جارجيا ۾ موکي هر اسٽاپ تي ملندي.... يا موکي اوهان کي اسٽاپ ڪرائيندي... پهرين مون سمجهيو تہ ھائي وي جي ڪنارن تي اهي فروٽ جا ڇپرا اسٽال وارا شربت رکيو ويٺا آهن. انهن ۾ ڪيتريون مايون هيون. ڊرائيور ۽ گائيڊ بادري صاحب کان پڇيم ته چيائين "وينو وينو "..... سمجهي ويس تہ شراب ٿو چوي... چيم تہ ڪنھن اسٽال تي روڪ تہ خبر تہ وٺون.. ڪجهه فاصلي کانپوءِ بادري گاڏي روڪي. فوزیہ منهن ۾ گهنج وڌا مون کيس چيو تہ" ڏسان ٿو تہ ھنن جي ٺري جي لوڪل انڊسٽري ڪهڙي آهي؟ هنن جارجين جي ڪلچر کي ويجهو وڃي ڏسڻ جي ضرورت آهي. " صورتحال جي نازڪي کي ڏسي جلدي جلدي لٿس... پويان فوزيه جو آواز آيو تہ" قسم اٿئي اهو زهر نه پيئجان... تنهنجي صحت اڳي خراب آهي" پر پاڻ جنهن راہ ۾ نڪرندا آهيون ته پويان ڪٿي ٿا پاڇل هڻي ڏسون...؟ پکارتی رہیں بانہیں بدن بلاتے رہے بہت عزیز تھی لیکن رخ" صراحی" کی لگن... ( پیروڈی )... ڇپرا اسٽال تي پهتاسون ته هتي هڪ سينئر موکي ويٺي هئي. قسمين قسمين لوڪل شراب سجيا پيا هئا هڪ کي ھنن پنھنجي جي ٻولي ۾ "چاچا" ٿي چيو ... ائين سمجهو تہ ٺرو.. پنهنجي ستر رپين ۾ پورو لٽر ٿي ڏنائون. مونکي پوڙھيء اڌ ڪوپ ان مان چکايو تہ ڪنن مان دونھان نڪري ويا. وري چاچا جي پاسي ۾ ڪو ماما بوتل ۾ پيو هو ان مان چوٿ ڪوپ ڪڍي موکي پيش ڪيو تہ ان نڪ مان دونھان ڪڍي ڇڏيا... مون چيو تہ اھو نه وٺندس.. ان تي پنج لٽرن جي بوتل تي موکي هٿ رکيو. بادري مونکي سمجهايو تہ اھو وائين آهي.. پوڙهي موکي کان پڇيم ته گهڻي جو آهي؟ ته چيائين تہ پنج لٽر پنجاھ لاري.( هڪ لاري چاليھ رپين کان مٿي آهي ).. موکي صفا مهانگي لڳي پئي هئي.. چيم تہ " ڀلا چکائي" .. اسان کي اتي ترسائي سامهون وئي ۽ پنج لٽرن جو ٻيو ڪين کڻي آئي.. اڌ ڪوپ ڪڍي پياريائين.. ريڊ وائين جو ٽيسٽ ڪمال جو هو. اهو پي بس ڪجهه سامت ۾ آيس.. پر اگهه ڳرو ۽ پنج لٽر يڪا ڪيڏنهن ڪندس؟ اهو سوال هو مون وٽ... اگهه تي ڳالهايم تہ پوڙهي موکي پنجويهه لاري تي ٺهي وئي.. اڌو اڌ.. اگهه گهٽ ڪري ڇڏيائين... پر پنج لٽر جو ڪين.. ريڊ وائين جو ڪين کڻي ڪيڏانهن وڃجي؟ ڪار جي اندر جي صورتحال غير تسلي بخش هئي... "مونکي هڪ لٽر کن کپي... " مون جيئن تيئن بادري کي ڳالھ سمجهائي... پوڙهيء موکي وري اندر وئي... ڪيف خالي بوتل سميت کڻي آئي ۽ بوتل کي وائين سان ڀرڻ لڳي؛.. ڏيڍ لٽر جي بوتل... تقريبن ٽي حصا ڀريائين تہ مون بس ڪرائي.. موکي کي ڪجھ لاري ڏئي.. بقايا وٺي اچي واپس ڪار ۾ ويٺس...سوچڻ لڳس تہ موکي جي دور جي سنڌ ڪيتري نہ آزاد هئي.. جنھن ۾ عورت به آزاد هئي ته پيئڻ پيارڻ وارا به آزاد هئا.. سماج ڪيترو نه بهتر هو.
جن ملڪن ۾ ٿڌ گهڻي پوي ٿِي شراب انهن لاءِ فائديمند آهي. اسان جي ملڪ ۾ گرمي لاھ ڪڍيو ڇڏي، پوءِ متان شراب جي چُسڪي جا هيراڪ جيستائين فُل ٽُن نه ٿين، بس ڪونه ڪندا، نتيجو اهو نڪرندو ته، اڪثرن جا گڙدا فيل ٿي ويندا آهن. عربستان ۾ شراب کي ٻن وجهن ڪري منع ڪيو ويو هيو، هڪ ته گرمي ۽ ٻيو جنگ جو ميدان. جنگ جي ميدان ۾ جيڪڏهن همراھ کي نشو هوندو ته جنگ ڪونه وڙهي سگهندو. ٻيو ته شراب اڳ ئي گرم وري عربستان به گرم مُلڪ، پيئڻ وارن جي ڇڪا ٿي ڇڏائي ڇڏيائين.