ عورتون مردن سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي بيڻهل نظر اچن ٿيون، ڪيترن ئي ادارن ۽ انڊسٽرين جون مالڪ پڻ عورتون آهن ، ان ڳالھ کان اک نٿي ٻوٽي سگهجي ته معاشري توڙي ان جي جوڙجڪ ۾ عورت اهم ڪردار ادا ڪري ٿي ، پر بدقسمتيء سان ساڍا پنج هزار سال پراڻي تهذيب رکندڙ اسانجي سهڻي سنڌ ۾ انهن عورتن کي محدود رکيو وڃي ٿو ، کين بنيادي حق به ڪونه ڏنا وڃن ٿا ، شرم ۽ حياء جي راڻي پنهنجي مٽن مائٽن لاء زندگيء جون سڀ خواهشون ۽ اميدون لوڙهي ڇڏي ٿي ، سنڌ ۾ خاص طور تي اتر سنڌ ۾ عورتن جي حقن جي گهڻي ڀانڱي لتاڙ ٿئي ٿي ، هِت جيڪڏهن ڪو پيءُ پنهنجي ڌيء کي اسڪول پڙهائي ٿو ته کيس جڳ جا ڪيترائي َََمِهڻا ۽ تَعنا سهڻا پون ٿا، مٽن مائٽن ۾ رسوا ٿيڻو پوي ٿو، ٻھراڙين ۾ مون اڪثر ڏٺو آهي ته نياڻين نماڻين کي اسڪول موڪلڻ بدران مال جو ڌنار بڻائي مال چارايو وڃي ٿو ، اسان وٽ اڃان به پراڻيون عربن ۽ ترخانن واريون ريتون ۽ رسمون رائج آهن ، جنهن نياڻيء کي اسانجي سنڌ ۾ اڳ ستن قرآنن جي جاء تي ليکي خون به معاف ڪيا ويندا هئا هتي وري ساڳي نياڻيء کي ڪارنهن جو ڪلنگ هڻي بنا ڪفن جي دفن ڪيو وڃي ٿو ۽ قبلائي ڀوتار ڪاري وَڍي يا ڪَڍي ڳالھ برابر جي فتوا ڏئي ڪارنهن الظام ھيٺ آيل ڌر مٿان ڏنڊ توڙي سنڱ چٽيون به وجهن ٿا ۽ ائين عورتن جا خون لوڙهي ڇڏن ٿا ، اهو چوڻ به غلط نه ٿيندو ته اتر سنڌ ۾ خالق حقيقيءَ جي خلقيل عورت جي جان جي ڪا حيثيت نه رهي آهي، سندس جي بيگناھ رت جون ڪو رِيهون ئي نه ٿو ٻڌي، ڪارو ڪاريءَ جهڙي ڪڌي رسم جي هر سال سوين عورتون ور چڙهي جان جي بازي هاري ويهن ٿيون ، ويجهڙائي ۾ اڪثر اهڙي قسم جا واقعا اليڪٽرڪ توڙي پرنٽ ميڊيا تي رپورٽ ٿيندا رهيا آهن ، جيڪي رڳو چينلن ۽ اخبار جي سرخين جي زينت بڻيا آهن ،اتر سنڌ ۾ عورتن کي قبيلائي جهيڙن ۾ بيگناھ ڪارنهن الظام هڻي قتل ڪيو وڃي ٿو ته جيئن مخالفن کان ڏنڊ ۽ سنڱ چٽيون وصول ڪيون وڃن، زماني جي ظالمن جا ظلم ته ڏسو هڪ عورت کي قتل ڪرڻ جي بدلي وري وري ٻه معصوم عورتون ڏنيون وڃن ٿيون، اڪثر عورتن کي ڪا ڪل نه هوندي آهي ته کين ڪهڙي ڏوھ ۾ قتل ڪيو پيو وڃي، جڏهن ڪنهن جي گهر ۾ ڪا عورت بيمار ٿيندي آهي ته اڪثر هتان جي پوئتي پيل ماڻهن جي اها ڪوشش هوندي آهي ته کيس ڊاڪٽر بجاء ڪنهن ڊاڪٽرياڻي کان علاج ڪرائجي ، ڌتڙيل معاشري جي ريتن ۽ رسمن جي اونهي غار ۾ گهاريندڙ ماڻهونءَ جي اکين مان اها اونداهيءَ جي پيل پٽي لهڻ جو نالو ئي نه ٿي وٺي، جيڪڏھن سندس جي اکين تي پيل پٽي لهي پوي ته کيس خبر پوي ته هيءَ ڊاڪٽرياڻي به ڪنهن جي ڌيءَ ڀيڻَ آھي جنهنجي پيءُ ڪشالا ڪري کيس پڙهائي لکائي بنيادي حق فراهم ڪيا آهن ، ٻئي پاسي ڏٺو وڃي ته اتر سنڌ جون عورتون مردن کان ذرو به گهٽ نه آهن لابورو لائي هجي يا گاھ پڻهو ڪرڻ هجي توڙي جو گهرن جي ڪمن ڪارن کان علاوه ٽوپيون سبي برٿ ڀري پنهنجن گهر وارن کي گهر جو گاڏو ڌڪڻ ۾ معاشي طور تي مدد به ڪن ٿيون ، اها پڻ فخر جي ڳالھ آهي ته اسلامي دنيا جي پهرين عورت وزير اعظم شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جو تعلق به اتر سنڌ جي شهر ڳڙھي خدابخش سان آهي،اسان وٽ عورتن جي حقن بابت ڪيترا ئي سرڪاري توڙي غير سرڪاري ادارا قائم آهن جيڪي وقتن فَوقتن آواز پڻ اٿارن ٿا جنهن سان عورتن جي حقن بابت معمولي سطح تي چرپر ٿي سگهي آهي ، پر سندن جو آواز اڄ تائين ڪو انقلاب نه آڻي سگهيو آهي ، ملڪي سطح تي 1973 جي آئين کان ويندي هر گورنمنٽ جي دور ۾ عورتن جي حقن بابت قانون پاس ڪيا ويا پر بدقسمتيء سان انهن قانونن تي عمل ڪونه ٿي رهيو آهي، اڄ به عورتن جا حق لتاڙجن پيا اڄ به عورتون جاهل وڏيري جي ڪوٽ ۾ ڪارنهن الظام هيٺ قيد ٿين ٿيون ،سنڌ اسيمبلي ۾ ڪيتريون ئي عورتون پنهنجن تڪن مان اسيمبلي ميمبر طور چونڊيون ويون آهن جن وٽ عورتن جي حقن بابت آواز اٿارڻ هيلو وسيلو به موجود آهي ، تن کي گهرجي ته اسيمبلي ۾ عورتن جي حقن بابت بل پاس ڪرائي انهن تي عمل پڻ ڪرائين، گڏيل قومن پاران 1975ع ۾ 8 مارچ تي عورتن جو ڏھاڙو ملهائڻ جو اعلان ڪيو هيو جيئن عورتن جي جائز حقن کي هر سال ياد ڪيو وڃي، اڄ 8 مارچ آهي يعني عورتن جو ڏهاڙو ، اتر سنڌ جي سياسي ،سماجي ، صحافي ۽ پڙهيل لکيل طبقي کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت پئجي چڪي آهي، عورتن جي بنيادي حقن بابت جاڳرتا مهم توڙي سيمينار ڪوٺائڻ جي ضرورت آهي، هتان جي عوام کي عورتن جي حقن بابت آگاهي ڏيڻ جو وقت اچي چڪو آھي، هتان جي عوام جي اکين تي عربن ۽ تر خانن واري ريتن ۽ رسمن جي ٻڌل پٽي لاهڻ جي ضرورت آهي ، نياڻين کي تعليم ڏيارڻ لاء زور ڀرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن مستقبل ۾ اسانکي سلڇڻو، سلجهيل ۽ پڙھيل لکيل معاشرو ملي سگهي ،ڇو جو قومون تڏهن ترقي ڪنديون آهن جڏهن معاشرو ترقي ڪندو آهي ۽ معاشرو تڏھن ترقي ڪندو جڏهن عورت کي جائز حق ملندا.
     
    تلوڪچند ولاسائي ۽ soomro asif هيء پسند ڪيو آهي

هن صفحي کي مشهور ڪريو