پيراڻو ڀنڀرو (ڪتاب؛ ڄام ڄاموٽ ڄامڙا) ليکڪ. علي احمد بروھي

'مختلف موضوع' فورم ۾ شاهنواز ٽالپر طرفان آندل موضوعَ ‏9 مارچ 2017۔

  1. شاهنواز ٽالپر

    شاهنواز ٽالپر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    43
    ورتل پسنديدگيون:
    114
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    173
    ڌنڌو:
    ڊسٽرڪٽ فيلڊ آفيسر
    ماڳ:
    بدين
    حشر ويل حساب ۾ پڇاڻو ٿيندو. اھو عدل انصاف ته ٿيو پنھنجي ماڳ، ھن جھان ۾ ئي پنھنجي ڪئي جو ڦل، ڀلائيءَ بدلي ڀلائي ۽ برائيءَ جو نتيجو برو اوس ملي ٿو. ڪڏھن ڪونه ڏٺو يا ٻڌوسين ته ڪنھن پوکي جنس جَون جي ۽ لڻيائين ڪڻڪ. قدرت جي ليکا ئي پنھنجا آھن. نه فقط ھر عمل جو ردعمل سندس مقدار تائين محدود رھي ٿو پر اڪثر تر سزا يا جزا گڏيل وياج سوڌي پلئه پوي ٿي. وري جنھن سخاوت يا سختيءَ سان اجورو يا بدلو وصول ٿئي ٿو، ان جو ڪاٿو ڪرڻ ئي مشڪل آھي. سود خور به ليکو لاھڻ وقت آني ٻٽي جي رعايت ضرور ڪري ٿو. ھڪ يھودي به حساب ڪتاب ۾ پئسو يا ٽڪو معاف ڪري ڇڏيندو آھي. پر قدرت ھرگز نه.

    ننڍپڻ ۾ جڏھن پڙھيو ھئم ته ھڪ معصوم ٻار جي ھٿ کان رانديڪو کسڻ تي به سموري ڪائنات ۾ زلزلو مچي وڃي ٿو ته بي اختيار کل اچي ويئي ھئم. ڪپاٽ تڏھن کليم جڏھن اڳتي ھلي ڏٺم ته انسان تي ظلم ڪرڻ يا ڪنھن جي دل ڏکوئڻ ته درڪنار پر ڪنھن گگدام جانور، پکي پَکڻ يا ڪنھن جيت جڻئي کي ڄاڻي ٻجھي، يا طيش ۾ اچي ايذاءُ ڏيڻ يا مروان موت ملوڪان شڪار تي به قدرت قھار ٿئي ٿي. اھو ايمان اٿم. انسان کي ڪنھن جان وٺڻ جو حق فقط پنھنجي يا ٻين انسانن جي خود بچاءُ لاءِ آھي ۽ بس – اھا خبر خالق‑ اڪبر کي ته سندس آڏو ڪنھن جي زندگي وڌيڪ عزيز ۽ قيمتي آھي، ھڪ ڏيڏر جي يا ڪنھن وڏيري جي. ان ڏس ۾ ڪيئي مشاھدا اکين آڏو اٿم.

    خيرپور رياست جي نوڪري واري زماني ۾ قصن ڪھاڻين لکڻ جو شونق ھوندو ھيم. ڇاڪاڻ ته صحافت کان تازو وڇڙيو ھيم. آکاڻين ۽ افسانن جي خاڪن جي تلاش ۾ انساني ڏکن سورن جي مرڪزن، اسپتالن ۽ جيلن جا چڪر ڪاٽيندو رھيس. ھڪ دفعي خبر پيم ته خيرپور جيل ۾ ھڪ اھڙو ڏوھاري ڦاسيءَ لاءِ آيل ھيو جنھن ٻه قتل اڳ ۾ ئي ڪيا ھئا ليڪن ٻئي دفعا فرار ٿي ويل ھو. ھاڻ وري ٽئين خون جي الزام ۾ سزاياب ٿي آيل ھيو. دستوري اجازت حاصل ڪري ھڪدم وڃي ساڻس ملاقات ٿيم . سلام دعا بعد کائونس پڇيم ته ”يار ٻن انسانن جي خون ۾ شايد تنھنجي دل نه ڍاپي جو وري ٽئين کي به قتلام ڪيئي؟“ قيدي کلي ويٺو. چي ”ڏسان ويٺو ته تون ڪا اھڙي ھستي نه آھين جو منھنجي سزا معاف ڪرائي سگھين ۽ نه وري آئون ڪو الله جو دادلو آھيان جو منھنجي بچاءُ لاءِ قدرت ڌرتي کي ڌوڏي جيل جون ديوارون ڊاھي ڇڏي. منھنجا پير اڳيئي قبر ۾ لڙڪيل آھن ۽ اڄ نه سڀان پنھنجي خلقيندڙ اڳيان بيھڻو اٿم. انھي آچار مون کي ڪوڙ ڳالھائڻ لاءِ ڪو به سبب آھي ئي ڪونه. سچ پڇين ته انھن ٽنھي خونن جي الزام ۾ آءُ اھڙوئي ڏوھاري آھيان جھڙو تون.“ منھنجو وات ڦاٽي ويو ۽ تارا ڦوٽاري بي يقينيءَ جي نگاه سان کيس گھوري ڏسڻ لڳس. قيديءَ وري دھرايو ته”خدا شاھد آھي ته آءُ بلڪل بيگناه آھيان.“ مون وراڻيو ته اھو ناممڪن آھي ته بي سبب ۽ بي ڏوھ ڪو ڦاھي چڙھي. قدرت ڪڏھن به پاڻ تي ڪو ڏوھ نه ڏيندي آھي. آخر ڪا ڳالھه ضرور ٿي آھي جنھن تي ڏمر ٿيو ھجي. ”ھائو“ قيدي ڪنڌ ڌوڻيندي چيو، ”خطا ضرور ٿي آھي ليڪن خطا به اھڙي خسيس جو ٻڌائيندي شرم پيو ٿئي. جي ڳالھه ٻڌندين ته خود توکي به يقين نه ايندو. ليڪن اھا وادات منھنجي اکين آڏو ھر دم پيئي ڦري. حالانڪه ان حادثي کي پورا ست سال گذري چڪا آھن.“

    آءُ ۽ منھنجو دوست جيلر ٻئي قيديءَ جي شيخن اڳيان پلٿي ماري ھڪ چتاٿي ”جيءُ“ ڪري ويھي رھياسون، قيديءَ پنھنجو قصو شروع ڪيو ،”نالو پيراڻو ذات ڀنڀرو ويٺل ڪيٽي کھڙا، درياھي ڪچي جو مالوند ڀاڳيو آھيان. الله جي ڏني ۽ مڇي مانيءَ گڏ پنھنجي تر ۾ خاصي ساک پت اٿم. مون کي راڄ سڃاڻن. خير سان مونکي گھوڙين پالڻ جو شوق ھيو. خاص طور پنھنجي سواريءَ لاءِ ھڪ ڪارنري ڪميت ٻھاڻ ھيم، جنھن جو نه فقط نالو ”بجلي“ ھيو پر سندس رفتار به کنوڻ جھڙي ھئي. منھنجو ساڻس ازحد پيار ھيو ۽ ڏينھن ۾ اڪثر ٻه چار دفعا سندس داڻي پاڻيءَ ۽ ٽھل ٽڪور جو خيال رکندو ھيس. ھڪ ڏينھن حسب دستور گھوڙيءَ کي ھٿ گھمائڻ ۽ ٻچڪر ڏيڻ لاءِ طبيلي ۾ ويس. ڏٺم ته ٻه چار ڪڪڙيون سندس آھر ۾ کوٽھڙا ڪري داڻه ۽ ڪتر کي ڦھلائي رھيون ھيون. ڪڪڙيون ھڪلي وري اچي اوطاق ۾ آرامي ٿيس. پھر کن پوءِ وري گھوڙي جو واءُ واسو لھڻ ويس ته ڪڪڙيون پنھنجي ساڳئي ڪرت ۾ مشغول ڏٺم. ڪاوڙ ۾ اچي مون ڪڪڙين تي ڪاه ڪئي. ھٿن سان لامارو ڏيندي ھڪ ڪڪڙ منھنجي جھپڙ ۾ اچي ويئي. ٻئي ھٿ سان سندس ٻي ٽنگ جھلي وٺي جو سٽ ڏنم ته ڪڪڙ چيڙجي ٻه ڦاڪون ٿي پئي. جئري ڪڪڙ ٻه اڌ ڪري پري ڦٽي ڪيم. پر ساڳئي وقت منھنجي دل ايترو ڌڙڪڻ شروع ڪيو جو جھٽ کن ته سيني کي رت ۾ رنڱيل ھٿ ڏيئي ھيٺ ويھي رھيس. آخر پاڻ کي دلداريون ڏنم ته ڪجھه به نه آھي. کڙو تڙو ٿي اوطاق ۾ اچي ليٽي پيم. پر ڪڪڙ جي چيرڻ وارو ڪارنامون اکين اڳيان ناچ ڪندو رھيو. ھنڌ ۾ ليٽندي ۽ پاسا ورائيندي رات وھامي صبح ٿيو. ڀنڀرڪي مھل اک لڳي ويئي. جڏھن اک کلي ته پوليس منھنجي مٿن کان بيٺل ھئي ۽ وڏيرو خانو ککراڻيءَ جي خون ۾ مون کي گرفتار ڪرڻ آئي ھئي، وڏيري کي سانجھي ٽاڻي پنھنجي زمين کان واپس ورندي ڪنھن ڪھاڙيون ھڻي ماريو ھو. ھي برابر آھي ته خانو ککراڻي منھنجو جاني دشمن ھيو ۽ جي مون کي وجھه ملي ھا ته آءُ کيس قتل ڪرڻ ۾ ۾ ڪا ڪوتاھي نه ڪريان ھا. مون کي اھڙو موقعو ئي ڪڏھن ڪونه مليو. مون گھڻيئي پوليس کي پڪاريو ته آءُ ڪالھه ساڳئي وقت پنھنجي طبيلي ۾ موجود ھيس ۽ منھنجي ھٿن ۽ قميص تي جو رت لڳل ھيو، اھو رت ڪڪڙ جو ھيو جنھن کي ٻه اڌ ڪيو ھيم. پر ڪنھن شنوائي نه ڪئي.

    ڪيس ھيٺين ڪورٽ کان ڪمٽ ٿي سيشن ۾ آيو. منھنجي عزيزن قريبن ڪيس جا ڪافي پوئواري ڪئي. پر شاھد اوگاه اکين ڏٺا آندا ويا. دشمني اڳيئي سرڪاري رڪارڊ تي داخل ھئي. مونکي ڦاسيءَ جي سزا ڏني ويئي ۽ رحم واري اپيل جي فيصلي تائين مون کي خيرپور جيل ۾ باندي رکيو ويو. ھڪ ڄاڻو سڃاڻو قيديءَ مون کي لوھ ڪٽڻ واري سنھڙي ڪارائيءَ جو ٽڪڙو پھچائي ڏنو. روزانو رات جو سنتريءَ جي اک وٺي ڪوٺڙيءَ جي وچين ٻن شيخن کي گھڪا ڏيندو رھيس. ھفتي ٻن جي لڳاتار ڪوشش ڪامياب ٿي ۽ شيخن جو ڪافي ڪم لاھي چڪو ھيس. آخر ھڪ انڌيري رات جي سھاري ڪپيل شيخن کي ٻيڻائي ٻاھر نڪري جيل جي ديوار ٽپڻ ۾ ڪامياب ٿيس. انھن ڏينھن ۾ خيرپور جيل جو ڀتيون ننڍيون ھيون ۽ رياستي جيل جا سپاھي به ايڏا اورچ ھئا جو رات ته ڇڏ پر ڏينھن جو به ننڊون ڪندا رھندا ھئا. ٻاھر اچي شڪرانو ادا ڪيم، آخر به ته آئون بيگناه ھيم ۽ الله منھنجي مدد ڪئي.

    ڪجھه ڏينھن جي جھنگ جھر جھاڳڻ بعد درياه ٽپي مدئجي واري ٻيلي ۾ وارد ٿيس جو ان زماني ۾ گھڻن مون جھڙن گناھگارن جو پناه گاه ھو. ڏاڙھي مڇون ڇيڪ ڇڏي ۽ نالو مٽائي سومر ڳوٺ جي پرئي مڙس حاجي موريو ابڙو وٽ سندس مينھون چارڻ لاءِ ملازم بيٺس. حاجي موريو مينھن جو وڏو واپاري ھيو. ٻيلي ۾ مينھون چاريندي ۽ کير مکڻ کائيندي مون کي سال ڏيڊ گذري ويو. حاجي موريو مون تي مھربان ھيو. کيس پنھنجي اولاد ڪانه ھئي حالانڪه ٻه شاديون ڪيون ھوائين. مون کي پنھنجي اولاد جيان ڀائيندو ھيو ۽ ننڍي وڏي ڏينھن تي پاڻ وٽ گھر ۾ ڪانڍ ڏيئي مھمان ڪري رھائيندو ھو.

    آخر ھڪ ڏينھن وري اھڙو آيو جو حاجي جي اوطاق ۾ جتي آءُ ترسيل ھيس، صبح جو اک پٽيم ته پنج ڇھه ماڻھو ڪھاڙين ۽ لوڙھين سان منھنجي مٿن کان بيٺل ھوا. مون کي سوگھو ٻڌي وڃي ٿاڻي تي پيش ڪيائون. ان رات حاجي مورئي کي ڪو ماڻھو ننڊ ۾ ننڊ ڏيئي ويل ھو. مون تي الزام ڌريو ويو ته آءُ حاجي مورئي جي ننڍي گھر سان بدپيشه ھيم ۽ ساڻس سازش ۾ شريڪ ٿي پنھنجي محسن مالڪ کي قتل ڪيو ھيم. ته جئن سندس مال متاع ۽ گھر تي به قبضو ڪريان. حالانڪه حاجي موريو منھنجي پيءُ ۽ سندس اھليه منھنجي ماءُ سمان ھئي، ڇاڪاڻ ته مون نه فقط سندن نمڪ کاڌو ھو پر ھنن مون کي پناه ڏني ھئي ۽ مون کي پنھنجي پٽ جيان پاليو ھو. بھرحال حاجي مورئي جي ڀائرن جو ڀلو ٿي پيو. ھڪ ئي ڌڪ سان سندن ٻه شڪار ٿي پيا. آءُ گرفتار ٿي پيس ۽ حاجي جي پوئين گھر واريءَ کي به سوير اڪلائي سموري ملڪيت مال جا نويڪلا مالڪ ٿي ويٺا. ڪيس ھليو ۽ نتيجو ظاھر ھو. حاجيءَ جي پھرين گھر واريءَ کي اکين ڏٺو شاھد ڪري صلاح ۾ ملايو ويو. شڪارپور جي سيشن ڪورٽ ۾ فتوا ڏني ويئي. وري اھا ئي ڦاسي. لنگھو ڀڄي کاھيءَ کان اھائي کاھي! ارڙھن مھينا جيل جا ڏاکڙا الڳ رونگ ۾. آءُ سمجھي نه ٿي سگھيس ته يا الاھي ماجرا ڇا آھي؟ ليڪن ڪڪڙ بدستور منھنجي اکين آڏو حاضر ناظر بيٺي ھئي!

    فتوا ٻڌي سيشن ڪورٽ کي سلام ڪري پوليس پارٽي مون کي سکر جيل پھچائڻ لاءِ اسٽيشن طرف پيادل سفر شروع ڪيو. اسان جو قافلو ريلوي لائين پار ڪرڻ جي ارادي سان ترسي پيو ڇاڪاڻ ته سامھون مال گاڏي اچي رھي ھئي. ريل جي ويجھو ايندي مون پنھنجي زندگيءَ جو سودو ھڪ سيڪنڊ ۾ سوچيو. ڦاسي ته ھونئن به ملڻي ھئي، ڇو نه ھن ھنڌ داءُ کيڏان؟ جڏھن انجڻ ويھارو قدم مفاصله تي پھچي چڪي ھئي ته مون ڀڙڪو کائي انجڻ اڳيان لائين ٽپڻ لاءِ رومڙ ڪئي. اوچتي سٽ سبب بيخبر پوليس واري ھٿان رسو چڏائجي ويو. مان پھرين ڇلانگ ۾ ئي لائين پار مشڪل ڪئي ھوندي ته انجڻ به شوڪاٽ ڪندي منھنجي پاسي کان گولي جيان گذري. پوءِ ته پيرن تي زور ڏنم. مال گاڏي خاصي ڊگھي ھئي. پوليس پارٽي پرين ڀر بي بس بيٺل ھئي. اڳيان جوئر جي ”مڙس تار“ پوک پار ڪرڻي ھئي. پوءِ جھنگ ئي جھنگ ۽ پوءِ آزادي ھئي. ھٿن ۾ ھٿڪڙيون ۽ چيلھه ۾ رسو ھيو پر ڇوٽڪاري جي آس اميد منھنجي پيرن ۾ بجليءَ جا طاقت آڻي ڇڏي ھئي. اونده اچي چڪي ھئي، پٺيان ڪوئي به ڪڍ ڪونه ھيو. رات پئجي ويئي ھئي، پر منھنجي سوچ ۽ ڊوڙ جي رفتار ۾ ڪمي ڪانه آئي. مون کي خبر ھئي ته ڀاڄ ڪھڙي رخ ۾ اٿم، ۽ اڳتي ھلي ڇا ڪرڻو اٿم. اڌ رات ڌاري مدائجيءَ جي ڪاٺ مڏيءَ واري دوست چوڪيدار وٽ پھتس جنھن مترڪو ۽ ڇيڻيون کڻي سرڪاري ڪنگڻ کان منھنجون ٻانھون آزاد ڪيون. سندس اجرڪ ۽ پھرياڻ پھري پنھنجي پتڻ واري پراڻي ساٿيءَ وٽ پناه ورتم. ٽي چار ڏينھن ٿڪاوٽ دور ڪرڻ ۾ لڳا. تازه دم ٿي وري اڳڀرو الله توھار ڪيم. آخر آءُ به ته بيڏوھي ھيس.

    اڳين ٻن خونن جي واقعن وچ ۾ چئن سالن جي وڇوٽي ھئي. ليڪن ٽئين خون جي الزام مون کي وڌيڪ وقت ترسڻو نه پيو. آخر قدرت کي بھانه تلاش ڪرڻ جي ڪھڙي ضرورت ھئي؟ جڏھن انسان پاڻمرادو سموري عمر پنھنجي حياتيءَ جي حيلي وسيلي ۽ موت جي بھانه ڳولڻ ۾ پاڻ سرگردان رھي ٿو. جڏھن ڇھن سالن جي ڊگھي عرصي بعد آءُ پنھنجي ڳوٺ پھچي گھر پھتس ته مون لاءِ ٽئين خون جو بھانو اڳواٽ ئي انتظار ڪري رھيو ھو. حالي احوالي ٿيندي معلوم ٿيو ته منھنجي سڪيلڌو پٽ ککراڻين کان بدلي وٺڻ خاطر، سندن نوجوان اڳواڻ جانو ککراڻيءَ کي خون ڪري روپوش ٿي ويل ھو. جانو انھي خانوءَ جو پٽ ھو جنھن جي خون ۾ مون کي پھرين ڦاسي ڏني ويئي ھئي ۽ پيءُ جي مرڻ بعد پاڻ پڳ ٻڌي قوم جو پڳدار ٿيو ھو. خون جي واردات کي پورا ڇھه ڏينھن گذريا ھئا. حساب ڪيم ته منھنجي ڀاڄ ۽ وڏيري جانو جي خون جو ڏينھن ۽ وقت عين ساڳيو ھو. سمجھي ويس ته قدرت جي مرضي ڪھڙي ھئي؟ قدرت مون سان ٻلي ۽ ڪوئي واري راند کيڏي شايد پنھنجي دل وندرائي رھي ھئي. ڪڏھن چنبي جي گرفت ۾ چو کنڀو جڪڙي وري آزاد ڇڏي ٿي ڏنائين. جڏھن پاڻ کي ڇڙواڳ ڀانئي بچاءَ لاءِ ڀاڄ ڪيم ته وري امالڪ مٿان ڪڙڪي پختو ٿي پڪڙيائين. پنھنجي نوجوان پٽ جي زندگيءَ بچائڻ جو ھڪ ئي طريقو ھو. گھر وارن گھڻي ڪوشش ڪئي پر آءٌ پنھنجي ھوڏ تي قائم رھيس. تر جي پوليس ٿاڻي تي پھچي پاڻ کي گرفتاريءَ لاءِ آڇ ڪيم ۽ اقرار ڪيم ته اڳين ٻن خونن ۽ تازه ٽئين ککراڻيءَ جي قتل جو فقط آءُ اڪيلو جوابدار ھيس. پوليس صوبيدار لاءِ عيد ٿي ويئي. ڇاڪاڻ ته منھنجي گرفتاري لاءِ پنج ھزار روپيا روڪ انعام آڇيل ھو. علاوه ان جي، ٽئين قتل جو اقراري قاتل پڻ هيس جنھن جوابدار کي ھٿ ڪرڻ لاءِ مٿس پوليس ڪمانيءَ جي زوربار آندل ھو. مون کي صوبيدار ڀاڪر پائي مليو ۽ پاڻ سان گڏ ماني کارايائين. ان گڏ شاباش پڻ ڪيائين ته آءُ بھادر ھيس جو خون جا جملي ڏوھ قبولي پنھنجي آخرت آجي ڪيم. ساڳئي ڏينھن مون کي خيرپور ٿاڻي تي آڻي قانوني ڪاروائي مڪمل ڪئي ويئي. منھنجي پٽ خلاف چارج ختم ڪئي ويئي ۽ مون کي اڳين ۽ پوئين خون جي جرم ۾ نئين سر رجوع ڪيو ويو. عدالت کي ثابتين ۽ شاھدين جي گھڻي کوجنا نه ڪرڻي پيئي ڇاڪاڻ ته آءُ قبولدار ھيس. گذريل مھيني فتوا ڏني ويئي ھئي ۽ اڄ ٻڌو اٿم ته رحم جي اپيل به رد ٿي آيل آھي. اڄ سڀاڻي سر ڏيئي سرھو ٿيندس.

    ھي برابر آھي ته ھن ڀيري ڦاسي چڙھڻ لاءِ مون پاڻھرتو اڳرائي ڪئي. ليڪن ان وقت، جڏھن مون کي ھي سورنھن آنا خاطري ٿي چڪي ھئي ته منھنجي زندگي جو فيصلو ان ڏينھن تي ٿي چڪو ھو جڏھن ھڪ معصوم ڪڪڙ جو بيرحميءَ سان انت آندو ھئم. اھو فيصلو اڻٽر ھو، جئن وقت ثابت ڪري چڪو آھي. آءُ اڻڄاڻ ۽ الھڙ ھيس جو پاڻ کي بيگناه سمجھي ڀاڄ جي واٽ وٺندو رھيس. آءُ ان غلط فھمي ۾ مبتلا رھيس ته آءُ اشرف المخلوقات، ۽ ڪٿي ھڪ ڪسيري جي ٽرڙي ڪڪڙ! مون کي اھا سڌ ٻڌ به نه رھي ته ٻنھي جو خالق مالڪ ساڳيو آھي. ھاڻ ستن سالن جي رولڙي ۽ خواري بعد سمجھه آئي اٿم. مون ڀليءَ ڀت ڄاتو ٿي ته ان وقت تائين قدرت جي اکٻوٽ جاري رھندي ، جيستائين پنھنجي اندر ۾ حقيقي ڏوھ جو اقرار نه ڪيو اٿم. جيترا دفعا فرار ٿيندس اوترا خون جا الزام منھنجي گردن مٿان مڙھيا ويندا. ھاڻ جڏھن قدرت جي قصي کي سمجھي رب جي رضا اکين تي رکيو اٿم ته منھنجو جيءَ جان ۽ جسو سڀ قرار ۾ آھن. يقين ڪندين ته ڪالھه رات ھڪ عجيب خواب ڏٺم. ڏسان ٿو ته طبيلي ۾ بيٺو آھيان ۽ گھوڙي جي آھر ۾ ساڳي ڪڪڙ جا ھن اڳ زخميل ۽ سندس ٻه اڌ ڦٿڪندا ڏسندو رھيس، سا سڄين لڱن سان کوٽھڙن ۾ مشغول ھئي ۽ آءُ کيس ھڪلڻ يا مارڻ بجاءِ نھايت پيار سان ڏسي رھيو ھوس. سمجھان پيو ته مون کي معافي ملي چڪي آھي. ٻيو مڙوئي خير . . . .“
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو