ضراب حيدر دِل چريءَ جو فيصلو....

'ڪهاڻيون' فورم ۾ ضراب حيدر طرفان آندل موضوعَ ‏13 مارچ 2017۔

  1. ضراب حيدر

    ضراب حيدر
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏6 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    55
    ورتل پسنديدگيون:
    30
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    58
    ڌنڌو:
    ريسرچ فيلو.
    ماڳ:
    حيدرآباد سنڌ
    دِل چريءَ جو فيصلو....


    ضراب حيدر


    اُن ڏينهن شام جو ايمبولينس اسان جي پاڙي واري چؤنڪ کان سائرن وڄائيندي گذري وئي. هڪ لمحي لاءِ آئون ايمبولينس جي سائرن طرف متوجهه ٿيس ۽ پوءِ پنهنجي سورن جي قافلي سان سفر ڪندو وڃي جاءِ تي ڪريس. جاءِ جتي آئون ڪڏهن به جائتو نه ٿيو هوس، مون وڏن حِيلن سان اُها جاءِ ورتي هئي، مون اُها جاءِ وٺڻ لاءِ حِيلا اِنڪري ڪيا هئا جو اُن جاءِ جي پُٺين گِهٽيءَ ۾ ڪويتا رهندي هئي. ڪويتا جو اصل نالو ته عروج هو، پر آئون دل ئي دل ۾ کيس ڪويتا پُڪاريندو هوس، هوءَ مون سان ساڳئي آفيس ۾ ڪم ڪندي هئي، منهنجي سامهون واري ٽيبل ڪرسيءَ تي ويهندي هئي، پر هُن جي نهار ۽ احساس سدائين ڪُک واري وٿيءَ کان اِحسن ڏانهن هوندا هئا، احسن اسانجي آفيس جو نوجوان ملازم هو.

    مون شهر حيدرآباد ۾ زندگيءَ جا ارڙهن ورهيه رُلندي ۽ ڀٽڪندي گُذاريا هئا، ويهن سالن جو هوس ته پنهنجي مستقبل جا ارمان کڻي شهر آيو هوس، هاڻ منهنجي عمر 38 ورهيه ٿي چڪي هئي، پر مون پورهئي جي تغاري ڍوئيندي بـ زندگيءَ جو هڪ به ارمان پورو نه ڪيو هو. خانگي اِدارن ۽ اخباري دفترن ۾ پنهنجو پاڻ وڃائيندي، ڪمائيندي به زندگي مون لاءِ حسرت ۽ ارمان بڻيل هئي، مون ايڏو پتوڙڻ جي باوجود بـ نيرڻ ۾ چانهه پاپن ۽ رات جو سادي سيندوچ يا هڪ اڌ چپاتي پڪوڙي سان کائڻ جي ڪڏهن به ڪو چڱو کاڌو نه کاڌو هو. فقير جي پِڙ مان نيلامي پينٽون ۽ شرٽون وٺي پائيندو هوس، باقي جا ڏوڪڙ جاءِ ۽ سوزوڪين جي ڪرائي ۾ ويندا هئا.

    مون زندگيءَ ۾ سواءِ حسرتن جي ڪجھه به حاصل نه ڪيو هو، ائين ئي ڪويتا جي محبت به منهنجي لاءِ هڪ حسرت بڻجي وئي هئي. جڏهن کان رُلي پِني مونکي هڪ سرڪاري دفتر ۾ ڪلارڪي ملي هئي، تڏهن کان منهنجا رهيل سَهِيل ارمان به ڪَلر جيان کائجي ويا هئا. ڇو جو ڪلارڪ جي پگهار ٽيڏي هٿ جي ڀونڊي کانسواءِ ڪجھ بـ ناهي هوندي.

    بس! هڪ ڪويتا ئي هئي، جنهن کي ڏسندو هوس ته زندگيءَ جي خوبصورت هجڻ جو احساس ٿيندو هوم. هوءَ جيڪا پنهنجي نالي ۾ عروج تي رسيل هئي، تنهن کي مون ڪويتا دل ئي دل ۾ اِن لاءِ اوريو سڏيو هو، جو مون کي لڳندو هو ته هوءَ فطرت طرفان لکيل هڪڙي اهڙي ڪويتا آهي، جنهن ۾ زندگيءَ جا سمورا جيوگھرڙا سُر بڻجي گُونجندا ۽ جُھومندا آهن ۽ ائين هو به !! هوءَ زندگيءَ جي هڪ اهڙي تصوير، اهڙي مُورت ڀاسجندي هئي، جنهن ۾ سُر آبري يا سُر رپ جو ڪوبه دُڪو داخل محسوس نه ٿيندو هو، کيس نِهاربو هو تـ، بس! رڳو ’ميگهه ملهار‘ ۽ ’کڻ اکيون کل يار‘ واري ڳالهه لڳندي هئي ڪويتا.

    ڪويتا ڪڏهن ڀُلجي بـ مونکي نِهاريو هو ته منهنجي ارمانن ۽ حسرتن ۾ ساڀيان جا روشندان کُلي پوندا هئا ۽ سمورا ٻوساٽيل جذبا کن پل ۾ جاڳي پوندا هئا.

    آئون جيڪو نِنڊ توڙي جاڳ ۾ هُن جي خيال، تصور ۽ حاصلات لاءِ حيران ۽ پريشان هوندو هوس، تنهن جو شايد ذرو بـ احساس ڪويتا کي نـ هو، اِهوئي ڪارڻ هو جو ڪويتا ڪڏهن مون کي کنگھيو به نه هو. جيتوڻيڪ مون بارها ساڻس پنهنجو حال به اظهاريو هو، پر هُن پنهنجي نالي ۽ سونهن ۽ پنهنجي نانءُ جهڙي عروج تان لهي مونکي، منهنجي پستيءَ ۾ پيل ادنى جذبن کي ڪنهن کاتي ۾ ئي ڪونه سمجھيو هو. آئون روزانو ڪويتا کي ڪيترائي ميسيج پنهنجي موبائيل ذريعي ڪندو هوس، وڏيون آزيون ۽ نيازيون ڪندو هوس. پنهنجي جاءِ تي روزانو رات جو ڪلاڪن جا ڪلاڪ سوچيندي لوچيندي، پچندي کامندي، چِٺيون به کيس لکندو هوس ۽ موقعو ساري اُهي سموريون چٺيون سندس ٽيبل جي خاني ۾ رکي ڇڏيندو هوس، منهنجون چِٺيون سندس هٿن ۾ مروٽجي سدائين ڊسٽ بِن جي نظر ٿي وينديون هيون جِن جي موٽ ۾ مونکي ڪويتا طرفان بس هڪ اَڇاتري مرڪ ئي نصيب ٿيندي هئي. سندس اڇاتري مُرڪ ڇا لاءِ هوندي هئي سو آئون ڪڏهن بـ ڄاڻي نـ سگهيو هوس. سندس بي ڌياني ۽ بي رُخيءَ سبب مونکي پنهنجا سمورا ارمان آفيس جي پراڻن فائيلن جيان دز ۾ لٽجندا محسوس ٿيندا هئا.

    آئون بارها پنهنجي دل کي سمجھائيندو هوس ته ڪويتا توکي ڪڏهن به نه ملندي، پر پوءِ به الائي ڇو منهنجي دل منهنجي ڳالهه کي رد ڪري ڇڏيندي هئي. دل جو اِهو ئي چوڻ هوندو هو تـ ’ڪويتا هڪ ڏينهن ضرور منهنجي چري چاهت جي موٽ ڏيندي، ڪجھ بـ ٿيئي ڪويتا هڪ ڏينهن ضرور موٽندي‘

    هڪ ڀيري ڪويتا مونکي پنهنجي ننڍي ڀيڻ کي ٽيوشن پڙهائڻ لاءِ به چيو هو، آئون سانڌهه يارنهن مهينا سندس گھر جي چؤڪٺ اُڪري سندس گھر ويندو رهيو هوس. سندس گهر جي دروازي جيان مون بار بار ڪويتا جي دل جو در بـ کَڙڪايو هو، پر ڪڏهن به مون لاءِ سندس دل جو دروازو نـ کُليو.

    ڪويتا جي ننڍي ڀيڻ صبا مئٽرڪ جي شاگردياڻي هئي، مون جڏهن کان کيس ٽيوشن پڙهائڻ شروع ڪئي هئي تڏهن کان هوءَ نِصاب پڙهڻ ۽ سمجھڻ بدران مونسان اُلجھندي هئي، مون کي پنهنجو پاڻ سمجھائيندي هئي، جيڪو آئون سمجھندي اڻ سمجھيو ڪري ڇڏيندو هوس. مون صبا جي سحر انگيز هستيءَ جي حساس ڪتاب کي جَاري ۾ رکيل مقدس ڪتاب جيان سمجهيو هو جيڪو پڙهي ۽ سمجھي تـ چڪو هوس پر کيس ڇُهڻ جي سگهه ڪڏهن بـ نه ساري سگهيو هوس، مون تـ صرف ڪويتا جي سحر ۾ پنهنجو پاڻ ساڙيو هو ۽ دُونهِين جيان دُکندو رهيو هوس.

    آئون اڪيلائين ۾ جڏهن به اڪثر پنهنجي چاهت ۽ چاهنا جي ڪٿ ڪندو هوس ته پنهنجو پاڻ کي ماپي نه سگهندو هوس، مونکي ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي ئي محبت ۽ چريائي ڊيڄاري ڇڏيندي هئي ۽ اُها اڪيلائي مونکي وڌيڪ ويجھو ٿيندي محسوس ٿيندي هئي، جنهن جون تَعين مون، پُڄاڻان پرينءَ جي ڪري ڇڏيو هو. آئون اڪثر ڪوٽڙي بئراج تي هليو ويندو هوس ۽ دريا جي وهڪري کي نِهاريندي محبت جي وهڪرن ۾ پاڻ کي لُڙهندو ڀائيندي زندگي ۽ موت جي وچ واري وِٿي ڳولهڻ چاهيندو هوس جيڪا منهنجي سوچ ۽ احساس ۾ ڪٿي نـ ڪٿي لِڪل ضرور هوندي هئي. جيتوڻيڪ زندگي طرفان مليل سموريون شڪستون مون پنهنجي ڳِچيءَ ۾ ميڊلن جيان پائي ڇڏيون هُيون پر دل ۽ دل جي دنيا تي اهڙو ڪوبـ سوڌو ڪرڻ لاءِ تيار نـ هوس جيڪو ڪنهن شڪست، زور زبردستي يا مجبوريءَ جي صورت ۾ هُجي.

    اڄ شام جڏهن ايمولينس سائرن وڄائيندي گذري وئي هئي ته آئون پنهنجي سوچن جي قافلي سان اچي جاءِ تي ڪِريو هوس. مون ڪافي چِٺيون ڪويتا کي لِکيون ۽ ڦاڙي ڇڏيون هيون ۽ جيڪا آخري چِٺي کيس لِکڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو هوس تنهن ۾ کيس لِکيو هوم ته،

    ’ آئون هر مت ڀيد کانسواءِ ڪويتا کي چاهيان ٿو، هوءَ ڀل پنهنجي پاسي ۾ ويٺل اِحسن تي موهت هجي، ڀل هوءَ اُن ڪُکيل همراهه لاءِ فدا رهي، پر باوجود اُن جي آئون کيس پنهنجي آشنا همسفر بنائڻ چاهيان ٿو ۽ هوءَ اڃان به جيڪڏهن اِها بي رُخي ڏيکاريندي ته، پوءِ هاڻي شايد آئون گھڻو جي نه سگھندس، پرينءَ ڌاران پنهنجو انت ئي آڻي ڇڏيندس، خودڪشي ڪري ڇڏيندس.‘

    ٻئي ڏينهن مون سوير ئي آفيس اچي اُها چِٺي هميشه جيان ڪويتا جي ٽيبل جي خاني ۾ رکي ڇڏي هئي. آفيس اچڻ جو ٽائيم ٿيڻ کانپوءِ آهستي آهستي سڀئي ماڻهو اچي پنهنجي ٽيبل ڪرسين تي ويهندا ويا پر هوءَ نـ آئي. گھڙيال جا ڪانٽا مقرر ٽائيم کي ويهه پنجويهه ساعتون پوئتي ڇڏي اڳتي وڌي ويا، پر ڪويتا ڪونه آئي. هر مُلازم جيان ڪم ۽ مجبوريءَ ۾ هوءَ بـ موڪل ڪندي هئي پر ڪويتا جي اوسيئڙي اڄ الائي ڇو مون کي هيڻو ڪري رکيو.... الائي ڇو ائين پئي لڳم ته منهنجي ٻين ارمانن جيان هِن چٺيءَ جو ڪويتا تائين پهچڻ وارو ارمان به اڌورو رهجي ويندو. مون خير آفيت پڇڻ لاءِ ڪويتا کي هڪ ميسيج به ڪيو، پر مونکي ڪا ورندي ڪونه ملي، دل جا خدشا ويتر وڌندا ويا.

    آفيس جو گھڙيال ڊيوٽي ختم ٿيڻ واري ٽائيم جي انت کي رسيو ۽ هرڪو پنهنجي پنهنجي گھرن ڏانهن اُسهيو. هڪ لمحي لاءِ اٿيس، وري سگريٽ دکائي ويهي رهيس. دل چيو پئي ته

    ‘ڪويتا جي خاني ۾ رکيل چِٺيءَ جو ويهي خيال رکان، جيستائين هوءَ اچي ۽ خانو کولي چِٺي کڻي.‘ ٻئي لمحي خيال آيم ته ’ڪير توکي ائين آفيس ۾ ويهڻ يا ترسڻ ڏيندو؟ ڪجھه ساعت کانپوءِ پٽيوالو هال جو دروازو بند ڪرڻ ايندو ۽ توکي ڪڍي ٻاهر ڪندو.‘ مونکي الائي ڇو چٺيءَ جو اُلڪو ٿي پيو. سوچيم ڪٿي چِٺي ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ جي ور نه چڙهي وڃي، سو يڪدم اٿي کڙو ٿيس، ڪويتا جي خاني مان چٺي ڪڍي، پنهنجي مُٺ ۾ ڀِڪوڙيم ۽ تڪڙو تڪڙو ٻاهر نڪري آيس.

    آفيس جي احاطي کي اڃان سڏ پنڌ تي مس ڇڏيو هئم ته منهنجي موبائيل تي رِنگ جو آواز اُڀريو ۽ اسڪرين تي ڪويتا جو نالو سندس چهري جي مُرڪ جيان مرڪي رهيو هو، جنهنڪري موبائيل اسڪرين سون هزارن رنگن سان جَرڪي رهي هئي. اکين ۽ دل ۾ خوشيءَ جا طوفان ڇُڙي پيا، يڪدم ڪال رسيو ڪري موبائيل ڪَن تي رکيم ۽ ’هيلو ڪيم‘

    ٻئي ڀران صبا جو آواز ”هيلو سر، مان صبا پئي ڳالهايان، ادي توهان کي ياد پئي ڪري“

    ”ها ها، ڇو نه! آئون اچان ٿو، سِڌو توهان جي گھر“

    صبا، ”نه سر، اوهين گهر نه پر اسپتال اچو، اديءَ جي طبيعت ٺيڪ ناهي، جنهنڪري ادي اسپتال داخل آهي“

    آئون صبا سان وڌيڪ ڪجھ بـ ڳالهائي نـ سگهيس، صبا کان اسپتال جو پتو پُڇي يڪدم اسپتال پهچي ويس. ڪاري ڊور ۾ صبا اُداس بيٺل هئي سندس چهرو بنھ لٿل هو.

    آئون وڌي ساڻس ويجھو ويس، ”صبا! ڇا ٿيو آهي؟ ڪويتا.....او سوري عروج کي، ڪٿي آهي عروج؟

    صبا، ”سر! اديءَ خودڪشيءَ جي ناڪام ڪوشش ڪئي آهي، شُڪر ٿيو جو اسانکي سُتت ئي سُڌ پئجي وئي يڪدم ايمبولنس گهرائي ورتي سين ۽ ڊاڪٽرن کيس بچائي ورتو“

    ”عروج خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي...!!! پر ڇو؟“ مون صبا کان پريشان ٿيندي پُڇيو.

    صبا هٻڪندي، ”ڪا خبرناهي! ته ادي ايئن ڇو ڪيو؟“

    صبا، عروج جي ڪمري طرف اِشارو ڪيو، آئون آهستي آهستي ڪمري ۾ داخل ٿيس، ڪويتا بيڊ تي ليٽيل هئي، آئون سندس ويجهو ٿيس ته مون کي مُرڪي نهاريائين. اهڙي مرڪ، جيڪا هُن مونکي زندگيءَ ۾ ڪڏهن به نه ارپي هئي. جيتوڻيڪ ڪويتا جي چهري جا سمورا رنگ ۽ رونقون اُڏامي ويون هيون، پوءِ به سندس مُرجھايل پنکڙين جهڙي مُرڪَ مونکي هڪ پل جي لاءِ جيئاري ڇڏيو.

    ڪويتا نشي واري انداز ۾ خماريل لهجي سان ڳالهايو، ”اچو اچو ويهو“

    مان سندس بيڊ ڀرسان رکيل اِسٽول تي ويهي رهيس.

    ”توهان جي وڏي مهرباني، جو منهنجي هڪ ڪال تي هليا آيا“

    مون کان به رهيو نه ٿيو، کيس چيم، ”ڪويتا.... او سوري عروج! اِها بـ ڪا ڳالھ آهي، مان ۽ توهانجي ڪال تي نـ اچان ايئن ڪو ڀلا ٿي سگهي ٿو؟!“

    ڪويتا جي چهري تي هڪ انوکي مرڪ ڇانئجي وئي، اهڙي مُرڪ جنهن منهنجا حوصلا بُلند ڪري ڇڏيا. مونکي الائي ڇو پنهنجي دل جي ڳالهه جي تصديق ٿيڻ لڳي ته ’ڪويتا هڪ ڏينهن تنهنجي ضرور ٿيندي‘

    مون هڪ نِهار ڪويتا ڏانهن نِهاريو ۽ کيس چيم ته، ”توهان آپگھات ڇا لاءِ ڪيو؟“ هن جي چهري جا سمورا رنگ بدلجي ويا، اکين مان نير ڇَلڪي پيس، جيڪي پيلي ٿي ويل چهري تان پَسرڻ لڳس. هُن روئڻهارڪي لهجي ۾ چيو، ”ها! شايد مون کي ائين ڪرڻ نه گھربو هو، يا شايد مونکي سچ پچ مري وڃڻ کپندو هو“

    ”ڪويتا..... او سوري عروج.....“

    ”نه نه.... توهان مون کي ڪويتا به چئي سگھو ٿا، ڪاليج واري زماني ۾ منهنجي هڪڙي ٽيچر مونکي چوندي هئي ته عروج توکي ڏسي ائين لڳندو آهي، ڄڻ تـ تون ڪا پياري پياري ڪويتا هجين“

    ”ها بلڪل توهانجي ٽيچر توهان کي صحيح چيو هو ۽ آئون به اِهو چوڻ ٿو گھران ته، توهان جهڙي زندگي بخشيندڙ ڇوڪريءَ کي ائين مايوس ٿيڻ نه گھرجي. توهان پنهنجون مُرڪون ڏٺيون آهن؟“

    ”پر زندگي جي ڪڙاڻ مُرڪن سان ڪٿي ٿي امرت ٿيئي؟ بس! مون وٽ ٻيو رستو ئي ڪونه هو، مونکي ڪجھ بـ سمجھ ۾ نٿي آيو“

    ”ڪويتا! اهڙي ڪهڙي ڳالهه هئي؟ توهان گهٽ ۾ گهٽ مونسان ته شيئر ڪريو ها! ڪو ڏک يا غم توهان مونسان ونڊي تـ ڌسو ها! آئون توهان جا سمورا ڏک ۽ غم کڻي وٺان ها، اوهان جون سموريون پريشانيون پنهنجي بِلي ڪري ڇڏيان ها“

    هُن هڪ نِهار مون طرف نهاريو، ”توهان سچ پچ به مون سان محبت ڪريو ٿا؟“

    مون ڪويتا طرف نِهاريو ٿورو مُرڪندي چيم، ”خبرناهي، پر توهانکي ڏسندو آهيان تـ مونکي زندگيءَ تي ويساھ ايندو آهي، بي معنى هوندي بـ پاڻ کي بامعنى محسوس ڪندو آهيان“

    هُن هڪڙو ٿڌو ساهه کنيو ۽ چيو، ”شايد توهان بجا آهيو، پر ڪڏهن ڪڏهن محبت ۽ سُپردگي ماڻهوءَ کي صفا بي معنى ڪري ڇڏيندي آهي. جيئن مان آهيان“

    ” توهان ايئن نـ چئو نـ ئي ايئن سوچيو“

    ”ڪاش! توهان منهنجي ڳالھ سمجھي سگهو ها، ڌوکي ۽ بي وفائي کانپوءِ پنهنجو پاڻ ڪيڏو بي معنى لڳندو آهي“ هُن مونکي نِهاريندي چيو.

    مون ڏانهنس مخاطب ٿيندي چيو، ”مان توهانجي ڳالھ سمجهيس نـ؟ ڪهڙو ڌوکو ڪهڙي بي وفائي؟“

    ” محبت ۽ خودسپردگي کان پوءِ مليل ڌوکو ۽ بي وفائي“

    ”ها سمجهان ٿو، پر ڪويتا ڀلا ڪير ٿو ڌوکو ڪري سگهي، توهان سان!!؟“

    ”اِحسن، مونسان وڏو ڌوکو ڪيو ۽ هُن ئي مونکي آپگھات ڪرڻ تي مجبور ڪيو“

    کن پل خاموش ٿي ويس ۽ سوچڻ لڳس، دل ئي دل ۾ سوچيم ته ’دوکا ۽ بيوفائيون اڄڪلهه عام جام آهن، ڪويتا ته ڪا صفا سادي ۽ چري ڇوڪري آهي، هڪ رنگروٽ ماڻهوءَ جي بي رخيءَ تي خودڪشي ڪري ويٺي آهي‘

    ڪويتا طرف نهاري کيس چيم، ”اهڙي ڪهڙي ڳالهه ڪئي اِحسن؟ جو اوهان ايڏو انتهائي قدم کنيو“

    ”اِحسن منهنجي زندگي تباهه ڪري ڇڏي، اِها ڪا گھٽ ڳالهه آهي ڇا؟“

    آئون ٿورو مُرڪي پيس، ”ڪويتا! ڪنهن جي بيوفائي يا بي رخيءَ سان زندگي تباهه ڪونهي ٿيندي، ٿورو ڌيرج رکو، الله چڱي ڪندو“

    ”توهان ڪاش ڄاڻي سگهو ها تـ عورت زندگي ۾ هڪ دفعو ئي ٽُٽي محبت ڪندي آهي، هوءَ جنهن کي بـ چاهيندي آهي انتهائن سان چاهيندي آهي، هوءَ محبت ۾ پنهنجو پاڻ ارپي ڇڏيندي آهي“

    آئون حيرت سان ڪويتا کي ڏسندو رهيس.

    هُن وري اوچتو سُڏڪڻ شروع ڪيو، ”ها مون اِحسن کي ٽُٽي چاهيو پر هُن منهنجو قدر نـ ڪيو، وڏا وعدا ۽ اقرار ڪرڻ وارو اِحسن ايئن بدلجي ويندو مون سوچيو بـ نـ هو..“

    مون ڪويتا کي آٿت ڏيندي چيو ” توهان ايئن نـ سوچيو، اِحسن کي ضرور اِحساس ٿيندو پنهنجي غلطيءَ جو، ٿي سگهي ٿو وقتي طور هو ڀُلجي پيو هجي“

    ” نـ نـ ڀلجي تـ مان پيس، جيئن اڪثر محبت ۾ ماڻهو ڀُلجي پوندا آهن، هُن کي احساس هُجي ها تـ منهنجي حالت جو ٻڌي ضرور اچي ها، پر مونکي موت ڪنڌيءَ پيل ڏسي بـ نـ آيو“

    ”چئبو تـ اِحسن کي توهانجي هن حالت جي خبر آهي تـ توهان .....“ مون جملو اڌ ۾ ڇڏي ڏنو.

    ” ها کيس سڀ خبر آهي تـ منهنجي اِها حالت سندس ڪري ئي ٿي آهي پر هو تـ ڪڏهوڪو منهنجو دامن ميرو ڪري پنهنجو پانڌ آجو ڪري چُڪو هو سو......“ هوءَ اوڇنگارون ڏئي روئي پئي.

    ” مان سمجهيس نـ!؟ زندگي بخشيندڙ ڪويتا جو دامن ميرو؟“ مان تجسُس وچان ڪويتا کي نِهارن لڳس.

    ”ها ڪويتا جو دامن ميرو، ڪويتا جيڪا مُکڙين جهڙي معصوم هئي سا الائي ڪيئن خارن هٿان زخمي ٿي پئي. هوءَ محبت جا اُجرا سپنا سانڍيندي پنهنجو ئي دامن ميرو ڪري ويٺي“ سندس اکين مان نير وهندا رهيا.

    ”معاف ڪجو، مون اڃا بـ توهانجي ڳالھ نـ سمجھي!؟“ مان تجسُس ۾ ئي رهيس.

    ”م..م.. مان پيٽ سان آهيان“

    ڪويتا جو جملو منهنجي مٿان ائٽم بم ٿي ڪِريو، آئون ڪو جملو ڳالهايان، سندس دلجوئي ڪريان، اُن کان اڳ ۾ ئي منهنجي نڙي سُڪي ٺوٺ ٿي وئي، منهنجو ساهه ٻوساٽجڻ لڳو.

    ”آئون سچ پئي چوان، آئون ٽيون مهينو پيٽ سان آهيان. مون اِها ڳالهه جڏهن اِحسن سان ڪئي ته رهندو ڪاوڙجي پيو ۽ الائي ڇاڇا ڳالهائڻ لڳو، منهنجي هِن حالت جو ٻڌي رهندو چوڻ لڳو تـ، مان کيس بليڪ ميل ڪري رهي آهيان“

    آئون خاموش ٿي ڪويتا کي نِهاريندو رهيس، هُن وري ڳالهائڻ شروع ڪيو.

    ”مون پنهنجي دامن تي لڳل چُٽو لِڪائڻ لاءِ ايبارٽ ڪرائڻ جي به ڪوشش ڪئي، پر ڪافي دير ٿي چڪي هئي، تنهنڪري مون وٽ سواءِ آپگھات جي ڪو ٻيو رستو ئي نه هو“ هوءَ وري اوڇنگارون ڏئي روئي پئي.

    مونتي سَڪتو طاري ٿي ويو، ائين پئي لڳم ڄڻ آئون مري ويو آهيان، دل بند ٿي رهي هئي ۽ اکيون پٿر بڻيل هيون.

    ڪويتا وِهاڻي جي ٽيڪ تي ٿورو سِڌي ٿي ۽ ٻانهون ٻڌندي مون کي چيائين،

    ”توهان پليز منهنجي مدد ڪريو، مونکي بچايو، مونکي سمجھه ۾ نٿو اچي ته مان ڇا ڪريان؟“

    مون ڪويتا جي هٿن کي پنهنجي هٿن ۾ جھلي ورتو کيس آٿت ڏين جي ڪوشش ڪيم، پر آئون کيس ڪوبه آٿت ڏئي نٿي سگھيس. منهنجي محبت ۽ چاهت جا سمورا ڪوٽ ڍيري ٿي چڪا هئا، ائين پئي لڳو ته ڄڻ محبت جي فليور واري بوتل مان سمورو داٻُ شُون ڪري نِڪري چڪو هو.

    هُن وري ڳالهايو، ”اوهان کي آئون ڪنهن به آزمائش ۾ وجھڻ نٿي گُھران، بس ايتري وينتي اٿم ته جيڪڏهن توهان مونکي اپنائيندؤ ته آئون سموري عمر توهان جي گولِي ٿي گُذاريندس“

    ڪويتا جي جملن مون تي ٻيو بم بـ ڪيرائي ڇڏيو. آئون سمورو هيروشما ٿي ويس جتي زندگي يا جياپي جو ڪوبـ احساس نـ رهيو. شڪست جو هار جيڪو اسانجي ڳِچين ۾ سِرڪن ڦاهي بڻجي پئجي چڪو هو سو ڪويتا جي ڳِچي مان تـ هاڻي ڍرو ٿي چُڪو هو پر منهنجي سِسي ۾ سِرڪندو تنگ ٿيندو پئي ويو.

    ”او خدايا! آئون جنهن ڪويتا جو طالب هوس، سا ئي ڪويتا محبت هٿان هارجي اڄ مونکان خيرات گُھري رهي آهي.... محبت ائين به ڪڏهن ماڻهوءَ کي ڊاهي ڇڏيندي آهي، احساس نه هئم! پنهنجي شان شوڪت ۽ دٻدٻي سان راڄ ڪندڙ محبت به ڪو ائين پينو بڻجي ويندي!؟ ڇو؟“ مون وٽ ڪوبه جواب نه هو. نه پنهنجو پاڻ کي ڏيڻ لاءِ نه ئي وري ڪويتا کي ڏيڻ لاءِ. مون پاڻ سنڀاليندي ڪويتا طرف نهاريو، زوري مُرڪندي کيس چيم،

    ”ڪويتا، آئون هلان ٿو..... الله چڱي ڪندو..... ڌيرج رکجو“

    هوءَ خاموش مون ڏانهن نِهاريندي رهي، آئون هارايل وِکون کڻندو، اسپتال کان ٻاهر نڪري آيس.

    ”واهه واھ! خُوب سوڀ ماڻي آهي تنهنجي محبت“ دل ئي دل ۾ سوچيم.

    اسپتال جي دروازي تي هڪڙي فقير صدا هنئي، ”سائين الله جي نالي تي ويندي ويندي ڪجھه ڏيون وڃو“

    کيسي ۾ هٿ وڌم، پئسن سان گڏ ڪويتا کي لکيل چِٺي به نڪري آئي، جيڪا سندس ٽيبل جي خاني ۾ رکي وري واپس کڻي ورتي هئم، سا بـ پئسن سميت فقير کي ڏئي ڇڏيم. فقير ايڏا پئسا ۽ چِٺي ڏسي حيرت ۾ پئجي ويو. جيستائين حيرت مان نِڪري تيستائين آئون گھڻو پري نِڪري چڪو هوس، پويان فقير جا آواز، ”سائين توهان جا وڌيڪ پيسا ۽ ڪاڳر به ڀُل ۾ اچي ويو آهي“

    مون سندس سڏ ٻُڌو اَڻ ٻُڌو ڪري ڇڏيو، دل ئي دل ۾ چيم ’هاڻي پيسا منهنجي ڪهڙي ڪم جا‘ ۽ دل چريءَ جي فيصلي تي تڪڙو تڪڙو ڪوٽڙي بئراج ڏانهن هليو ويس.
     
    عبيد ٿھيم ۽ سائل مهراڻ هيء پسند ڪيو آهي

هن صفحي کي مشهور ڪريو