• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نظم- ريل گاڏي

فيض گل ڇلگري

سينيئر رڪن
ريل گاڏي
فيض گل ڇلگري

هُو ڪُو ڪُو حق جو نعرو اٿاري ٿي
دُونهو درگزر ڪري فضائن ۾
ڏس ڪيئن هو پنهنجو سينو ساڙي ٿي
سندس ڌَڪ ڌَڪ پٽڙي تي
ڪنهن گهوڙي جي ٽاپ کان امله ڀايان
پخت پَڪا ڪري ڦيٿا پٽڙي تي
راه ڏانهن راست هلائي ٿي
پاڻ اچي ٿي سامهون سڀ جي
ڍال به پُوئِيَن لاء ڌاري ٿي
عقابن کان اڏام کڻي آئي
دريا ڪناري شام کڻي آئي
سانجھ ۾ سفر ڏانهن سيٽي وڄي ٿي
۽ پوء ڇِڪ ڇِڪ جي لبيڪ هلي ٿي
هي دَڳ طرف پهچائي ٿي
پر هن لاء هڪ دڳ ڪاميابي ناهي
ڪا هڪ ئي منزل پڄاڻي ناهي
وري اسٽيشن ماسٽر جهنڊو ڦڙڪائي ٿو
هو ڪُوڪُو حق جو نعرو ورجائي ٿي
هي دڳ طرف پهچائي ٿي.

ارپنا: مٿيون سٽون هر ان سچي ماڻهو جي ناء جيڪو ازيتن،طعنن ۽ الزامن سان جڪڙيل زنجيرن کانپوء به حق، سچ ۽ ڀلائي جي واٽ تي پنهنجا پير پختا ڪري هلندو رهي ٿو.
 
Back
Top