سنـــڌ سلامت ويبسائيٽ جو جاکوڙيندڙ ساٿي محترم سائين محمد سليمان وساڻ هڪ سٺو ليکڪ، بھترين انسان هجڻ سان گڏ همدرد، سنڌي ٻولي ۽ ادب سان انتهائي چاھ رکندڙ شخص آهي، انتهائي سادي طبيعت جو مالڪ آهي، جنهن وٽ دوستن لئه اڻ کُٽ پيار ۽ سچائي آهي، مختلف وقتن تي خوبصورت لکڻين وسيلي سنڌ جي املھ هيرن کي ڀيٽا ڏيڻ سندس ڄڻ ته ذميواري آهي، ليکڪن، شاعرن، فنڪارن توڙي ٻين حوالن سان مڃتا ماڻيندڙ شخصيتن کي مان ڏيندي خوبصورت ليک لکندو رهي ٿو. ساڻس منهنجي ملاقات “ صاف “ جي پهرين سالگره ۽ سنڌي ٻولي قومي ٻولي سيمينار، ممتاز مرزا هال ڪراچي ۾ ٿيل پروگرامن ۾ ٿي، پهرين ملاقات ۾ ائين مليو ڄڻ ساڻس ان کان اڳ به کوڙ ساريون ملاقاتون ۽ ڪچهريون ٿيل هجن، وڏي سڪ ۽ پيار منجهان ڀاڪر ڀري پنهنجائپ منجهان ملندڙ شخص محمد سليمان وساڻ اتي موجود هر دوست سان ائين ئي مليو، قرب ۽ پيار ڏنو، سندس ملاقات ۽ پيار کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي. هن اڄوڪي سوشل ميڊيا جي دور ۾ سرگرم دوستن ۽ خدمتگارن ۾ سندس نالو هميشه لئه سونن اکرن سان لکجي چڪو آهي، محمد سليمان وساڻ جون ادبي حوالي سان ڪيل خدمتون ۽ مختلف ادب دوستن جون لکڻيون سهڻي ڊزائين ۾ سجائڻ ۽ دوستن سان ونڊڻ وارو ڪم ساراھ جوڳو آهي، سنڌ سلامت ويب سائيٽ سميت سوشل ميڊيا تي مختلف گروپن ۾ سرگرم رهندڙ محمد سليمان وساڻ جي اڄ 13 مارچ تي سالگره آهي، سندس جنم ڏڻ جي موقعي تي کوڙ سارو پيار، نيڪ تمنائون ۽ دعائون ته شال سدائين کوڙ ساريون خوشيون ماڻي.
ٿورا ناهن ٿورا ..... سچ اهو آهي ته دوست آهن، محبتون آهن ته سالگرهه جا مزا به آهن. اوهان سهڻن لفظن ۾ ڀيٽا ڏني، جواب ۾ مهرباني چوڻ لاءِ مون وٽ محبتون ۽ دعائون ئي آهن.