• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

جي تون اَڃا نه ڄاتو ، آ ڪير دُيس واسي ،

عاشق سولنگي

سينيئر رڪن
جي تون اَڃا نه ڄاتو ، آ ڪير دُيس واسي ،
تُنهنجو جَنم اَجايو ، تُنهنجي مٽي اَڻاسي !

آيو ويو سڪندر ، سيوهڻ اَڃا اُتي آ ،
هُو کير ٿر کڙو آ ، وِيندا رهيا وِناسي .

لالَڻ ! نوان لَڪن ۾ نِڪتا نِياڻَ آهن ،
ايندا جِتي لُڪن ۾ ، پانڌيئڙا پِياسي .

هِي شام جو مياڻي ، هِي سونَ رنگ پاڻي ،
تَڙ تي ٻه چار ڏيئا ، نَڙ تي ٻه چار لاسي !

منهنجي اُڪير ڇا هي؟ هي چِٽ چيت من ۾،
مندرِ ، اُداس ڏيئو ، اَڌ راتِ ، ديوداسي .

جي وک کي وڌائين ، اَڄ ماڳُ ڏور ناهي ،
ڏُونگر ڏريِ پَيو آم ساهَس ته ڌارِ ساسِي !
 
جواب: جي تون اَڃا نه ڄاتو ، آ ڪير دُيس واسي ،

واه سائين عاشق سولنگي صاحب واه۔
 
جواب: جي تون اَڃا نه ڄاتو ، آ ڪير دُيس واسي ،

پيارا عاشق سولنگي شال جُڙيو هُجين ، ڌرتي جي شاعر شيخ اياز مرحوم جون انتهائي خوبصورت سِٽون ونڊ ڪرڻ لا لکين کيرون لهڻين، ان کان سوا توکي دل جي گهرائين سان واڌايون جو انهن سِٽن جي نهايت ئي خوبصورت چتر ڪارِي ڪئي آهي۔ ايتري سپر چتري ڪاري جو دل خوش ٿِي وئي۔ لک لائق۔
 
سائين پيرن تي هٿ۔
پسند ڪرڻ جي وڏي مهرباني۔
 
جواب: جي تون اَڃا نه ڄاتو ، آ ڪير دُيس واسي ،

واهه واهه دل خوش ٿي وئي۔۔۔
جي تون اَڃا نه ڄاتو ، آ ڪير دُيس واسي ،
تُنهنجو جَنم اَجايو ، تُنهنجي مٽي اَڻاسي !
سنڌ جي امر شاعر سائين شيخ اياز جي تمام زبردست شاعري توهان ونڊ‌ڪئي آهي، ان سان گڏ زبردست ڊزائين پڻ آهي۔۔۔۔ ونڊ‌ڪرڻ جي مهرباني
 
جواب: جي تون اَڃا نه ڄاتو ، آ ڪير دُيس واسي ،

سنڌ جي امر شاعر جو حب الوطني جي رمزن سان ٽمٽار گيت ونڊ ڪرڻ تي دوست عاشق جا ٿورا ۔۔۔ سنڌ جي سڄڻن جون چهنڊڙيون لڳنديون رهن ته جيئن سنڌ جي آجپي واري جهد ۾ سنڌ واسي اڳ کان اڳرا ٿيندا رهن ۔۔۔

تمام سهڻو گيت، سهڻي پيشڪش ۔۔۔ سهڻو پيغام ۔۔۔

جي وک وڌائين اڄ، ماڳ ڏور ناهي ۔۔۔۔۔
 
جواب: جي تون اَڃا نه ڄاتو ، آ ڪير دُيس واسي ،

واهه واهه دل خوش ٿي وئي۔۔۔

سنڌ جي امر شاعر سائين شيخ اياز جي تمام زبردست شاعري توهان ونڊ‌ڪئي آهي، ان سان گڏ زبردست ڊزائين پڻ آهي۔۔۔۔ ونڊ‌ڪرڻ جي مهرباني

ادا مست شال جڙيو هجين۔
مهرباني پسند ڪرڻ جي
 
جواب: جي تون اَڃا نه ڄاتو ، آ ڪير دُيس واسي ،

سنڌ جي امر شاعر جو حب الوطني جي رمزن سان ٽمٽار گيت ونڊ ڪرڻ تي دوست عاشق جا ٿورا ۔۔۔ سنڌ جي سڄڻن جون چهنڊڙيون لڳنديون رهن ته جيئن سنڌ جي آجپي واري جهد ۾ سنڌ واسي اڳ کان اڳرا ٿيندا رهن ۔۔۔

تمام سهڻو گيت، سهڻي پيشڪش ۔۔۔ سهڻو پيغام ۔۔۔

جي وک وڌائين اڄ، ماڳ ڏور ناهي ۔۔۔۔۔

سائين مهرباني قرب
 
Back
Top