ضراب حيدر هڪ سراب جو الميو.....

'ڪهاڻيون' فورم ۾ ضراب حيدر طرفان آندل موضوعَ ‏13 مارچ 2017۔

  1. ضراب حيدر

    ضراب حيدر
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏6 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    55
    ورتل پسنديدگيون:
    30
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    58
    ڌنڌو:
    ريسرچ فيلو.
    ماڳ:
    حيدرآباد سنڌ
    هڪ سراب جو الميو.....



    ضراب حيدر




    مان جڏهن به آفيس مان موٽندو آهيان ته هوءَ دروازي تي منهنجي آجيان ڪندي آهي. هُن جي مُرڪ جو انداز منهنجو سمورو ٿَڪ لاهي ڇڏيندو آهي ۽ روزانو مان جڏهن آفيس ويندو آهيان ته هوءَ در تي بيهي ساڳئي انداز ۾ مُرڪي خدا حافظ ڪندي آهي. هُن سان منهنجو رشتو ڪو گھڻو پراڻو ڪونهي، اِهوئي ڪو ڏيڍ سال پراڻو تعلق آهي اسان جو. هوءَ مسلسل ڏيڍ سال کان روزانو مرڪندي منهنجي آجيان ڪندي آهي ۽ مونکي خدا حافط چوندي آهي. ڏيڍ سال جي پنج سؤ ستيتاليهن ڏينهَن ۾ سندس مُرڪ ۾ ڪوبه ڦير ناهي آيو. هوءَ جڏهن به مُرڪي الوداع ڪندي آهي ته سندس چپ سِپيءَ وانگي ٿورڙا کُلي ويندا آهن، جنهنڪري چپن جي وٿيءَ مان ڏندن جا ٻه اڳيان موتي وٿيرڪا ٿي بيهندا اٿس. هوءَ آفيس مان منهنجي موٽي اچڻ تي به انهيءَ لازوال مُرڪ سان منهنجي آجيان ڪندي آهي. مان جيستائين بوٽ جوارب لاهيندو آهيان، هوءَ ساڳئي ئي انداز ۾ مُرڪندي مون کي ڏسندي رهندي آهي ۽ مان جڏهن ڪپڙا بدلائيندو آهيان ته هوءَ مرڪندي دروازو ورائي ٻاهر ورانڊي ۾ هلي ويندي آهي.

    ڏيڍ سال گذري وڃڻ کانپوءِ به هن جي جِسامت، رنگت، مُرڪ ۽ انداز ۾ ڪوبه فرق نه آيو آهي. مون کيس اِن سموري عرصي ۾ ڪڏهن به يوگا يا ورزش ڪندي ڪونه ڏٺو آهي، پوءِ به هوءَ ساڳئي چُستي ۽ ٺاهوڪائي برقرار رکندي آئي آهي. سندس ٿولهه يا سنهائپ ۾ رتيءَ جو به فرق نه آيو آهي، سندس چپن تي لڳل قدرتي ناسي سُرخي، سندس اکين جي ناسي چاڪليٽي ماڻڪين جهڙي لڳندي آهي. سندس ميٽ جهڙو بت، تيل ميٽ وانگي چلڪڻو ۽ سڻڀو لڳندو آهي، سندس گھاٽا گھنڊيدار ڪارا ڀورا وار روشنيءَ تي سونهري ڪشميري جهڙا ڏسبا آهن، هُن جي ڪنن ۾ لڙڪيل چانديءَ جا وڏا گول جھومڪ ڪنهن ڪليسا جي گھنڊن وانگي لڳندا آهن، جن جي جُهومڻ سان بائيبل جو ڪو سريلو گيت گونجندي محسوس ٿيندو آهي. مون هُن جي منهن تي ڪڏهن به اُداسي ڪونهي ڏٺي، سندس پيشانيءَ ۾ ڪڏهن به گُھنڊ ناهي محسوس ڪيو. موسم ڪهڙي به هجي، هُن تي اثر انداز ناهي ٿيندي. سياري ۾ سيءُ نه ٿيندو اٿس ۽ گرميءَ ۾ پگھر نه وهندو اٿس. هوءَ ته خزان ۾ به تازي تواني هوندي آهي. ڪيڏا به اوجاڳا ڪري، هن جو منهن پاروٿو ناهي ٿيندو، ڪيڏو به واءُ هُلي، هُن جا وار وکرندا ناهن، هُن جي قدرتي سينگار جو جوهر ڪڏهن به جَھڪو ناهي ٿيندو، هوءَ پنهنجي مرڪ وانگي لازوال آهي.

    مان جڏهن رات جو آفيس جو ڪم ڪار ڪندو آهيان، لکندو پڙهندو آهيان ته هوءَ مون کي ڏسندي رهندي آهي. مان ساڻس ڳالهيون ڪندو آهيان، هوءَ مرڪندي رهندي آهي. هن جي محوويت تي حيرت ٿيندي اٿم، سندس اکيون ٿڪجنديون ئي ناهن، هوءَ سانڌهه ٽڪ ٻڌي پهرن جا پهر مونکي ڏسندي رهندي آهي، سندس پِنبڻيون ڇِنبيون ئي ناهن..... آئون جيڪي به سوال ساڻس ڪندو آهيان، تِن جو جواب سندس مُرڪ ۽ چاڪليٽي ناسي اکين مان عيان ٿيندو آهي.

    منهنجي لکڻ دؤران هوءَ جڏهن ٽِڪ ٻڌي مونکي نهاريندي رهندي آهي تـ مان کانئس عجيب عجيب سوال ڪندو آهيان، هوءَ منهنجي سوالن جا جواب ڏيڻ بدران بس رڳو مُرڪندي رهندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن آئون کيس پنهنجي اڪيلائين جون ڪهاڻيون بـ ٻڌائيندو آهيان. آئون جڏهن کيس پنهنجي ڪهاڻي ٻڌائي بس ڪندو آهيان ۽ سندس چهري ۾ نِهاريندو آهيان تـ هوءَ ساڳئي طرح مُرڪندي ئي رهندي آهي، سندس چهري يا اکين ۾ ڪو بـ تاثر نـ هوندو آهي، جنهن تي آئون بـ ٽهڪ ڏئي کِلي پوندو آهيان ۽ کيس چوندو آهيان، ”تون منهنجي ڳالهين کي مذاق ٿي سمجهين نـ؟” هڪ نِهار وري سندس چهري ۾ نِهاري چوندو آهيانس ”مذاق ئي تـ آهي منهنجي ڪهاڻي!!“ ۽ پوءَ پاڻ بـ وڏا وڏا ٽهڪ ڏئي کِلندي پوندو آهيان، کِلندي کِلندي منهنجون اکيون پاڻي ٿي وينديون آهن، جيستائين پاڻ سنڀاليندو آهيان تيستائين هوءَ ڪمري مان وڃي چُڪي هوندي آهي.

    مان جڏهن سمهڻ جي تياري ڪندو آهيان ته هوءَ در ورائي ورانڊي ۾ هلي ويندي آهي، مون کي ڪاوڙ سان گڏ هُن تي شڪ به ٿيندو آهي ته جڏهن مان سمهان ٿو ته هوءَ ڇا لاءِ در ورائي ورانڊي ۾ هلي ويندي آهي. منهنجو شڪ منهنجي لاشعور ۾ ايترو ته پختو ٿي ويو آهي جو مان روز رات جو اڪثر کيس خواب ۾ ڏسندو آهيان، هوءَ خوابن ۾ سدائين اجنبي ۽ اڻ ڏٺل مردن سان گھمندي، کِلندي ۽ گفتگو ڪندي نظر ايندي آهي. پر هوءَ صبح جو ساڳئي انداز ۾ مُرڪ سان دروازي تي موجود هوندي آهي. اُن لمحي کيس ڏسندي آئون دل ئي دل ۾ چوندو آهيان ته ”خواب به سچا ٿيندا آهن ڇا...؟“ پنهنجي شڪ ۽ خوابن تي طنزيه مُرڪي پوندو آهيان.

    هڪڙو ڀيرو مون رات جو ننڊ ۾ عجيب خواب ڏٺو هو، ڏٺو هئم ته منهنجي هٿن ۾ برش آهي ۽ آئون هڪ وسيع ڪينواس تي لڪيرن جي ٺاهيل وصفن ۾ رنگ ڀري رهيو آهيان، اهڙا رنگ جيڪي ماڻهو شايد ڪنهن مامتا ۾ ڀرڻ چاهيندو هجي، اهڙا رنگ جيڪي شايد ماڻهو محبتن جي شاهڪارن ۾ ڀرڻ چاهيندو هجي. جڏهن رنگ ڀري پورو ڪيو اٿم ته اوچتو آسمان مان هڪ پريءَ جهڙي ڇوڪري لٿي آهي، مان کيس حيرت وچان ڏسندو ٿو رهان ۽ هوءَ مون کي ٿي چوي ته: ”هيءَ تصوير تو ڪيڏي نه سٺي ٺاهي آهي، اِها مون کي ڏي، آئون تصوير کڻڻ لاءِ آسمانن مان لٿي آهيان.“

    آئون کيس چوان ٿو ”تون آهين ڪير؟ ۽ تنهنجو تصوير سان ڪهڙو واسطوآهي؟“

    هوءَ مُرڪندي چوي ٿي: ” آئون سُونهن ديوي وينس آهيان ۽ هيءَ تصوير منهنجي آهي.“

    آئون سندس منهن ۾ ڏسان ٿو ۽ پوءِ تصوير کي ڏسان ٿو، هوءَ هوبهو تصوير جهڙي آهي، يا شايد تصوير هُن جهڙي ٿي لڳيم، پوءِ هوءَ سَٽ ڏئي، ڪينواس کڻي هوائن ۾ اڏامي ٿي وڃي، آئون ننڊ مان سُجاڳ ٿي ٿو پوان ۽ تڪڙ ۾ اُٿي ورانڊي ۾ ٿو اچان، اُن وقت هوءَ ورانڊي ۾ ئي موجود هئي ۽ مونکي ڏسي ساڳئي مُرڪ مُرڪي رهي هئي. هوءَ ڪينواس تي ٺاهيل تصوير جهڙي لڳي رهي هئي، آئون در ورائي ڪمري ۾ آيو هئس ۽ ٻيهر ننڊ پئجي ويو هئس ۽ هوءَ ورانڊي ۾ رهجي وئي هئي.

    هڪڙو ڀيرو مان آفيس ۾ نيرن ڪري نه ويو هئس، کيسي ۾ به پئسا ڪونه هئا، اِن ڪري آفيس ۾ به ڪا لائيٽ ريفريشمينٽ ڪري نه سگھيو هئس. گھر اچڻ مهل هُن ساڳئي انداز سان آجيان ڪئي هئي، پر بُک ۽ ڪاوڙ ۾ ساڻس سنئون منهن ڪونه ڪيو هئم، پوءِ به هوءَ مُرڪندي رهي هئي. گئس جي لوڊ شيڊنگ هئڻ ڪري ماني وغيره به تيار ڪونه ٿي هئي، ڪاوڙ ۾ تپي ڳاڙهو ٿي ويو هئس، سڄو گھر مٿي تي کنيو هئم، پر هوءَ پوءِ به مُرڪندي رهي هئي. مونکي سندس بي حِسيءَ تي اُن ڏينهن ڪاوڙ سان گڏوگڏ تعجب بـ ٿيو هو جنهنڪري مون کيس چيو هو تـ ،

    ” تون کِلين ٿي؟ منهنجو بُک ۾ ساھ ٿو وڃي ۽ تون کِلين ٿي ... بس هاڻي مان توکي شادي ڪري ڏيکاريندسُ... ها مان توکي نِشا سان شادي ڪري ڏيکاريندسُ.....“

    اُن ڏينهن مون فيصلو ڪري ڇڏيو هو تـ مان جلد شادي ڪندس. ها جلد ئي آئون پنهنجي آفيس سيڪريٽري نِشا کي شاديءَ جي آڇ ڪندس. هوءَ مون کي شڪل شبيهه ۽ انگ اکروٽ جي حوالي سان ڏاڍو وڻندي آهي. آئون دل ئي دل ۾ نِشا تي مرڻ لڳو آهيان. اسان ٻئي هڪ ئي ڪمري ۾ گڏ ويهي آفيس جو ڪم ڪندا آهيون. اسين ڪم دؤران هڪٻئي کي ڏسندا هڪ ٻئي سان ڳالهائيندا رهندا آهيون. ڪڏهن ڪڏهن تـ بور ٿيڻ تي آفيس کان ٻاهر چانھ پيئڻ يا مانجھاندو ڪرڻ لاءِ نِڪري ويندا آهيون.

    هڪ دفعي مان ۽ نِشا پلو کائڻ لاءِ المنظر تي هليا ويا هئاسين، اُتي نِشا ڳالهين ڳالهين ۾ مونکي چيو هو تـ ’مان شادي ڇو نٿو ڪريان؟‘ جنهن تي مون نِشا کي پنهنجي ڪهاڻي ٻُڌائي هئي جيڪا گهر ۾ اڪثر هُن مُرڪندڙ ڇوڪريءَ کي بـ ٻڌائيندو هوس جنهن تي هوءَ صرف مُرڪندي رهندي هئي ۽ مان بـ پنهنجي ئي ڪهاڻي کي مذاق چوندي وڏا وڏا ٽهڪ ڏيندو هوس. مون نِشا کي شادي نـ ڪرڻ جو ڪارڻ ٻڌايو هو تـ،

    ’ننڍي هوندي کان ڪيئن مون زندگي اڪيلائين ۾ گذاري آهي، ننڍي هوندي جڏهن اڃان مون پنڌ ڪرڻ مس سِکيو هو تـ منهنجي ماءُ مونکي ڇڏي آسمان جي وسعتن ۾ غائب ٿي وئي هئي، مونکي اُن وقت پنهنجي وڏي ڀيڻ سنڀاليو ۽ پاليو. بابا تـ الائي ڪڏهن مري کپي ويو هو، اسانکي ڪا خبر ڪانـ هئي پر امان جي گذاري وڃڻ کانپوءِ مان ۽ منهنجي ڀيڻ مامي وٽ رهندا هئاسين جتي ٻن ويلن جي مانيءَ عيوض منهنجي ڀيڻ کي سمورو ڏينهن نوڪرياڻيءَ جيان ڪم ڪرڻو پوندو هو. هوءَ جڏهن سمورو ڏينهن ڪم ڪري ٿڪي ٽُٽي اچي کٽ تي ڪِرندي هئي تـ مونکي سڏي پاڻ سان سمهاريندي هئي، مان سندس ٻانهن تي مٿو رکي ڇِت ۾ امان کي ڳولهيندو رهندو هوس ۽ ادي مونکي پَرين ۽ شهزادين جون آکاڻيون ٻڌائيندي هئي، خبرناهي ڪهڙي مهل مونکي ننڊ کڻي ويندي هئي. صبح جو گرم لڙڪ منهنجي چهري تي ڪِرندا هئا تـ سُجاڳ ٿيندو هوس، اُهي لُڙڪ اديءَ جا هوندا هئا، شايد هوءَ سموري رات روئيندي ڪاٽيندي هئي. اڳتي هلي اديءَ کي ٽي بي ٿي پئي، ڪم جي گهڻائي ۽ علاج نـ ٿيڻ ڪري ادي بـ جلدي امان وٽ هلي وئي ۽ مان صفا اڪيلو رهجي ويس، مونکي اڃان مُڇن جي ساول ئي نـ آئي هئي تـ ماما منهنجي شادي ماروٽ سان ڪرائي ڇڏي. منهنجي ماروٽ مونکان عمر ۾ اٽڪل ٽيھ سال وڏي هئي. جيئن آئون ساڻس شادي ٿيڻ تي ڏکايل هوس تيئن ئي هوءَ مونکي پنهنجو ور قبولڻ تي شرمندي هئي، شادي کانپوءِ آئون ساڳئي طرح ماروٽ جي ٻانهن تي سمهندو هوس ۽ ڇِت ۾ تڪيندي روئيندو رهندو هوس، منهنجي روئڻ تي بـ ماروٽ مونکي نـ پرچائيندي هئي، هوءَ ڄڻ سڪتي ۾ ورتل هوندي هئي، ايئن ئي پوءِ هوءَ بـ عجيب مرضن ۾ مبتلا ٿي مري وئي. اُن کانپوءِ مون عورت ۽ شاديءَ جو خيال ئي دل مان ڪڍي ڇڏيو‘

    نِشا کي مونسان اُن ڏينهن کان همدردي ٿي وئي هئي، هوءَ منهنجي گهري دوست ۽ همدرد بڻجي وئي هئي، پر مان سندس همدرديءَ کي جنهن رنگ ۾ کڻي ۽ سمجھي ويٺو هوس، نِشا جي سوچ اُن جي ابتڙ هئي. شايد هوءَ مونکي صرف هڪ دوست ئي سمجهندي هئي.

    اڄ جڏهن آفيس مان موٽي رهيو هئس ته رستي ۾ هڪڙو پراڻو سنگتي ملي ويم، کيس چانهه پيئارن لاءِ هوٽل تي وٺي آيس، چانهه پي رهيا هئاسين ته نِشا هڪ خوبصورت نوجوان سان ساڳئي هوٽل ۾ آئي هئي، مان کيس هڪ نوجوان سان ايئن هوٽل ۾ ڏسي حيرت ۾ پئجي ويو هوس، نِشا بـ شايد مونکي ڏسي اَڻ ڏٺو ڪري ڇڏيو هو. مون جيئن تيئن ڪري دوست کان موڪلايو هو ۽ گهر اچي اونڌي مُنهن ڪِريو هوس، هوءَ مرڪندي اچي منهنجي ڀرسان بيٺي هئي، مونکي الائي ڇو ايئن محسوس ٿيو هو ڄڻ هوءَ مونتي ٺٺول ڪندي طنزيـ مُرڪندي هجي، جنهنڪري مون ويتر منهن موڙي ڇڏيو هومانس ۽ هوءَ مُرڪندي ڪمري مان نڪري وئي هئي.

    صبح جو معمول موجب هوءَ منهنجي چهري تي گل گُهمائي رهي هئي جنهن تي آئون سُجاگ ٿي ويو هوس مُرڪي کيس نِهاريو هوم ۽ باٿ روم ۾ تيار ٿيڻ لاءِ هليو ويو هوس. آفيس وڃڻ کان اڳ اچي سندس سامهون بيٺو هوس، سندس ڪُلهن تي پنهنجا هٿ رکندي چيو هئم،

    ” منهنجي آفيس ۾ مونسان گڏ هڪ خوبصورت ڇوڪري ڪم ڪندي آهي، نِشا نالو اٿس، اڄ آئون کيس شاديءَ جي ِ آڇ ڪندس.... “ هوءَ مُرڪي رهي هئي ۽ مان بـ کِلندو گهر کان ٻاهر نِڪري آيو هوس.

    آفيس پهتو هوس ۽ نِشا جي اچڻ جو انتظار ڪري رهيو هوس، هوءَ جيئن آفيس جي ڪمري ۾ آئي تـ سِڌو منهنجي ٽيبل طرف هلي آئي منهنجي مٿان بيهي سلام ورايائين، مون جيستائين سندس سلام جو جواب ڏنو تيستائين هُن وري وراڻيو،

    ” ڪالھ توهان هوٽل ۾ ويٺا هئا توهانکي ڏٺو هئم پر اوهانسان شايد ڪو دوست گڏ هو اِنڪري توهان کي ڊسٽرب ڪرڻ مناسب نـ سمجھم، مونسان گڏ منهنجو ڪزن ۽ منڱيتر علي هو، اسين مٿئين مهيني شادي جي ٻنڌن ۾ ٻڌجڻ وارا آهيون، مان توهانکي هڪ سٺو دوست ۽ ساٿي سمجھندي هئس پر جڏهن کان توهانجي دردناڪ ڪهاڻي ٻُڌي هئم، تڏهن کان توهانکي پنهنجو ڀاءُ سمجھڻ لڳي آهيان. منهنجو دين دنيا ۾ ڪوبـ ڀاءُ ڪونهي جنهنڪري منهنجي شادي جو ڪاڄ منهنجو ڀاءُ ئي سنڀاليندو..!! مطلب توهان ئي سنڀاليندا.“

    هُن مرڪي مونکي نِهاريو ۽ وري چيائين، ”توهان سنڀاليندا نـ پنهنجي ڀيڻ جي شاديءَ جو ڪاڄ؟ “ مان خاموش خاموش سندس چهري ۾ نِهاريندو رهيس هُن مُرڪندي مونکي چيو،

    ” پر توهان صبا سان شادي ڪڏهن پيا ڪريو؟“ مون حيرت وچان سندس مُنهن ۾ نِهاريو، هُن ڄڻ مونکي ياد ڏياريندي چيو ” ها ها، اُها ئي صبا جنهن جون توهان ڳالهيون ڪندا آهيو، هوءِ جيڪا رڳو مُرڪندي رهندي آهي، جنهن جي لازوال مُرڪ جون ڳالهيون ڪندي اوهان الائي ڪٿي کوئجي ويندا آهيو.“ هوءَ پنهنجي ٽيبل جي خاني مان ڪجھ ڪڍي شايد باس جي ڪمري ۾ هلي وئي، مان پنهنجي ڪُرسيءَ تي ڄڻ مري چُڪو هوس. آئون الائي ڪيئن پاڻ سنڀاليندو رهيس پر مون لاءِ آفيس ۾ ويهڻ ممڪن نـ هو سو اُٿي آفيس کان ٻاهر نِڪري آيس. ميڊيڪل اسٽور تان ننڊ جون گوريون ورتم ۽ ڀرسان واري هوٽل تان پاڻيءَ سان ڦَڪي ڇڏيم. پنهنجي من کي ماٺو ڪرڻ لاءِ پهرن جا پهر شهر جي رستن تي رولاڪيون ڪندو رهيو هوس. جڏهن صفا ساڻو ٿي پيو هوس تـ گهر جو رُخ ڪيو هئم هر پاسي رات پنهنجي گهرائي سان ڇائنجي چُڪي هئي، گهر پهتو هوس ته هُن ساڳئي انداز ۾ مُرڪي آجيان ڪئي هئي. بوٽ جوراب لاهي، لائونج ۾ ئي سوفا تي اُڇلايا هئم. هوءَ ساڳئي محوويت سان ڏسي ۽ مُرڪي رهي هئي. ٿڪ ۽ بوج هئڻ ڪري لوندڙيون سور کان ڦاٽي رهيون هيون ۽ ننڊ کنيون ٿي وئي. مان سمهڻ لاءِ ڪمري ۾ وڃي رهيو هئس ۽ هوءَ هميشه مُسڪرائي رهي هئي، مون کيس ٻانهن کان پڪڙي ورتو هو،

    ” تون اڄ بـ مُرڪي رهي آهين منهجي ٽُٽل دل جو توکي ڪوبـ احساس ڪونهي. آئون سالن کان توسان ڳالهيون ڪندو رهيو آهيان پر تون جهڙي گونگي؟! منهنجي ڪنهن بـ سوال جو جواب ناهين ڏيندي“

    هوءَ وري بـ مُرڪڻ لڳي، مون سندس ٻانهن کي وڌيڪ زور ڏيندي چيو، ” پر اڄ توکي منهنجي سوالن جو جواب ڏئڻو پوندو، ”ٻڌاءِ نـ مونسان نِشا ايئن ڇو ڪيو؟ تون تـ مونسان ايئن نـ ڪندينءَ نـ؟!!“

    مون ڪاوڙ ۾ پنهنجا ٻئي هٿ سندس ڳلن تي رکيا ۽ کيس چيم ” صبا! تون تـ مونسان شادي ڪندينءَ نـ؟!!“ هوءِ هاڻي زور زور سان ٽهڪ ڏيڻ لڳي ، آئون کيس ٻانهن مان وٺي پنهنجي ڪمري ۾ گهلي آيس، هوءَ ساڳئي طرح مُرڪي رهي هئي. مون ڪمري جون سموريون بتيون وسائي ڇڏيون ۽ رڙيون ڪري کيس چوڻ لڳس، ”توکي مونسان شادي ڪرڻي پوندي، توکي اڄ هينئر ئي مونسان شادي ڪرڻي پوندي“ ۽ پوءَ کيس بيڊ تي اڇلائي ڇڏيم، پنهنجي شرٽ لاهي پنهنجو پاڻ بـ سندس مٿان ڪيرائي ڇڏيم، خبرناهي مون کي ڪهڙي سمي ننڊ اچي وئي هئي.

    صبح جو اٿيو هئس ته پنهنجو پاڻ کي تمام گهڻو هلڪو ڀانيو هئم، بيڊ تان اُٿيو هوس تـ پنهنجي سلوار کي پاٺو محسوس ڪيو هئم، ڄڻ منهنجي سلوار تي رات ڪنهن کونئر جي شيشي هاري ڇڏي هئي، آفيس جو ٽائيم ويجھو هجڻ ڪري تڪڙو تڪڙو باٿ روم ۾ هليو ويس، وهنجي تيار ٿي، آفيس وڃي رهيو هوس، تـ احساس ٿيم تـ هوءَ ڪونهي.

    ” هوءِ ڪيڏانهن وئي؟! “ مون بار بار هُن لاءِ واجھايو پر هوءِ دروازي تي موجود ڪونـ هئي، هوءَ اڄ مونکي الوداع ڪرڻ لاءِ ظاهر نـ هئي.

    دل ۾ وري سوال ”هوءَ ڪيڏانهن وئي؟“ آئون وڌي ورانڊي جي دروازي تي آيس، اِن خيال کان تـ متان هوءِ ڪمري ۾ هُجي، ورانڊي مان بيهي ڪمري ۾ واجھايم پر هوءِ ڪمري ۾ بـ ڪونـ هئي. دروازي تي سندس بيهڻ واري جاءِ تي چِتائي ڏٺم هوءِ ڪونـ هئي.

    اندر ۾ وري هڪڙو سوال ”کيس آسمان ڳِڙڪائي ويو يا زمين ڳِيهي وئي؟“ مونکي پنهنجي ذهن ۽ ضمير کان ڪوبـ جواب نـ مليو، مون وري ساڳئي جاءِ تي غور سان ڏٺو، سندس موجودگي جا تازا تازا نشان دروازي تي موجود هئا پر هوءَ موجود نـ هئي. مان يڪدم ڊوڙي ڪمري ۾ آيس جتي بنھ خاموشي هئي، هيڏانهن هوڏانهن نِهاريم پر هوءَ ڪٿي بـ نظر نـ آئي.... کيس ڳولهيندي منهنجي نگاھ اوچتو پنهنجي بيڊ ڏانهن هلي وئي.... منهنجون نِهارون اُن وقت بيڊ تي کُپي جِامد ۽ ساڪِت ٿي ويون، ساھ جيڪو اندر ۾ کنيو هئم سو اندر ئي رهجي ويو.

    ” اُف خدايا، هي ڇا......؟!! مون هي ڇا ڪيو؟“ هوءَ ٽُڪرا ٽُڪرا ٿي منهنجي بيڊ تي وکري پئي هئي. اُن لمحي منهنجون اکيون ڄڻ پٿرائجي ويون، سندس ٽُڪڙا ٿيل وجود جا حِصا ميڙيڻ شروع ڪيم ٽُڪڙا ميڙيندي منهنجي دل بـ ٽُڪرا ٽُڪرا ٿيندي رهي، اکيون سانوڻ مينهن جيان وسي رهيون هيون. سندس وجود جا سمورا ٽُڪڙا کڻي دل تي رکيم ۽ پوءِ اُهي ٽڪڙا دل جي مٿان واري کيسي ۾ رکي ڇڏيم ۽ رانڀاٽ ڪري روئيندو رهيس.
     
    عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو