امدا علي قادري
سينيئر رڪن
سيد العارفين جنيد وقت حافظ الملت حضرت حافظ محمد صديق رحمت الله تعالي عليه باني خانقاه عاليه قادريه ڀرچونڊي شريف جي عرس مبارڪ جي موقعي تي عظيم الشان علمي و ادبي سالانه حافظ الملت ڪانفرنس زير صدارت امير اهلسنت پير طريقت رهبر شريعت پير عبد الخالق القادري دامت برڪاتهم العاليه سجاده نشين خانقاه عاليه قادريه ڀرچونڊي شريف، مرڪزي امير مرڪزي جماعت اهلسنت پاڪستان ٿي گذري،جنهن ۾ پوري پاڪستان کان مشائخ عظام ،علماءَ ڪرام،اديب و دانشور،مذهبي اسڪالرن ۽هزارن جي تعداد محبان اولياءَ ڪرام شرڪت ڪئي، جن ۾ خصوصاً جگر گوشه قائد اهلسنت مجاهد اسلام شاه محمد اويس نوراني سيڪريٽري جميعت علماءِ پاڪستان ،مفڪر اسلام شيخ الحديث حضرت علامه مفتي محب الله نوري جانشين حضرت فقيه اعظم محدث بصير پوري،پير طريقت چشم و چراغ چشت حضرت پير سيد محمد حبيب عرفاني زيب سجاده آستانه عاليه سندر شريف ، شيخ الحديث حضرت علامه مفتي محمد جان نعيمي آف ڪراچي امير مرڪزي جماعت اهلسنت پاڪستان صوبه سنڌ، ممتاز دانشور عالم باعمل شيرين بيان ڊاڪٽر پروفيسر سيد قمر علي زيدي شعبه عربي پنجاب يونيورسٽي لاهور،مجاهد اهلسنت شيخ الحديث حضرت علامه مولٰنا مفتي پير مظهر مختار دراني ۽ ٻين ڪيترن ئي محققن ،بزرگن شرڪت ڪئي ، محفل جو آغاز رات جو 10 بجي الله تعالي جي مقدس ڪلام پاڪ جي تلاوت سان ڪيو ويو. مقررين پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اسان سڀني کي گهرجي ته حضور حافظ الملت رحمته اللھ عليه جي ٻڌايل طريقي تي عمل ڪيون پاڻ ۾ پيار ۽ محبت سان رهون پاڻ ۽ پنهنجي اولاد کي ديني تعليم سيکاريون ته جيئن ملڪ ۾ امن ۽ سلامتي جو ماحول پيدا ٿئي آخر ۾رات جو 3 بجي درود و سلام پڙهيو ويو ۽ ملڪ پاڪستان جي سلامتي ۽ امن جي دعا گهري وئي.