ناحق موجود* سڄڻ سائين اوهان جو موڪليل خط پهتو لفظ لفظ دل ۾ رکڻ جهڙو. ھتي ساڳي حال آھن ويران اجڙيل سنڌ اهيئي ڀوتارن جون بدمعاشيون اهائي بک مفلسي اهائي ساڳي خاموشي، ساڳي الزام، ساڳي ڪهاڙا، ساڳي وڻ. سنگت به ساڳي ڪرت سان لڳل جت سڻڀو گرھ جت ايڪسپورٽ مڌ رات ان جا سلامي صبح جوري گلائون. قبلا سائين * هاڻ ته نه اسان گولاڙچي کان حيدرآباد ٿا وڃي سگهون نه مٺي وارا بدين وايا حيدرآباد واري روڊ تي هلي ٿا سگهن اها نه جيڪا زرداري واري شگرمل بدين حيدرآباد روڊ تي ماتلي ويجهو آھي اتي پنجاب کان ڪمند کڻي ايندڙ ٽرالن روڊ تي قبضو ڪري ورتو آھي ڏينهن رات روڊ بند هئڻ ڪري سوين گاڏيون ڦاٿل هجن ٿيون ظلم جي انتها آھي جو ايمبولينس ۾ مريض تڙپندا رهن ٿا پر ظالم زرداري جي راڄ ۾ ججن کي به اهو ظلم ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي پبلڪ پريشان پر ڪنهن کي به پرواه ڪونهي. سائين * خط وڏو ٿيندو وڃي انڪري ڇتي ڪوري واري ڊيگھ نٿا ڪريون ساٿ سلامت سڀني جا سلام قبول ڪجو. اهوئي رنده مئڪده اهوئي بند مئخانو * مصطفىٰ اياز مهيري جواب منهنجا پيارا دوست مصطفي مھيري دعاء خير! توھان جو خط موصول ٿيو. جيڪو توهان ڪنهن بالو فقير نالي شخص جي مزار تان پنهنجي تصوير سميت موڪليو هو. غالبن توهان اسان جي پياري دوست عزيزم وڪيل لطف الله عرف بابو راڄپر صاحب جن جي ڳوٺ کان واپس وريا هئا اوهان جا همسفر بھاء الدين عرف بهاول خان جوڻيجو ڍاڀي وارو ۽ نهال ڪمار سانگهڙائي ڪاوش اخبار وارا هئا. انهن ٻنهي نيڪ معتبر شخصن جي اسان کي به صحبت نصيب رهي آهي. توهان جو ميخاني کان اٿي مزارن تي پهچڻ اسان جي سطحي سمجهه کان بالاتر آهي . جڏهن تقريبن پوري سنڌ تي مزارن جا گادي نشين مسلط هجن . هڪڙا مرشد هجن ٻيا مريد ۽ خليفا هجن تہ آزاد روح وارو سنڌي انسان ڪنهن بازار ۾ ھوندو؟ يقينن اهو ناپيد هوندو يا اذيت زمانہ جي منهن ۾ ھوندو. توکي معلوم هوندو تہ ورهاڱي جي جدوجهد دوران سنڌ جا جاگيردار پير مرشد گادي نشين، درگاه نشين جناح صاحب جي مسلم ليگ ۾ آخري وقت ۾ شامل ئي پنهنجي جاگيرن ۽ خانقاهن کي بچائڻ لاء ٿيا هئا . نه ڪي سنڌ جي سلامتي لاءِ. اصل پيٽ آهي جيڪو اهي کيل سڀ ٿو ڪرائي. پيٽ گذر تہ ھرڪنھن کي ئي ڪرڻو آهي. ڪنهن سچ چيو آهي تہ" بورچي خانو مزار آهي. بورچي مها پروهت آهي . کاڌي جي ٽيبل قربان گاہ ۽ پيٽ ديوتا آهي." ڏسين نٿو تہ سنڌ ۾ ڏسندي ڏسندي ڪا پرديسي پير جي مزار جڙي راس ٿي وئي آهي تہ ڪٿي ڪنهن شهيد جي نالي ۾ سرداري، ڀوتاري نظام کي مضبوط ڪرڻ لاءِ مزار جڙي وئي آهي. دودي سومري جي مزار بہ ائين ئي اٿئي . اھو سڄو سنڌ جي محققن ۽ وڏيرن جو هٿ ناٽ اٿئي. نہ تہ ڪيترن مقامي ماڻهن جو بيان آهي تہ اھا ڪنهن ملاح ويچاري جي تربت آهي. جنهن جي دودي سومري جي نالي ۾ چاندي ٿي وئي آهي. منهنجا دوست ميان مھيري! اسان غور ڪندا آهيون ته گهڻي ڪرب و تڪليف مان اهو سوچي گذرندا آهيون ته سنڌ ڌرتي شايد واحد وطن آهي جتي مئل انسان زنده انسانن کان اڪثريت ۾ آهن . جتي مئلن کي گل ۽ جيئرن کي تير تفنگ، تهمتون طعنا ٿا ملن. تون ڏسين نٿو انهي ماحول جي ڪري اسان اهو وساري ويٺا آهيون ته زنده انسان جو جسم به هڪ مزار يا مندر آهي جنهن ۾ اسان جو روح مقيم آهي. اسان زنده انسان کي مان مرتبو ڏيڻ بہ ان ڪري ئي ناهي سکيو جو اسان انهن مري خاڪ ٿي ويلن جي پڌرن تي جهڪڻ ۾ پورا آهيون. اسان وٽ وقت ناهي جو زنده انسانن ڏي نظر ڪريون. . ڪنهن جي بقول تہ مري ويلن کي ڪو حق ناهي ته جيئرن تي حڪمراني ڪن . جڏهن تہ تون ڏسي رهيو آهين تہ سنڌ تي حڪمراني ۽ حاڪميت ڪنهن نہ ڪنهن شڪل ۾ مئلن جي ئي آهي. توکي ائين نٿو لڳي تہ سنڌ جا لکين ماڻهو روز صبڄ جو گهرن مان نڪرن ٿا انهن ميلن ملاکڙن، مزارن، قبن، ڪانين ڪرامتن قرار ڏنل مقامن تي پهچن ٿا وري واپس گهرن طرف مرادون پوريون ٿيڻ جي يقين سان اچن ٿا. سوين سالن کان اهو سفر ڪيو اٿن . پر سندن ڪهڙي بک وئي آهي؟ سنڌ مان ڪهڙي غربت وئي آهي؟ ڪهڙي روحاني طهارت ٿي آهي؟ ڪهڙو ادب اخلاق اوچائي طرف اڏام ڪئي آهي؟ توکي اسان سنڌ ۾ مزارن جي تاريخ پڙهڻ جو مشورو ڏينداسون. ڪاش! ڪو تاريخدان، محقق اهو سند ۽ تصديق سان بيان ڪري عوام و خواص کي ٻڌائي تہ سنڌ ۾ پهرين مزار ڪڏهن ٺهي ۽ ڪنهن ٺهرائي؟ مونکي سمن جي دور تائين تہ ڪابه اهڙي آباد مزار نٿي سجهي جنهن جي غلامي ۾ خلق خدا ائين ۽ ايتري هجي جيتري زماني حال ۾ آهي. سومرن جو دور تہ اڃان بہ اڳيان اٿئي. هاڻي توکي ڇا ٻڌايان تون پاڻ ئي اهل بصيرت آهين تہ اسان وٽ مدرسن جي مقابلي ۾ مزارن جا حمايتي بہ نڪري آيا آهن. گادي نشينن مسند نشينن کي باقي ڇا گهرجي؟ جو انهن حمايتين ۾ اهل قلم، اہل دانش و سياست بہ شامل آهن جيڪي ڪڏهن درگاهن تي چراغ روشن ڪرڻ تہ ڪڏھن مفلر ڳچي ۾ وجهي صوفي سڏائي ڌمالون ڪرڻ ۾ پورا آهن. منهنجي لکڻ جو مطلب تہ سنڌ هن وقت جدت طرف وڃڻ بجاء اهل مدرسہ ۽ اهل خانقاه جو ئي ميدان ٿيندي وڃي. هڪڙا تصوف جا دعويدار تہ ٻيا ملايت جا دعويدار. پر مطالعو۽ مشاهدو ڪندين تہ توکي تصوف جا دعويدار مدرسي جي ملان کان فقط هڪ قدم پوئتي بيٺل ملندا صوفی کی طریقت میں فقط مستیء احوال ملان کی شریعت میں فقط مستیء گفتار آئون تہ کنڀين وانگر نڪري آيل انهن صوفين ۾ نه رواداري، نه سهپ، نہ دانش نہ ئي تصوف جي تاريخ بابت ڪو فهم ٿو ڏسان. بس ائين سمجهه تہ اهي بہ مزارن طرف ويندڙ ھجومن جي پويان لڳل رونشي وارا آهن جن ۾ تو بہ پاڻ کي شامل ڪري رکيو آهي. فاش مي گويم و ازگفته خود دل شادم والسلام متمنی خير و عافیت حفيظ ڪنڀر. متحده عرب امارات توھان جو خط موصول ٿيو. اسان مناسب ٿا سمجهون تہ پنهنجي اڳين لکيل خط جي سلسلي کي وڌائيندي توهان کي ٻڌائيندو هلجي تہ.. مئل بہ جيئرن جي روح، نفس، سوچ، خيال تي تڏهن ئي حڪمراني ڪندا آهن جڏهن سماج جا زنده انسان مئلن مثل ٿي ويندا آهن. مطلب اهي خواب ڏسڻ ڇڏي ڏيندا آهن.علم رسي ويندو آهي. آئي وي ايف ۽ ٽيسٽ ٽيوب بي بي جي ميڊيڪل دور ۾ مزارن جي باسن تان مليل اولاد ماءُ لاء زنده ۽ سماج لاء مئل ئي ھوندو آھي. اھي پيدا ٿيل نسل بازارن، گهرن، روڊ رستن آفيسن ۾ کائيندڙ پيئندڙ مئل انسان ٿي هلندا رهندا آهن. پاڻ سڏائيندڙ روحاني آقا کين اهڙين تہ پشمي، پٽ جي، اطلسي، ڪمخوابي زنجيرن ۾ سندن روح جڪڙي ڇڏيندا آهن جو غلام کي بہ اهي زنجيرون گلن جا هار نظر اينديون آهن. هو انهن تي به فخر ڪندو آهي. هڪ ڀيرو انسان ڪنهن قبر تي ڪريو يا ڪنهن مرشد، پير جي پيرن ۾ جھڪيو تہ وري نہ ڪنڌ سڌو ڪري سگهندو. نہ چيلھ سڌي ٿيندس. ڳچي ۾ ڳانا پائي نچندڙ منهنجا دوست ميان مھيري! توھان کي معلوم هوندو تہ ڪنھن وقت ۾ سنڌ ۾ انگريزي پڙهيل شخص کي "بابو لوگ" چئي کيس ملحد، دهريو، کريل، ٿڙيل شخص قرار ڏبو هو، پوء جڏهن ڪميونزم جو دور آيو تہ ان ماڻھو کي ڪميونسٽ چئي واويلا وڻڪار ۾ ڪري مٿس ڪفر ۽ الحاد جا الزام هنيا ويندا هئا، روس جي خاتمي کان پوء وري تهمتن جا تير هلڻ بند ٿي ويا، پر هاڻ روشن خيالي، جديد سوچ، سيڪيولر سمجھ صليب تي چڙهيل آهي، هر طرف سيڪيولر سوچ کي گهيرو ڪيو ويو آهي، ان خلاف وقت جا اوريا مقبول جان ۽ فضل الرحمان سنڌ ۾ بہ نڪري پيا آهن. پر تصوف جي ڪنهن بہ دعويدار تي ڪنهن کي بہ ارهائي ناهي ، ڇو تہ چوڌري شجاعت کان وٺي ڄام صادق تائين سڀ تصوف جي طرف آهن. تصوف ۾ عورت جي تہ گنجائش ناهي بلڪ ڪن صوفين عورت کي به گناه فساد جي جڙ قرار ڏنو آهي پر سنڌ جو صوفي سڏائيندڙ وزير اعلي ڄام صادق تہ عورتن جي نازڪ عضون ۾ مرچن جي چٽڻي وجهڻ جو اعتراف ڪري چڪو هو. ميان مھيري! سنڌ جي ماڻهو جي هٿن ۾ جيستائين تاريخ ۽ سائنس جي ڪتابن بجاء ملفوظاتي ادب جا ڪتاب هوندا، تيستائين ڪنهن زنده ماڻهو جي پيرن ۾ ڪريو پيو هجڻ يا مئل انسان جي پيراندي جي مٽي ۾ منهن هڻڻ جي حق کان ماڻهن کي ڪير بہ روڪي نٿو سگهي. توهان پنهنجي نسلن کي ٻڌايو نٿا تہ سنڌ ۾ مرشدن، پيرن جي عجب عشق ۾ ماڻهو خود کي انسان بجاء جانور سڏائيندا آهن. جنهن سماج ۾ انسان عقيدتن ۾ مزار يا پير مرشد جو سگ سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪري ۽ انسان جي شرف تان ئي هٿ کڻي وڃي تہ پوء ان سماج ۾ اهڙو آزاد انسان ڪڏهن پيدا ٿيندو ڪيئن پيدا ٿيندو؟ جو هن ۾ ماڻهو مان انسان بڻجڻ جي قوت ۽ جرئت هجي. ۽ سماج سامهون جرئت انڪار ڪري سگهي!! بس کہ دشوار ھے ھر کام کا آساں ھونا آدمی کو بھی میسر نہیں ھے انسان ھونا توھان پنھنجي خط ۾، دورانِ سفر قدم قدم تي مدرسن. جي تہ ڳالھ ڪئي . بلاشڪ! سنڌ لاء اهو پريشان ڪن لمحو آهي پر جيڪڏهن توهان قدم قدم تي درگاهن خانقاهن کي بہ انهن سان شامل ڪندا تہ اوھان کي ٻٽو فڪر لاحق ٿي ويندو. توھان کي يادگيري ڏياريندو هلجي تہ راولپنڊي ۾ هڪ مزار تازو جڙي راس ٿي رهي آهي. ممتاز قادري نالي ان شخص جي اها مزار بہ مولوي حضرات جوڙائي رهيا آهن. جنهن پاڻ کي تصوف جي قادریہ سلسلي سان منسوب ڪيو هو. ۽ ڪجهه ئي عرصي ۾ ان درگاه ۽ ٻين درگاهن مزارن ۾ فرق نه رهندو. کڻي هن دور ۾ ڪي صوفي حلقا ان کي قبولڻ کان هٻڪن بہ صحيح پر آهستي آهستي آهي سڀ ڳالهيون اتي باسجندڙ باسن، هلندڙ قوالين، ٻرندڙ چراغن، ساز سرود، پڙن، پينگهن، دعائن، حاضرين، لنگرن، ۾ وسري وينديون هڪ نسل کانپوء تصور ڪر تہ اتي ڇا ڇا نہ هوندو؟ عقيدا، نظريا قاتلن کي بہ مقدس ڪري وڃن ٿا..اسان اهو مثال فقط توهان کي سمجهائڻ خاطر ڏنو آهي اسان توهان کي گڏيل هندستان ۾ فرنگي دور جي بريلوي تحريڪ تفصيل سا پڙهڻ جو مشورو ڏينداسون. جنهن جو ھڪ پهلو اهو آهي تہ ان تحريڪ هن خطي جي گهڻ مذهبي ڪلچر کي برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪندي مذهبي سخت گيري کي پاسي تي رکي هتان جي مخصوص روايتن تحت مزارن، درگاهن کي هٿي ڏني. ٻي طرف اهو بہ معلوم ڪجو تہ ڪهڙي طرح فرنگين کي ان تحريڪ جو فائدو پيو ۽ ڪيئن پوري خطي ۾ مزارون، درگاهون جڙڻ لڳيون. ڪيترا مزار تہ اچانڪ ائين ظاهر يا دريافت ٿيا جيئن اوهان جي ئي ضلعي ۾ اوڻيهين سئو ٻاھتر کان پوء ميون موسو ظاهر ٿيو هو، منهنجا مهربان دوست مھيري! اسانکي هڪ خيال هميشہ اهو ستائيندو آهي ته گڏيل هندستان سميت سنڌ ۾ صوفياڻي روايتن جو بنياد کڻي تيرهين چوڏهين صدي ۾ پيو هوندو. جيڪو عرصو پنج ڇهه سئو سالن جو آهي. ۽ اسان سنڌ کي فقط ۽ فقط انهن ئي پنج ڇهه سئو سالن جي مسلم تصوف جي پس منظر ۾ ڇو ٿا ڏسون؟ .. ان کان اڳ هتان جي ويدانتي روايتن کي يڪ جنبش قلم ڄڻ ته ليڪي ٿا ڇڏيون. اسان جنهن سنڌ کي صوفين جي سنڌ ٿا چئون سا هندستان ۾ مسلم تصوف جي متعارف ٿيڻ کان اڳ ڪيئن هئي؟ ويدانت ڪٿي هئي؟ ڀڳتي هئي يا نہ ؟ جين مت ٻڌ مت جي عدم تشدد جي وارث هئي؟ ڇا هئي؟ اهي روايتون ڪهڙيون هيون جو لطيف جهڙو شاعر پيو انهن تيرٿن هنگلاجن. ناٿ پنٿين، نانڪ ۽ ڪبير پنٿين کي ڳائيندو هو،، انهن اگھاڙن. نانگن جوڳين يوگين سان پيو هلندو هو ... اسان تہ اھا سنڌ پنهنجي تحريرن مان ئي ڪڍي اڇلي ڇڏي آهي. هاڻ تہ ڪنھن ريڊيو. ٽي وي ڊائريڪٽر کي بہ مجال ناهي جو ڪبير. ميرا، سورداس جو ڪو ڀڄن نشر ڪري سگهي، ڇا اوهان خود اوهان گيڙو ڪپڙا پاتل فيشني صوفي ڪنهن وڏي هال ۾ ست سنگ يا ڀڳتي ر نگ جو ڪو پروگرام ڪري سگھو ٿا.؟ پيارا مھيري! سنڌ جنهن کي توهان صوفين جي سرزمين ڪوٺيو ٿا سا جديد نظرين، خيالن، تحريڪن، کي قبول ڪرڻ بجاء تصوف جي رڻ ۾ رلي وئي آهي.. اسان هتي تاريخ جي پوئين دور ۾ نہ ٿا وڃڻ چاهيون پر ويجهي تاريخ جو حوالو ٿا ڏيون. جيڪو پاڪستان جي جدوجهد جو حوالو آهي، سنڌ جا رهبر رهنما سنڌ کي ان مسلم ليگ طرف وٺي ويا جنهن وٽ نہ ڪو جهموري نعرو هو نہ ئي صوفياڻو نعرو ھو. بلڪه جنهن دور ۾ جديد نيشنلزم تحت ترڪ عرب،آفريڪي، هندستاني، قومون آزادي ماڻي رهيون هيون. ان وقت سنڌ مسلم ليگ جي فرقيوراڻي سياست ۾ شامل ٿي ۽ هتان جي صوفي منش، ، يوگ، ويدانت، ڀڳتي جي امانتدار ان عامل، ڀائيبندن کي ئي تڙڻ جو پروگرام رٿيو جيڪو ڪلياڻ آڏواڻي، گربخشاڻي، ساڌو هيرانند، اوڌارام جي شڪل ۾ هو جيڪي عرب، عجم جي الهيات يا ٿيالاجي،۽ عربي فارسي پڙهي ويٺا هئا پر اسان جي ڪجھ پڙهيل.توڙي اڻ پڙهيل مسلم ذهن ان کي قبول نٿي ڪيو؟ ڇا اوڻيهين سئو ٽيھ جي سنڌ صوفي روايتن جي سياست ڪري رهي هئي.؟ اسان ايندڙ خط ۾ تصوف جي ٻين پاسن پهلوئن تي ڳالھ ٻولهه ڪنداسون. اسان کي اوهان جي ميڪدي جي ويراني جو برابر رنج و ملال آهي توڑ کے بیٹھے جب ہم جام و سبوپھر ہم کو کیا آسمان سے بادہء گلفام گو برسا کرے والسلام خير انديش حفيظ ڪنڀر ابوظهبي. متحده عرب امارات