• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ويران ويڙهو ۽ غائب رُڪن

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
السلام عليڪم سنڌسلامت دوستو!
اميد ته خوش خيريت سان هوندئو.

ڪو وقت هوندو هيو، جڏهن ڪاڪي آچار جي اوطاق تي ٻارهو ئي مچ ٻريل هوندو هيو ۽ چانهيون، پاپا پيا ايندا ويندا هُئا، هاڻ ڪاڪي آچار جي ايتري خبر آهي ته وڏيري مارڪ زوڪربرگ جي”فيسبڪ“ اوطاق تي کٽولو رکيو ايندڙ ويندڙ کي سلام ڪندو آ پر سنڌسلامت جي ڪکائين اوطاق ۾ نهارڻ به گناھ ٿو سمجھي.! :(

خئير ڳالهيون مڙئي ڳُُڙ، ٻُڌڻ ۾ اچي پيو ته وڏيري مارڪ زوڪربرگ جي اوطاق تي حڪومتِ پاڪستان وارا تالو لڳائڻ جي ڪوششن ۾ آهن، ڇو ته هاڻ وڏيري جي اوطاق چورن، ڌاڙيلن، مطلب ته فتنو ڦهلائيندڙن سان ڀري پئي هوندي آهي.
(خدا ڪري ڪو فتني بازن کي رهم اچي جو ملڪ جو خئير ٿئي)

سو منهنجو هتي نوٽيسڙو* رکڻ جو مقصد ئي اهو آهي ته “ ٻيلي ڏاها ٿيو! پراون اوطاقن سان گڏوگڏ پنهنجن اڱڻن کي به سائو رکو، انهن کي ويران نه ڪريو”

* ننڍڙو نوٽيس
 
Back
Top