بِڪاز ماءِ هارٽ از بروڪِن ضراب حيدر هيءَ تڏهوڪي ڳالهه آهر، جڏهن مون محبت جي راند هارائي هئي. مون جنهن ڇوڪريءَ سان محبت ڪئي هئي، سا منهنجي پاڙيسري هئي. هوءَ روز صبح جو بگيءَ تي چڙهي ڪاليج ويندي هئي، آئون روز پنهنجي محبت جا داستان ڪاڳرن تي لکي، کيس بگيءَ ۾ اڇلائي ڏيندو هوس. پر هن ڪڏهن به منهنجي لکيل ڪاڳرن جي ورندي ڪونه ڏني. اڳتي هلي هوءَ مون بدران بگيءَ جي ڪوچوان جي عشق ۾ ملوث ٿي وئي. هڪڙو ڀيرو جيئن هوءَ بگيءَ تي چڙهي ڪاليج وئي ته وري واپس نه موٽي، اُن ڏينهن کانپوءِ شهر ۾ نه اُها بگي نظر آئي نه وري ُاهو نوجوان ڪوچوان نظر آيو، جيڪو کيس ڀڄائي وٺي ويو هو. مون عشق ۾ چوٽ کائڻ کانپوءِ طئه ڪري ڇڏيو ته ڪڏهن به آئون محبت نه ڪندس، اڳتي هلي منهنجي ذهن ۾ هڪڙو خيال گھر ڪرڻ لڳو ته آئون ڪنهن اهڙي ڇوڪريءَ سان شادي ڪري ڇڏيان، جنهن سان گھٽ ۾ گھٽ مونکي محبت نه هجي، پر مون سان قسمت ان معاملي م ڪابه جادوگري نه ڪئي. مون محبت ۾ چوٽ کاڌي، آئون شادي به نه ڪري سگھيس ۽ پوءِ مون پنهنجي ڇڙي زندگيءَ کي سگھرو ڪرڻ جا سمورا پروگرام تياڳي ڇڏيا ۽ يونيورستيءَ ۾ داخل ٿي ويس. يونيورسٽيءَ ۾ مون کي هاسٽل جو ڪمرو الاٽ نه ڪيو ويو، جنهنڪري آئون هيرآباد ۾ مسواڙ تي هڪڙو ڪمرو وٺي رهڻ لڳس. آئون هر زور هيرآباد کان پوائنٽ بس ۾ ڪئمپس ايندو هوس، ڪلاس پڙهي، مانجھاندو يونيورسٽي ڪينٽين ۾ ڪري، واپس پنهنجي مسواڙي ڪمري ۾ اچي ڪرندو هوس. آئون نئين دور جو هڪڙو عجيب ماڻهو بڻجي رهجي ويو هوس، جنهن جي جوان وهي پراڻي بڻجي وئي هئي. آئون عشق ۾ چوٽ کائڻ کانپوءِ به نئون بڻجي نه سگھيو هوس، تنهنڪري شام جي خمارن، رات جي اسرارن ۽ سويري جي پُرڪيف دوارن کان بي خبر زندگي گھاري رهيو هوس. هڪڙي دفعي آئون پوائنٽ بس ۾ واپس اچي رهيو هوس ته منهنجي ڀرسان زوبيا اچي ويهي رهي هئي. ان مهل مون کي شدت سان محسوس ٿيو هوتـ آئون ڀل ۾ زناني سيٽ تي ويهي رهيو آهيان. مون کي سُڌ پوڻ تي ڏاڍي شرمساري ٿي هئي. مون سيٽ تان اٿڻ جي ڪوشش به ڪئي هئي، پر مون کي زوبيا ’نو پرابلم‘ چئي ويهاري ڇڏيو هو. آئون بس ۾ ويٺل سمورن ماڻهن کان نظرون چورائيندي شرم وچان دريءَ ڏانهن منهن ڦيرائي ويهي رهيو هوس. ٽڪيٽ ڪليڪٽر ٽڪيٽ ڏين لاءِ آيو هو ته زوبيا منهنجي به ٽڪيٽ ڏئي ڇڏي هئي. آئون زوبيا جي اهڙي عمل کان بلڪل بي خبر هوس. بس جڏهن شهر جي حدن ۾ داخل ٿي هئي ته زوبيا مون کي منهنجي ٽيهن پئسن واري ٽڪيٽ ڏيندي مسڪرايو هو. مون ٽڪيٽ وٺي جڏهن غور سان ڏٺو هو ته ٽڪيٽ تي ڳاڙهي پين سان لکيل هو: ”اڄ اسين علي بابا تي بادامين واري چانهه پيئنداسين.“ مون زوبيا جي منهن ۾ نِهاريو هو، سندس چهري تي منهنجي ورنديءَ لاءِ مُرڪ منتظر هئي، پر مون کيس ڪابه ورندي ڪونه ڏني هئي. پوائنٽ بس هيرآباد ڪِراس ڪري مارڪيٽ کان گاڏي کاتي ڏانهن وڌي رهي هئي، مون کي جيتوڻيڪ هيرآباد ۾ لهڻو هو، پر پوءِ به آئون بس ۾ ويٺو رهيو هوس، پوائنٽ بس گاڏي کاتو پهچڻ کانپوءِ خالي ٿي رهي هئي، پر آئون زوبيا جي آجيان جي لاءِ ڪوبه کاتو پنهنجي دل ۾ کولي نه سگھيو هوس. پوائنٽ بس مان لهڻ کانپوءِ مون رسمي طور زوبيا کي ’ٿينڪس‘ چوندي ساڳئي ٽڪيٽ وڌائي ڏني هئي، جنهن تي سندس ئي هٿ اکرن ۾ ڳاڙهي پين سان لکيل هو، ”اڄ اسين علي بابا تي بادامين واري چانهه پيئنداسين.“ زوبيا ٽڪيٽ وٺي مرڪي پئي هئي، آئون به مرڪيو هوس ۽ پوءِ اسين ٻئي علي بابا تي هليا آياسين. انکانپوءِ سدائين اسين علي بابا تي بادامين واري چانهه پيئندا هئاسين. اسين اڪثر هِل ٽاپ يا وينس سئنيما تي فلم ڏسندا هئاسين، اسين سئنيما هال ۾ وڏا وڏا ٽهڪ ڏئي کِلندا هئاسين، بوهي مڱ ڇِلي هڪٻئي کي کارائيندا هئاسين، چُورن جي پُڙي تريءَ تي کولي آڱرن سان کَٽي چُورن، چٽڪا ڀري چَٽيندا هئاسين. انٽرويل ۾ ڪڏهن آئسڪريم ته ڪڏهن ڇولا ۽ ڀَلا کائيندا هئاسين. فلم هلڻ دؤران ڪڏهن ڪڏهن بي ساخته روئي پوندا هئاسين. زوبيا رئي جي پلاند سان منهنجا ڳوڙها اگھندي هئي، آئون پنهنجا رومال هر روز ڪٿي نه ڪٿي وساري ايندو هوس، تنهنڪري زوبيا جا لڙڪ پنهنجي قميض جي پلوَ سان يا وري هٿ جي ترين سان اگھندو هوس. هوءَ اڪثر ڳوڙها اگھندي منهنجو هٿ وٺي چمي وٺندي هئي. اسين علي بابا تي چانهيون پيئندي ۽ سينيمائن تي فلمون ڏسندي هڪٻئي جي محبت ۾ ملوث ٿي ويا هئاسين، جنهنڪري زوبيا جي چڙهي ويل وهيءَ تي نئون نِکار اچي ويو هو ۽ منهنجي جوان وهي، جيڪا پراڻي بڻجي وئي هئي، اُن ۾ نواڻ اچي وئي هئي، اِنڪري مون کي سموريون شامون خماريل، سڀئي راتيون اسرارن سان ڀريل ۽ سويرا پُرڪيف دوارن جو اهڃاڻ لڳندا هئا. زوبيا ۽ منهنجي وچ ۾ هڪڙي ٽڪيٽ جو رشتو، محبت جو سرشتو بڻجي ويو هو، جنهن کانسواءِ اسين ٻئي اڌورا هئاسين. انهيءَ ٽڪيٽ تي لکيل ڳاڙها اکر خبرناهي ڪيتر ن نظرين ۽ فلسفن کي مات ڏئي چڪا هئا، جن ٻن اجنبي روحن کي هڪڙي ئي سانچي ۾ گھڙڻ شروع ڪيو هو. زوبيا جو پوڙهو پيءُ يونيورسٽيءَ جي ڪنهن شعبي ۾ چوڪيدار هو، جنهن کي يونيورسٽي ڪالونيءَ ۾ هڪڙو ننڍڙو ڪوارٽر مليل هو، انهيءَ ڪوارٽر جي ٻن ڪمرن مان هڪڙو ڪمرو ننڍڙي واديءَ جو ڏيک ڏيندو هو، انهيءَ واديءَ نما ڪمري ۾ آبشارن ۽ نظارن جون تصويرون لڙڪيل هونديون هيون، گڏين جون رنگ برنگي فراڪون ٽنگيل هونديون هيون. ريڪن ۽ شوڪيسن ۾ ننڍڙن گابن، ليلين ۽ ٻلين جا مجسما رکيل هوندا هئا. قسمين قسمين جا ننڍڙا ٺڪر جا برتن ۽ رانديڪا سجيل هوندا هئا. ڪاغذ جون رنگ برنگي ٻيڙيون، ڪپڙي جون گڏيون عجيب طلسم برپا ڪنديون هيون. اهو واديءَ نما ڪمرو زوبيا هڪڙي پرائيوٽ فرم ۾ آڱرين سان ٽائيپ ڪري جوڙيو هو. انهيءَ ڪمري ۾ سمورين سجيل شين تي زوبيا جون فنگر پرنٽس ليئا پائيندي مُرڪندي نظر اينديون هيون، انهيءَ ڪمري ۾ هزارن سپنن جا پاڇولا تحليل ٿيل ملندا هئا، جن سپنن ۾ ڪا ڪنواري ڇوڪري ’هني مون‘ جون پلينگِس ٺاهيندي ٺاهيندي وَهي وڃائي ويهندي آهي. اهڙا سپنا، جن ۾ رانديڪن ۽ چڍين جا ڌنڌلا پوسٽر اڏامندي نظر ايندا آهن، اهڙا سپنا جن ۾ قميض جا ٽٽل بٽڻ ٽاڪيندي زلف ڳلن سان سرگوشيون ڪندا آهن ۽ بي نظر سئي آڱر ۾ چُڀي سمورو ڪلائيمڪس ٽوڙي رکندي آهي. منهنجو مسواڙ وارو ڪمرو انهن سمورين شين کان وانجھيل هوندي به هڪڙي ڪائنات هو، جتي زوبيا جا قدم هر روز رقص ڪندا هئا. سندس ٽهڪ سدائين گُوجندا رهندا هئا، زوبيا جڏهن به مون وٽ ايندي هئي ته ٽيپ ريڪارڊر هلائي رقص ڪندي هئي، هوءَ غضب جي رقاصا هئي، هن جو رقص ڏسي آئون مُهين جي دڙي جي گَفائن ۾ گم ٿي ويندو هوس ۽ زوبيا جي روپ ۾ مُهين جي رقاصا شيواديجيءَ کي ڳوليندو هوس. زوبيا مون لاءِ پنهنجي هٿن سان سانجھڻ ڪندي هئي. قسمن قسمن جا ٻوڙ ۽ ڀاڄيون ٺاهيندي هئي، مون کي پنهنجي هٿن سان ماني کارائيندي هئي، نيل ڪٽر سان منهنجا ننهن ڪٽيندي هئي، آئون جڏهن شيوَ ڪندو هوس ته مون کان ريزر کَسي منهنجي ڏاڙهي ٺاهيندي هئي ۽ پوءِ ٽوال سان منهنجو منهن اگھي پنهنجي چپن سان منهنجي چهري تي آفٽر شيوَ لوشن طور چمُيون ڏيندي هئي، آئون جڏهن وهنجي ڪپڙا بدلائيندو هوس ته هوءَ مون کي ڀاڪر پائي، مون کي پنهنجي پيار جي پرفيوم سان مهڪائي ڇڏيندي هئي. اسين ٻئي هڪٻئي جا عادي بڻجي ويا هئاسين، يا هڪٻئي جو روٽين ٿي پيا هئاسين، يا اڃا به ڪا ٻي قوت هئي، جنهن اسان کي هڪ ڪري ڇڏيو هو، اُن جو اندازو اسين ڪڏهن به ڪري نه سگھيا هئاسين. اسين جيئن هئاسين، جيئن گھاري رهيا هئاسين، ان لاءِ اسان کي ڪنهن به سماجي، معاشرتي، اخلاقي يا مذهبي شيلٽر جي ضرورت محسوس نه ٿي هئي. اسان کي ڪائنات جو عظيم ۽ طاقتور شيلٽر لکئي منجھه ملي ويو هو. هڪڙي ڏينهن زوبيا آفيس کان موٽندي روڊ ڪراس ڪندي تيز رفتار سوزڪيءَ سان ٽڪرائجي وئي ۽ پنهنجون ٻئي ٽنگون ضايع ڪرائي ويٺي. سندس ڪرنگھي ۾ آيل ضرب سندس هيٺيون ڌڙ بي ساهو ڪري ڇڏيو ۽ هوءَ ويل چيئر تي رڙهڻ لڳي. هوءَ منهنجي ڪمري تائين پهچي نه سگهندي هئي. زوبيا جو رقص ماضي بڻجي ويو، هوءَ ڊشون ٺاهڻ جي قابل نه رهي، هن کانسواءِ منهنجا ڪپڙا سندس جسم جي خوشبوءِ کان وانجھيل ۽ شيو بي مزي بڻجڻ لڳي. آئون جڏهن سندس واديءَ نما ڪمري ۾ ويندو هوس ته سندس ڪمري ۾ ساڳيا سپنا پاڇولن جي شڪل ۾ تحليل ٿيل نظر ايندا هئا. سندس ڪمري ۾ سجايل سمورين شين تان سندس فنگر پرنٽس مٽجڻ جي جستجوءَ ۾ هئا، ائين ئي جيئن حادثي کانپوءِ زندگيءَ جي شاهراهه تي سندس فٽ پرنٽس اوپرا ٿيڻ لڳا هئا. آئون هر روز ڪلاسن مان نڪري زوبيا وٽ ويندو هوس، کيس سلائيس ٺاهي کارائيندو هوس، کيس ڊانس ڪري ڏيکاريندو هوس، کيس چانهه ٺاهي پيئاريندو هوس، جنهن مان بادامين جو اضافو ختم ٿي ويو هو...... هر لمحي کِلندڙ، مُسڪرائيندڙ زوبيا اڪثر روئندي هئي، آئون کيس سمجھائيندو هوس، کيس آٿت ڏيندو هوس، پر هوءَ هميشه چوندي هئي ته، ”منهنجي قسمت سان گڏ منهنجي دل به ٽٽي پئي آهي ۽ ٽٽل دل وارا ماڻهو ڪڏهن به کِلي نه سگھندا آهن، نه وري گھڻو وقت زندهه رهي سگھندا آهن.“ چري زوبيا ته اِهو ڪڏهن به نه ڄاتو هو ته دل منهنجي به ٽٽي پئي هئي، قسمت ته منهنجي به چِڪناچُور ٿي وئي هئي، جنهن جي جڙڻ جو ڪوبه امڪان نه رهيو هو. پر پوءِ به مون محبت ڪاڻ نه، پر محبت ساڻ جيئڻ پئي چاهيو. مون کيس بانور ڪرائڻ پئي چاهيو ته هوءَ ڪيتري ناياب آهي ۽ هوءَ ڪيتري اهم آهي. پر زوبيا پنهنجو پاڻ کي الائي ڇو محبت لاءِ موزون نه ٿي سمجھيو، ظاهري اپاهِجپڻو هن جي اندر ۾ پاڙون کوڙي ويهي رهيو هو. شايد هن معاشرتي پريشر کي پاڻ تي حاوي ڪري ڇڏيو هو ته عورت صرف مرد جي سيوا ۽ تيواداريءَ لاءِ خلقي وئي آهي، هوءَ اِهو وساري چُڪي هئي ته مٿس محبت جو عظيم هٿ سايادار بڻجي چڪو هو..... باوجود سمجھائڻ جي به هن جي طبيعت ڊهندي رهي، هن کي پنهنجي اپاهج ٿيڻ جو روڳ ڏينهون ڏينهن کائڻ لڳو. آئون هر روز شڪسته ٿي پوائنٽ بس ۾ ڄاڻي واڻي ليڊيز سيٽ تي ويهندو هوس، پر آئون آخر تائين اڪيلو ئي ويٺو هوندو هوس، ڪابه ڳاڙهن اکرن واري ٽڪيٽ قسمت جي جادوگريءَ سان مون کي ملڻي ڪونه هئي، جيڪا منهنجو درد سمجھي سگھي، جيڪا منهنجي ٽٽل دل ڏسي سگهي، هڪڙي ٽڪيٽ جيڪا ڳاڙهن اکرن سان لکيل ملي هئم، سا به تاريخ بڻجي ماضيءَ جي گفائن ۾ لڪڻ جي ڪوشش ۾ هئي. آخري ڀيرو جڏهن زوبيا پنهنجو پاڻ کان ڏور وڃڻ جي صلاح ڏيندي چيو هو ته ’ آئون خوبصورت آهيان، نوجوان آهيان ۽ هڪڙي طويل زندگيءَ جو سفر اڃا مونکي طئه ڪرڻو آهي، تنهنڪري پنهنجي لاءِ ڪا ڇوڪري تلاش ڪري نئين زندگيءَ جي شروعات ڪريان ته آئون ريشم ڳليءَ مان مُنڊي وٺڻ لاءِ هليو ويو هوس ۽ سوچيو هئم ته ساڳئي مُنڊي زوبيا کي پارائي پنهنجي زندگيءَ جي نئين شروعات ڪندس. ٻئي ڏينهن صبح جو آئون مُنڊي کڻي زوبيا ڏانهن ويو هوس، آئون جڏهن زوبيا جي گھر وٽ پهتو هوس ته ماڻهن جو ميڙ مون لاءِ ڳُجھارت بڻجي ويو هو، دروازو اُڪري اندر داخل ٿيو هئس ته زوبيا جو پوڙهو پيءُ اوڇنگارون ڏيندو مون کي چنبڙي ويو هو، ”هو ڏس نه، منهنجي شهزادي ڪيئن سمهي پئي آهي.“ آئون سمجھي ويو هوس ته زوبيا اپاهجپڻي کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو انت آندو هو. آئون ڪمري ۾ آيو هوس، ڪمري ۾ ننڍڙي واديءَ جي شهزادي سڪون جي ننڊ ستل هئي، سندس چپن تي هڪڙي سمجھه ۾ نه ايندڙ مُرڪ ڦهليل هئي، ڪمري ۾ موجود سمورا آبشار، نظارا، ليليون، گابا، ٻليون، گڏيون، رانديڪا ۽ پاڇولا سندس خودڪشيءَ جو ماتم ڪري رهيا هئا، ٽيبل تي رکيل هڪڙو لفافو مون کي پاڻ ڏانهن سڏي رهيو هو، آئون ٽيبل ڏانهن ويو هئس ۽ لفافو کنيون هئم، لفافو کوليو هئم، جنهن ۾ ساڳئي ڳاڙهن اکرن واري ٽڪيٽ رکيل هئي، ٽڪيٽ تي سندس هٿن سان لکيل ڳاڙها اکر خبر ناهي ڇاڇا ڳالهائي رهيا هئا..... آئون وڌي زوبيا جي ڀرسان ويو هوس، سندس هٿ پڪڙيو هئم ۽ هٿ چميو هئم ۽ کيسي مان مُنڊي ڪڍي کيس پارائي هئم. انهيءَ لمحي محسوس ڪيو هئم ته زوبيا جي سانت وجود مان هڪڙو آواز اُسريو هو، ”منهنجو جسم ۽ روح قيامت تائين تنهنجي امانت رهندو، آئون محبت ڪاڻ نه، پر محبت سان مري رهي آهيان.“ ان لمحي واديءَ نما ڪمري ۾ رکيل گابا، ليليون، ٻليون، گڏيون ۽ رانديڪا مرڪڻ ۽ نچڻ لڳا هئا.... پر منهنجي اکين مان لڙڪ پٽيندا نڪري پيا هئا، منهنجي ريزا ريزا ٿي ويل دل جا ٽڪرا ٻاگھا ڦاڙي روئيندا، پاڻ ڪُٽيندا انهيءَ ماتم ۾ شامل ٿي ويا هئا ۽ آئون خدا جي ڪائنات جيڏي واديءَ ۾ اڪيلو رهجي ويو هوس.