ڪنهن جي ناهي هيءَ سراء،ِ رات گُذاريئه، هاڻي هَل. اُن تي مَڌ جو مينهن وساءِ، ٽِڙندو ٽانگر جئن پَل پَل. اُڏري ڪائي لات ڪيان، ڪيسين روڪيندو اَڻ ــ جَل. تاڙي مار نه، جي آيو، تنهنجي ماڙيءَ تي طوطل. تنهن جيوَن کي آگ لڳاءِ، جنهن ۾ ناهه ڪرم جو ڦَل. ڪيچ هجي ڪيڏو به پري، آريءَ پُٺيان آءُ اَٽل. ٿَر ۾ ٿانئيڪو نه ٿيو، ڪوئي ڪوئي ڪارايَل. آخر ڪارونڀار ڪري، برسي ٿو بُٺ تي بادل. هي واريءَ تي وڏ ڦُڙو، هي ساوڻ جو سُر منڊل. اي ڪوئل! هي ننڊ ـــ فنو، تو جھڙو ڪو ڪُوڪ ڪُٺَل. ٻگھڻ ٻولي تنهنجي لاءِ، منهنجي ڪوتا آهه ڪَجل. سنڌڙيءَ کي سيباءِ، ’اياز‘، پنهنجو گيڙو ويس غزل.