رهجي ويل ٽائٽينِڪ لمحو. ضراب حيدر يونيورسٽيءِ کي ڇڏي ورهيه لنگھي ويا، سالن کانپوءِ يونيورسٽي وڃڻ ٿيو يونيورسٽي ڪيڏي نه بدلجي وئي آهي. نيون نيون عمارتون، نوان نوان شاگرد، نوان نوان ذهن، نوان نوان جذبا، نيون نيون اُمنگون ۽ نوان نوان حوصلا. پر ايتري عرصي ۾ منهنجو درد بنهه ڪونه بدليو آهي، منهنجي درد سان لاڳاپيل ماروي هاسٽل به ڪونه بدلي آهي. ماروي هاسٽل جي دروازي ٻاهران بيٺل سريل به ڪونه بدليو آهي، ماروي هاسٽل جي ٻاهران بيٺل آءُ به ڪونه بدليو آهيان، ماروي هاسٽل جي ٻاهران بيٺل اُهو لمحو به ڪونه بدليو آهي، جنهن جي احاطي ۾ آئون ماروي هاسٽل جي گيٽ تي بيٺو آهيان. پر اڄ آئون پنهنجي محبوبا جي بدران سنگيت سان ملڻ آيو آهيان، سنگيت منهنجي ڌيءَ آهي، جنهن جي مٿئين مهيني ستاويهين سالگرهه ملهائي ويندي. ڪجھه ڏينهن اڳ مونکي سنگيت خط لکيو هو ته آئون جلدي ساڻس ملڻ لاءِ ماروي هاسٽل پهچان، ڇاڪاڻ جو هوءَ هاڻوڪن ڏينهَن ۾ ڏاڍي ڏکويل آهي ۽ مون سان پنهنجي ڏک جو ڪارڻ اورڻ چاهي ٿي. آئون پنهنجي مصروفيتن مان فرصت وٺي جڏهن ماروي هاسٽل پهتو هوس ته مونکي محسوس ٿيو هو ته سموري يونيورسٽي بدلجي وڃڻ جي باوجود اُهو لمحو ڪونه بدليو هو، جنهن ۾ آئون سنگيت سان ملڻ لاءِ ماروي هاسٽل جي دروازي تي بيٺو هئس. اُن لمحي جي پويان خبرناهي ڪهڙو درد هو، جيڪو مون کي تڪي ڏسي رهيو هو، اُن لمحي جي پويان خبرناهي ڪهڙي واقفيت هئي، جيڪا پنهنجي سُڃاڻپ لاءِ مرڪي ۽ واجھائي رهي هئي. هاسٽل جي دروازي مان جڏهن سنگيت ظاهر ٿي ته منهنجون اکيون ڄڻ ڪَلر بِلائينڊ ٿي ويون، ”يا خدا! هيءَ سنگيت آهي؟“ اُن ساعت منهنجون اکيون، منهنجو ذهن، منهنجو ويساهه جواب ڏئي ويٺو، منهنجي گُلن جهڙي سنگيت ٿورن ڏينهَن ۾ سُڪي ڪنڊا ٿي وئي هئي، سندس چهري تي نراسائيءَ جو زرد سيلاب لهي آيو هو، جنهن سندس چهري جون سموريون رونقون ٻوڙي ڇڏيون هيون، سندس اکيون ڏرا ڏئي پنهنجي روشني ڦٽائي چُڪيون هيون، جن ۾ ويساهه گھاتيءَ جو عذاب وڏا ساهه کڻي رهيو هو. سنگيت وڌي منهنجي ويجھو آئي. ”بابا اوهين اچي ويا نه،“ هُن جي لهجي ۾ درد جو هڪڙو واچوڙو ڪاهي پيو، جيڪو منهنجي وجود کي وڪوڙي ويو، پاڻُ سنڀاليندي سندس پيشاني چُميم. ”سنگيت ٻچا، آئون ته ٺيڪ آهيان، پر توکي ڇا ٿيو آهي؟“ هُن منهنجي اکين ۾ ڏٺو، منهنجون اکيون گِهمجي پيون، سندس اندر مان هڪڙو سُڏڪو اُڀريو ۽ منهنجي ڇاتيءَ ۾ جھاتي پائي گُم ٿي ويو. ”بابا، اوهان کي هِت پهچي ڏک پهتو آهي نه....!؟“ ”پُٽ سنگيت! تون ٻڌاءِ ته سَهي ڇا ڳالهه آهي، تو هي ڪهڙا حال ڪيا آهن؟“ هوءَ خاموش ٿي وئي، سندس اکيون ڀرجي آيون، هوءَ هاسٽل جو دروازو ٽپي، اندر پارڪ ۾ وڃي ويٺي، آئون به ساڻس پارڪ ۾ وڃي ويٺس، منهنجي ريشمي پشم جهڙي سنگيت اُجڙي وئي هئي، سندس چهري جي سُرن جي نغمگيءَ ۽ سُرلتا کوکلي بڻجي چڪي هئي، سندس اکين جي انڊلٺي روشني پنهنجا سمورا رنگ وڃائي، تاريڪ ۽ انڌي ٿي وئي هئي. سندس ساهن جي ڳڙکين پويان موت جا اِسرار ليئا پائي رهيا هئا. سندس نگاهه جي سمونڊ تي زندگي لهندڙ سج جو ڏيک ڏئي رهي هئي. آئون کيس ڏسي سوچي رهيو هئس ته ستن ڏينهَن ۾، جڏهن ست ڏينهن اڳ سندس خط مليو هو ته، مونکي وٽس پهچي وڃڻ کپندو هو، پر ستن ڏينهَن جي ڦيري ۾ هوءَ ستن سُرن جهڙي سُريلي، ستن رنگن جهڙي رنگين، ستن دروازن جهڙي اوجهل، ستن سمونڊن جهڙي گِهري ڇوڪري ڪيئن نياڻي ست قرآن بڻجي پئي هئي، جنهن کي ڪپڙي ۾ ويڙهي سيڙهي ڪنهن ڪنڊ ۾ رکي ڇڏڻ جي ضرورت هئي. آئون سوچي رهيو هئس ته هر ماڻهوءَ جو درد اڪثر ساڳيو ڇو هوندو آهي؟! جنهن ۾ وقت جا فن تراش لمحا، باوجود ڪوشش جي به ڪا ردوبدل آڻي نـ سگھندا آهن. سنگيت جون اکيون وقت جي فن تراش لمحن ۾ خواب ڏسندي، آدرش جو اوسيئڙو ڪندي، حاملا ٿي پيون هيون ۽ سندس ڪنواري دل، پنهنجون ذهني ۽ روحاني توانائيون وڃائي هارائي چڪي هئي. سنگيت مون کي هڪڙو خط ڏنو، جيڪو سنڌال جو هو، سنڌال سنگيت جو ڪلاس ميٽ رهيو هو، سنگيت ساڻس محبت ڪندي هئي، جيڪو پي. ايڇ. ڊي ڪرڻ لاءِ گذريل سال کان آمريڪا ويل هو. سنڌال خط ۾ سنگيت کي لکيو هو ته ”کيس تـ خبر آهي نه تـ هو هِن سماج جي اُن طبقي سان تعلق رکي ٿو، جيڪو هر دؤر ۾، هر هنڌ فِٽ رهيو آهي، آمريڪا پهچڻ کانپوءِ کيس اِحساس ٿيو آهي ته هو آمريڪا ۾ وڌيڪ فِٽ ۽ ايڊجيسٽ ٿي سگھي ٿو ۽ سندس لاءِ وڏي خوشقسمتيءَ جي ڳالهه اِها آهي ته هو جِن آدرشن جي ڳولا ۾ رهندو هو، سي کيس آمريڪا ۾ ئي ملي سگھن ٿا، تنهنڪري هو شايد ڪڏهن به واپس ڪونه ايندو ۽ سنگيت سندس اوسيئڙو ڪرڻ ڇڏي ڏي.“ آئون خط پڙهي سمجھي ويس ته ستن ڏينهن جي ڦيري ۾ سنگيت تي ست آسمان ڪِري پيا هئا، جنهنڪري هُن آپگھات ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي هئي. منهنجي خيال ۾ هُن آپگھات ڪري ڇڏيو هو ۽ هوءَ نياڻي ست قرآن وانگي پنهنجي مرضين کي، پنهنجي خوابن کي، پنهنجي آدرشن کي غير متوازن معاشري جي حوالي ڪري رهي هئي، جنهن ۾ سندس طبقو هميشه مِس فِٽ رهيو آهي. مون کي محسوس ٿي رهيو هو ته سنگيت ايبنارمل بڻجي چُڪي هئي، هوءَ هاڻي ڪڏهن به سماج ۽ معاشري ۾ فِٽ رهي نه سگھي شايد. سنگيت جڏهن ڪاليج مان پاس ڪيو هو ته هوءَ تمام گهڻي اِنرجيٽڪ ۽ حوصلامند هئي، اُن زماني ۾ وٽس کوڙ پروپوزل هئا، پر هُن سمورا پروپوزل رِجيڪٽ ڪري ڇڏيا هئا ۽ نون حوصلن ۽ توانائين سان يونيورسٽي آئي هئي، هُن ماسٽرس ڪئي هئي ۽ ايم فل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ عرصو يونيورسٽيءَ ۾ ترسي پئي هئي. پر هاڻي سندس سمورا حوصلا، سموريون توانائيون پنهنجا افعال وڃائي دم ٽوڙي چُڪيون هيون. آئون سنگيت سان گڏ هاسٽل کان ٻاهر نڪتس، مون کي ڪجھه سمجھه ۾ نه آيو ته آخر آئون سنگيت کي ڪهڙو دِلاسو ڏيان؟ هوءَ مسلسل مون کي ڏسي، مونکي تَڪي، مونکان ڪو جواب، مونکان ڪا صلاح طلب ڪري رهي هئي ۽ آئون سندس اُجڙي ويل وجود کي ڏسي درد جي اونهي کاهيءَ ۾ غرق ٿيندو پئي ويس. اکين جون روشنيون مڌم پوڻ لڳيون ۽ اوچتو مليل گهري درد ۽ صدمي دل جي بينائي چِٽي ڪري ڇڏي. جڏهن درد گهرو ۽ طويل ٿي پوندو آهي ته کوڙ غير واضع شيون به واضع ٿي پونديون آهن، جن جو ڪوبه مادي وجود نه هوندو آهي. بظاهر ته هاسٽل هئي، هاسٽل ٻاهران بيٺل سريل هو، ڇوڪرا هئا، ڇوڪريون هيون، آئون هئس ۽ منهنجي سامهون وڃائجي ويل سنگيت هئي، پر اُن سموري ظاهري نظاري جي پسمنظر ۾ هڪڙو اهڙو لمحو هو، جيڪو بنهه واضع نظر اچي رهيو هو. اُهوئي ساڳيو لمحو، جيڪو ورهين کان جامِد ۽ ساڪِت بيٺو آهي، اُهوئي ساڳيو لمحو، جنهن ۾ هينئر به کوڙ ڪهاڻيون ساهه کڻي رهيون آهن. اهو لمحو، جنهن ۾ نواب چانڊئي جي آکاڻي به پنهنجي المناڪ پڄاڻيءَ تي پهتي هئي، جنهن ساعت نواب چانڊيو پنهنجي ڳنڍڙيءَ ۾ پنهنجا ميرا ڪپڙا لِڪائي خبرناهي ڪيڏانهن هليو ويو هو. نواب چانڊيو، جيڪو هاسٽل جي ڪينٽين ۾ بورچي هو ۽ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندڙ هڪڙي ڇوڪريءَ سان لنؤ لڳائي ويٺو هو، جيڪا يونيورسٽيءَ ۾ هماليا جيڏا آدرش کڻي آئي هئي. نواب چانڊيو اُن ڇوڪريءَ جي دلفريب ادائن ۾ پنهنجا سمورا ساهه ضبط ڪرائي ويٺو هو، اُهي ساهه، جيڪي هن جا پنهنجا نه رهيا هئا، سي سدائين اُن ڇوڪريءَ جي سيوا ۾ سَرڪندا رهندا هئا. نواب چانڊيو اُن ڇوڪريءَ لاءِ الڳ چِڪن پيس ڪڍي، فرائي ڪري رکندو هو، هن لاءِ اسپيشل سلاد ٺاهيندو هو ۽ جڏهن اُها ڇوڪري ڪلاسن مان موٽندي هئي ته ڪينٽين جي بئنچ تي پلٿي هڻي ويهندي، نواب چانڊئي کي چوندي هئي: ”نواب! جلدي ماني کاراءِ، بُک ۾ ساهه ٿو نڪريم....“ سندس اوسيئڙي ۾ بيٺل نواب چانڊيو فٽافٽ پنهنجي چاهه وچان چاڙهيل چِڪن پيس ۽ ساهه سان سلهاريل سلاد وٽس رکندو هو ۽ هوءَ بکايل ڇوڪري اُهو سمورو ڪجهه بُک وچان کائي ويندي هئي. هوءَ اِهو ڄاڻيندي به اَڻڄاڻ رهندي هئي ته کيس جيڪو ڪجهه ملي ٿو، سو ٻين سمورن اسٽوڊنٽس کان بهتر آهي ۽ اُن لمحي ساڳئي ڇوڪريءَ ۾ ڪنهن معصوم سادي ماڻهوءَ جي جذبن کي نِراس ڪرڻ جو گُهمنڊ ويتر نرالو ٿي ويندو هو. هوءَ کاڌو کائي وڃڻ جي باوجود به ويندي ويندي کاڌي مان ڪو نه ڪو نُقص ڪڍي نواب چانڊئي جي چاهه جا نقشا ئي ڊاهي رکندي هئي پر پوءِ به هميشه نواب چانڊيو سندس دل خوش ڪرڻ لاءِ وڌيڪ بهتر کاڌو تيار ڪندو رهندو هو. نواب چانڊيو روز صبح جو اُن ڇوڪريءَ لاءِ چانهه ۽ بسڪيٽ ٽِري ۾ وجهي، سندس ڪمري جي دروازي وٽ رکي، دروازو کڙڪائي هليو ويندو هو ۽ جڏهن هوءَ ڪمري جو دروازو کولي ٽشٽُ کڻندي هئي ته چانهه ۽ بسڪيٽن سان گڏ، ٽشٽَ ۾ رابيل جا اڇا ۽ گلاب جا ڳاڙها گل به رکيل هوندا هئا هوءَ ڇوڪري چانهه پي ساڳيا گُل پرس ۾ وجهي ڪيمپس هلي ويندي هئي ۽ اُهي گُل پنهنجي آئيڊل پروفيسر کي ارپيندي هئي. واندڪائيءَ ۾ ڪڏهن ڪڏهن جڏهن هوءَ ڇوڪريءَ پارڪ ۾ ويٺي هوندي هئي يا وري ونگ جي بالڪنيءَ کي ٽيڪ ڏئي ڪو گيت گُنگنائيندي هئي ته نواب چانڊيو وٽس ڪينٽين جي ميري ٿي ويل اخبار کڻي ويندو هو ۽ کيس ڪجهه سُرخيون پڙهي ٻڌائڻ لاءِ چوندو هو. سواءِ ماني مان نُقص ڪڍڻ جي اُن ڇوڪريءَ جا رويا ڪڏهن به نواب چانڊئي تي ڏمريا ڪونه هئا نه ته اڪثر رويا جيڪي نواب چانڊئي کي نوڪريءَ مزدوريءَ دوران پيش ايندا هئا، سي تنور جي لوءِ جهڙا ساڙيندڙ هئا. اُهي سمورا ساريندڙ رويا نواب چانڊئي کي پاتال ۾ ڊاهيندا رهيا هئا، بس ساڳئي ڇوڪريءَ جو ئي رويو اهڙو هو، جنهن نواب کي آسمان جي بلندين ڏانهن کنيو هو، جنهن کي هو محبت جو رنگ ڏئي ويٺو هو، محبت جو رنگ به ڪيڏو نه نرالو هوندو آهي جيڪو اونچ نيچ جو تضاد وساري ويهندو آهي. ائين ئي نواب چانڊيو سمورا سماجي تضاد وساري اُن ڇوڪري سان پنهنجي جذبن جو اظهار ڪري ويٺو هو ۽ موٽ ۾ ساڳئي ڇوڪريءَ کيس پنهنجي هماليه جيڏن بُلند آدرشن ڀري چماٽ وهائي ڪڍي هئي تـ نواب چانڊئي جا سادا ۽ معصوم آدرشن ترو لڳي ويل داغ جيان سڙي خاڪ ٿي ويا هئا. اُن ويل نواب چانڊيو پنهنجي ميرن ڪپڙن واري ڳنڍڙي ڪلهي تي رکي هاسٽل جي دروازي کان ٻاهر نڪري آيو هو ۽ ڪيترا پل دروازي ٻاهران بيٺو رهيو هو، هن سمجهيو هو ته شايد اُها ڇوڪري سندس پويان ايندي ۽ کيس پرچائيندي، پر سندس پويان ڪوئي به ڪونه آيو هو، بس هڪڙي خاموشي سندس پيڇو ڪندي دروازي تائين آئي هئي جيڪا گيٽ جي لڙڪيل تالي ۾ لڪي روئيندي رهي هئي ۽ نواب چانڊيو پنهنجون نظرون هميشه لاءِ اُتي وڃائي خبرناهي ڪيڏانهن هليو ويو. اُن ڏينهن نواب چانڊيو پنهنجا آدرش وڃائي، جسماني ۽ روحاني ايبنارمل ٿي غيرمتوازن معاشري ۾ گم ٿي ويو ته ساڳيو لمحو، وسري ويل نيڻن ۽ وڃائجي ويل آدرشن جو مجسمو بڻجي پيو هو. مون سمجهيو هو ته اُهو هڪڙي لمحي جو مجسمو وقت گذرڻ سان ڀڄي ڀُري پيو هوندو پر لڳم ته هاڻ اُن ۾ اڳ کان به وڌيڪ وُسعت پيهي چڪي هئي. جنهن تي وقت جي فن تراش لمحن پنهنجي تراش مسلسل جاري رکي آهي ۽ هر فن تراش لمحي منجهس ڪا نه ڪا تبديلي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر حيرت آهي هو اڄ به تهڙو ئي بيٺو آهي جهڙو ورهيه اڳ ۾ هو. مون هڪ نظر آس پاس جو جائزو ورتو، هر شيءَ معمول تي هئي مختلف ڇوڪرا، مختلف ڇوڪريون، ڪي اوسيئڙي ۾ ته ڪي ملاقاتون ڪندڙ ڪي گفٽ کڻي آيل ته ڪي مايوس ٿي چِٽون ڇڏي ويندڙ، ڪن جي بگلن ۾ نوٽس ته ڪي وري ٽهڪڙي ۾ ۽ لمحو سڀ ڪجهه واجهائي رهيو هو، هو مونکي به ڏسي رهيو هو سندس چپن تي ورهين جي ساڳئي مُرڪ هئي مون سندس مُرڪ جي ورندي ڏيڻ لاءِ مُرڪڻ چاهيو پر منهنجون اکيون نومبر جي رات جيان گهمجي پيون. ”بابا، اوهين ڪهڙي سوچ ۾ آهيو؟“ ”هون“ پاڻ سنڀاليندي، چشمو لاٿم، رومال سان اکيون اُگهي ۽ سنگيت کي ڏسندي چيم، ”سنگيت پٽ، تو هتي ڪا پُرسرار شيءِ ڏٺي آهي؟“ هوءَ ڄڻ وائڙي ٿي وئي، تعجب وچان چيائين، ”نه بابا، مون ته ڪڏهن به هت ڪا پُراسرار شيءَ ڪونه ڏٺي آهي پر بابا، ٻڌو اٿم ته کوڙ کوڙ سال اڳ پويلين واري ٽڪريءَ ۾ ڪا مم رهندي هئي ۽ بابا اِهو به ٻڌو اٿم ته يونيورسٽيءَ تي ڪنهن ديو جو پاڇو آهي، جيڪو راتين ۾ نِڪرندو ۽ ظاهر ٿيندو آهي.“ آئون مُرڪي پيس، کيس ڏسندي چيم، ”بابا سنگيت، هتي نه ڪا مم آهي نه ئي وري ڪو ديو آهي، اُهي ته صرف شوشا گهڙيل آهن، سنگيت اِها ته شايد ڪنهن کي به خبر نه هجي ته هتي هڪڙو پُرسرار لمحو آهي جيڪو ورهين کان هلندو اچي، مون اُهو لمحو پنهنجي اکين سان ڏٺو آهي، محسوس ڪيو آهي، مون کي ياد آهي، ڪي ورهيه اڳ ۾ ساڳيو لمحو گُهگهه راتين ۾ ڏاڍو پُرسرار بڻجي پوندو هو. جڏهن ڄامشورو جي ٽڪرين تان گدڙن جون اونايون قطارون ڪري شعبن جي ايوانن ۽ هاسٽلن جي ورانڊن جي خاموشيءَ ۾ ڪاهي پونديون هيون، سنگيت اُن وقت منهنجي ڏِيل ۾ لِڪل خاموشيون پڻ واڄٽ جيان وڄي اُٿنديون هيون، اُن پل مونسان گڏ يونيورسٽيءَ جي اڪيلن رستن تي پڻ گهم جا بادل ڪڙڪي لهندا هئا. آئون خبرناهي ڪٿان کان هلندو هئس ۽ ڪيترو رُلندو هئس، آئون روئيندو هئس يا يونيورسٽي جا اڪيلا رستا ۽ سنسان ايوان روئيندا هئا پر ايترو ضرور هوندو هو ته اُن ساعت، ساڳئي لمحي جي وجود مان مُهين جي دڙي جهڙو پڙاڏو واڪا ڪندو نِڪرندو هو ۽ هاسٽل ۾ ننڊ پئجي ويل منهنجي محبوبا جي سُتل ناچڻين اکين ۾ خوابن ۽ سپنن جي ڇير ٻڌي ڌمالون هڻندو هو، جيڪا خوابن ۾ روئيندي هئي ۽ خيالن ۾ کِلندي هئي.“ سنگيت منهنجي ڳالهه ڪٽيندي چيو، ”بابا، اوهانجي محبوبا ڪير هئي، ڪهڙي هئي، ڪيئن هئي؟ هان بابا...؟“ ”سنگيت، منهنجي محبوبا تو جهڙي هئي، ڄامشورو جي محبوب هوائن جهڙي هئي، ڄامشورو جي محبوب ڇوڪرين جهڙي هئي، توکي خبر آهي ته سنگيت اُن لمحي مان اڄ به مُهين جي دڙي جهڙا پڙاڏا واڪا ڪندا نِڪرندا آهن ۽ تو جهڙين ٻين محبوب ڇوڪرين جي ناچڻين اکين ۾ خوابن ۽ سپنن جون ڇيرون ٻڌي ڌمالون هڻندا آهن، جيڪي خوابن ۾ روئينديون آهن ۽ خيالن ۾ کِلنديون آهن ۽ منهنجي ريشمي ريشمي پسم جهڙي سنگيت وانگي زرد ٿي پونديون آهن.“ مون ڏٺو ته سنگيت سُڏڪي پئي، کيس چيم، ”سنگيت، توکي شايد اِها به خبر نه هوندي ته ورهيه اڳ سياري جي سرد راتين ۾ جڏهن يونيورسٽيءَ جي عمارتن جا جذبا پاري جيان ڄمي ويندا هئا ته اُهو لمحو، چانهه جي ڪوپ مان نڪرندڙ ٻاڦ وانگي يونيورسٽيءَ جي فضا ۾ ڳيهجڻ لڳندو هو ۽ يونيورسٽيءَ جي رات پنهنجو پاڻ گرمائيجي ويندي هئي ۽ سوَڙن توڙي بلينڪيٽس ۾ لِڪل اڪيلن ساهن جا سهڪا ۽ سڏڪا پگهرجي ويندا هئا. سنگيت بابا، پتِ جهڙ جي رُت ۾ جڏهن وڻن جا پن ڇڻڻ لڳندا هئا، يونيورسٽي جي جيون جون ڪيفيتون اُداس ٿي وينديون هيون، ساهن جون طبيعتون مايوس ٿي پونديون هيون ته اُهو لمحو اميدن جو ويساهه ڄامشورو جي هوا کي ارپيندو هو، ڦوٽهڙي جي مُند ۾ جڏهن يونيورسٽي جي اکين ۾ نوان گونچ نِسرندا هئا، يونيورسٽي جي چپن تي نوان گُل ڦٽندا هئا ته اُن سمئي لمحو روئڻهارڪو رهندو هو. سنگيت، اڪثر رستي تان ايندڙ ويندڙ گاڏيون جڏهن دز اڏائي سندس وجود ميرو ڪري ڇڏينديون هيون ته رات جي پيٽ مان جنم وٺندڙ ماڪ سندس بت تان دز جو مير ڌوئي ڇڏيندي هئي ۽ جڏهن رات ڦنڊر بڻجي پوندي هئي ماڪ کي جنم ڏئي نه سگهندي هئي ته اڪثر حاملا اکين جا ڳوڙها ۽ ڪنوارين دلين جا سڏڪا کيس وهنجاريندا هئا ۽ اهو لمحو ويتر ڍوپجي نِکري پوندو هو.“ هوءَ روئيندي رهي، مون ڏٺو ته سنگيت جي اکين مان وهندڙ ڳوڙهن ۽ سڏڪن لمحي کي مون اڳيان چِٽو ڪري رکيو. جنهن ۾ خبرناهي ڪيترا خواب، ڪيڏا آدرش وسري وڃائجي تحليل ٿي ويا هئا، پر اهو لمحو، نه ڪنهن ماٺيڻي جو هو نه وري ڪنهن راڳيڻي جو، نه ڪنهن ليڊر جو هو نه وري ڪنهن اِسڪالر جو، نه ڪنهن شاعر جو هو نه وري ڪنهن ڪهاڻيڪار جو، نه ڪنهن محقق جو هو نه وري ڪنهن دانشور جو. اُهو لمحو جيڪو يونيورسٽي جي آلوده نظام کان وٺي اُساٽيل رستن جو، ڏڪاريل جذبن کان وٺي دونهاٽيل ذهنن جو طواف ڪندو رهيو آهي سو هڪڙو اِتهاس آهي، جنهن ۾ آئون به شامل آهيان، نواب چانڊيو به شامل آهي، جنهن ۾ منهنجي محبوبا به شامل آهي ته پروفيسر کي گل ارپيندڙ ڇوڪري به شامل آهي ۽ هاڻ منهنجي سنگيت به شامل ٿي رهي آهي، جنهن جا سمورا خواب، آدرشن وقت کان اڳ ۾ سندس حاملا اکين مان ڪِري ضايع ٿي چِڪنا چور ٿي ويا هئا ۽ مون جهڙي مِس فِٽ ماڻهو لاءِ ساڳيو لمحو، جنهن جسماني ۽ روحاني ايبنارمل هوندي ٻار به ڄڻيا هئا، پئسو به ڪمايو هو، هڪڙو تسلسل بڻجي رهيو هو، جنهن ۾ اڄ منهنجي سنگيت شامل ٿي هئي ۽ اڃان خبرناهي؟! نه ڄاڻ ڪيترا ماڻهو ۽ ڪردار شامل ٿيندا رهندا. آئون سوچي رهيو هئس ته ساڳئي لمحي جي تسلسل ۾، ساڳئي لمحي جي اِتهاس ۾ اڃان به خبرناهي ڪيترا مون جهڙا، نواب چانڊئي جهڙا، منهنجي محبوبا جهڙا، پروفيسر کي گل ارپيندڙ ڇوڪريءَ جهڙا، سنگيت جهڙا فرد شامل ٿيندا رهندا، جن جي ڳنڍڙين ۾ ميرا ڪپڙا، ڪاغذي سنندون هونديون، جن جي اکين ۾ محروميون، حسرتون ۽ اوسيئڙا هوندا ۽ اُهي به ائين ئي سدائين پنهنجي نيڻن مان ڪري پيل، وسري ويل آدرش ۽ خواب اُن لمحي کي ارپي پنهنجي بينائي، پنهنجي سڃاڻپ وڃائي، معاشري ۾ مِس فِٽ ٿيندا رهندا. ”بابا، آئون واپس گهر هلڻ ٿي چاهيان، مونکي گهر وٺي هلندؤ بابا؟“ سنگيت سِڪ ۽ پاٻوھ وچان چيو، مون مُرڪندي کيس چيو، ”ها ها، ڇو نه! تون وڃ پنهنجو ضروري سامان کڻي اچ.“ هُن ڄڻ خوش ٿيندي چيو، ”هان، سچ بابا...“ ”ها ها، سچ، تو وڃ...“ هوءَ پنهنجو سامان کڻڻ لاءِ هاسٽل هلي وئي ۽ آئون ٻاهر بيٺو، اُن لمحي کي تڪيندو رهيس، جنهن ۾ نواب چانڊيو چِڪن پيس ۽ سلاد ٺاهيندي کلندي مُرڪندي روئي رهيو هو، جنهن ۾ منهنجي محبوبا ڊگريءَ جو ڪاغذ اڌ ۾ ڇڏي وڃڻ جي باوجود به سريل جي هيٺان بيٺي پنهنجي نِراسائين کي جهوليءَ ۾ ميڙي رهي هئي، جنهن ۾ پروفيسر کي گُل ارپيندڙ ڇوڪري سمورا ارپيل مرجهائجي ويل گُل پنهنجي ٻُڪ ۾ جهلي کين پنهنجي لڙڪن سان تازو ڪري رهي هئي. جنهن ۾ آئون ٻن دؤرن جو درد پنهنجي دل ۾ سمائڻ جي ڪوشش ڪندي، فٽنيس جي ايڪسرسائيز ڪري رهيو هئس. جنهن ۾ سنگيت پنهنجي اکين مان ڪريل پيل خواب ڳولهيندي ڳولهيندي ٿڪجي، ڪتابن ۾ مُنهن لِڪائي روئي رهي هئي. ۽ اُهو وساريل نظرن جو، وڃايل آدرشن جو لمحو، مُسڪرائي رهيو هو، جنهن کي وقت جا فن تراشن لمحا تراشي به مڪمل ڪري نه سگهيا هئا. ٿوري دير ۾ سنگيت پنهنجو سامان کڻي آئي ۽ فرنٽ سيٽ تي ويهي رهي، مون ڪار اِسٽارٽ ڪئي، مون کي محسوس ٿيو ته هوءَ مونسان گڏ هوندي به ُتي موجود ڪونه هئي، هوءَ گهر هلندي به گهر هلي ڪونه رهي هئي، مون سندس وڃائجي ويل وجود ڏٺو، مون سندس وسري ويل نيڻن ۾ واجهايو ۽ دل ئي دل ۾ چيم. ”سنگيت، جيڪو جتي رهجي ويو، سو رهجي ويو.“ ۽ ڪار جو ايڪسيليٽر وڌائي ڇڏيم، انجڻ جي شور ۾ خبرناهي ڪيئن اِهو خيال منهنجي ذهن ۾ سُرڻ لڳو ته ساڳيو لمحو، ساڳيو اِتهاس، صرف ماروي هاسٽل جي ٻاهران ئي ڪونه بيٺو آهي، پر اُهو ته هر اداري ۾ هر رستي تي، هر وستي ۾، هر واهڻ تي، هر اک ۾، هر هُردي تي بلڪل واضح بيٺو آهي، جيڪو ڪنهن کي به نظر ڪونه ٿو اچي