توهان جي عُمر ڇا آهي؟“ پڇيومانس ”45 سال، پر ڇو؟“ هُن ائين جواب ڏنو ڄڻ کائنس سندس ورجنٽِي (ڪُنوارپ) جو پڇيوهجيمانس. ”همم..! ته معنيٰ توهان کي مان چاچِي چي سگھان ٿو“ مون سندس سوال جو ڪوبه جواب نه ڏنو. ”ها! پر پوڙهِي چاچِي نه..!“ هُوءَ ڪچهريءَ ۾ ايتري ته گَهرِي ٿي وئي هُئي جو لڳم پئي ته ساڻس روح جو رشتو آهي، ورهين کان پوءِ ڪنهن وَلَر سان وڇڙِيل ڪُونج پنهنجي وَلَر سان مِلي هُجي۽ هُوءَ مِٺيون مٺيون ٻوليون ٻولڻ لڳي هُجي، نومبر جي رات جا تارا خوشيءَ مان ٽِمڪا ڏئي رهيا هُجن، حيدرآباد ۾ هلندڙ گاڏين جو شور بند ٿي ويو هُجي، سِنڌُوءَ جِي ڪَپَرَ تي ڪو پَکِي مِٺي ٻوليندي سنڌوءَ جي لهرن کي پيرن سان ڇُهِي رهيو هُجي... فلمي منظر پيو لڳو، يقين نه پئي آيم ته هِي اُها ئي سُوںهن آهي جيڪا ڪُجھه ئي ڪلاڪ اڳ مونسان پهريون گُفتو ڳالهائڻ ۾ هَٻَڪ محسوس پئي ڪيو... ”مان هاڻ سُمهان ٿِي! گُڊ نائٽ“ مُنهنجي خيالن جو تسلسل ٽُٽي ٿو، مان سندس ڪيل سموري گُفتگُو کي سميٽڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو، پر مُنهنجين ٻانهن ۾ سندس آڇيل لفظ نٿا سميٽي سگھجن. مان کيس ڪو جواب نه پيو ڏيڻ چاهيان، ڪُجهه دير سوچيان ٿو، موبائل کڻي ٻيهر لکانس ٿو ”توبِن رات جِي اونداهِيءَ ۾ مونکي ننڊ ڪِٿي ايندي؟“ مان انتظار ٿو ڪريان، ٻه مِنٽ، ٽي منٽ، اڌ ڪلاڪ، ايتري ۾ موبائل جِي گھڙيءَ ۾ رات جا 2 ٿيڻ جو الارم وڄي ٿو، دل کي تسلي ڏيان ٿو ته صِرف خواب هو۔۔