جاگيردارن جي وَرِ چڙهيل سنڌ آزاد مجتبى گهانگهرو تاريخ ثابت ڪيو آهي ته ڪرپٽ ۽ بيپرواهه حڪمرانن جي دور ۾ رياست جي اندر ڪرپشن، اقرباپروري، بک بدحالي ۽ بي حسي جنم وٺندي آهي. جڏهن حڪمران مٿي جي چوٽيءَ تائين ڪرپشن ۾ ملوث هجن ته سماج جو هڪڙو ننڍڙو حصو پڻ ان جو ڀاڱي ڀائيوار ٿئي ٿو. لوٽمار ۾ حياءُ شرم جا سمورا ليڪا لتاڙين ٿا. جڏهن سماج جو اڪثر حصو بک ۽ بدحاليءَ جو شڪار هجي ۽ ڏسندي ڏسندي سماج غير يقيني واري ڪيفيت ۾ مبتلا ٿئي ۽ هر ماڻهو دانھين ته هن ملڪ جو ڇا ٿيندو؟ ملڪ جا سمورا طاقتور ٿنڀا پنھنجن خصيص مفادن لاءِ هڪ ٻئي کي هڪ عرصي تائين ٽيڪ ڏين، طبقاتي سماج جا سگهارا ماڻهو ان حڪمراني ذريعي لاپرواهيءَ جو سبب بڻجڻ ۽ پروپئگنڊا جي مشينري ذريعي ۽ کاٽائون پٽن ذريعي عوام تائين رسائي ڪري چيو وڃي ته سڀ ٺيڪ آهي ۽ جمھوريت حاصل ٿئي اڃا ٿورو عرصو ٿيو آهي، وقت ڏيو ته کير ۽ ماکيءَ جون نديون وهائينداسين. جڏهن اڪثريتي عوام اِنفرادي ۽ اجتماعي طور دانھون ڪري ته سمجهي وٺو ته عوام درست آهي. ڇاڪاڻ ته تاريخ ۾ عوام جي اڪثريت ڪڏهن به غلط ثابت ناهي ٿي. تاريخ عوام جي اڪثريت فيصلن کي مان ڏنو آهي. هونئن ته ملڪ جو عوام ڪرپٽ حڪمرانن جي ظلم ۽ جبر جو شڪار آهي، ملڪي تاريخ ۾ ڏاڍ ۽ ظلم خلاف ڪيئي قومي ۽ جمھوري تحريڪون به هلي چُڪيون آهن، جيڪي هن وقت به مختلف شڪلين ۾ جاري آهن. سنڌ ۾ ڊگهي عرصي کان قومي طبقاتي ۽ جمھوري حقن لاءِ مختلف ڌريون سياسي جدوجھد ڪري رهيون آهن. سندن جي خيال ۾ طبقاتي سماج کي هڪ نئون سماج اڏڻ جي ضرورت آهي. قومي غلاميءَ مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري حقيقي جمھوريت لاءِ جاکوڙ جي ضرورت آهي. هن وقت سماج ۾ انتھا درجي جي بي حسي نظر اچي رهي آهي. سنڌ ۾ غربت ڏينھون ڏينھن وڌي رهي آهي، نتيجي ۾ ڏوهه وڌڻ لڳا آهن. چند پئسن لاءِ ماڻهو مارڻ کي عيب سمجهيو ويندو هو، اڄ ان پرامن ڌرتيءَ تي روز رت جا ريلا وهن ٿا. سنڌ امير هوندي به سنڌي غريب آهن. سنڌي ماڻهن جي اڪثريت شعور نه هجڻ ڪري اِهڙي نظام جو حصو آهن. سنڌي رڳو پنھنجي حياتيءَ جا ڏينھن گهاري رهيا آهن. حرفت ذريعي سنڌ جي اڪثريتي عوام کي پنجوڙ ۾ ڦاسائي غلاميءَ جو شڪار بڻايو ويو آهي. مذهب ۽ جاگيرداري نظام ٻئي رياست جا طاقتور هٿيار بڻجي غلاميءَ جي ڳٽ کي وڌيڪ مضبوط ڪري رهيا آهن. سنڌ جا تمام ٿورڙا ماڻهو شعور جي آڌار تي ان ٻٽي عذاب خلاف مسلسل جدوجھد ڪري رهيا آهن. اهي سنڌ جي وسيلن جا مالڪ سنڌ واسين کي ڪرڻ چاهين ٿا. سنڌ جا حقِ حاڪميت حاصل ڪرڻ چاهين ٿا ۽ اهڙو سماج اڏڻ چاهين ٿا، جنھن م ڪوبه بکيو نه رهي. ڪوبه لٽڻ ڦرڻ وارو موجود نه هجي. امن سُک ۽ ترقي، خوشحالي جي راهه تي اڳتي وڌڻ چاهين ٿا ته پوءِ سوال هي پيدا ٿئي ٿو ته اهو سڀ حاصل ڪيئن ٿيندو؟ جڏهن ته سنڌ جي سماج ۾ سرمائيدار انتھائي طاقتور هجن ۽ هو رياستي ڏاڍ تي عوام کي پنھنجي اوسي پاسي گڏ ڪيون ويٺا هجن. نام نھاد جمھوريت جي نالي ۾ عوامي طاقت کي ڪوڙن دلاسن سان پاڻ وٽ جوڙيون بيٺا هجن. هن وقت ملڪ اندر جمھوريت جي نالي تي جاگيردار وڏيرن جو قبضو آهي ته پوءِ اهڙين حالتن ۾ تربيت ۽ تعليم سان ئي اهو سڀ ممڪن ٿي سگهي ٿو. ٻي صورت ۾ هڪ ڀيرو ٻيھر اقتدار کان ٻاهر ويٺل جاگيردار ۽ سياست ڪندڙ ڌريون ان سڄي صورتحال مان فائدو وٺندي اقتدار ۾ اچڻ جي ڪوشش ڪندا ۽ عوام کي يقين ڏياريندا ته اسين اوهان جي ڏکن جي خاتمي جو سبب بڻجنداسين. پر هاڻ سنڌ ۾ غير يقيني واري صورتحال ٽٽڻ گهرجي. سنڌ جي ماڻهن جي مشڪلاتن کي ختم ڪرڻ لاءِ اڻٿڪ گهڻ رُخي ۽ ڏاهپ ڀري شعور جي ضرورت آهي، جيسين جمھوري تنظيمون ان معيار جون ٿين تيسين سنڌين کي اٽي لپ وٺي ڏيو ۽ صحت جا مسئلا حل ڪرايو. سنڌ جي غريب ٻارن کي تعليم ۽ بنيادي حق وٺي ڏيو. سنڌي ماڻهن جڏهن غربت کان تنگ ٿي خودڪشيون ڪرڻ بند ڪيون، تڏهن سمجهنداسين ته سنڌي عوام هاڻ جمھوري پارٽين تي ويساهه ڪرڻ لڳو آهي. تاريخ شاهدآهي ته سنڌي ماڻهن 1983ع کان وٺي مارشل لا جي خاتمي تائين مسلسل جدوجھد ڪئي ۽ عوام وڙهندو رهيو. سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ عوام سجاڳ رهيو. هٿين خالي هجڻ باوجود ”ايم آر ڊي“ جي تحريڪ سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ پنھنجا اثر ڇڏيا. سياسي ڪارڪنن سان جيل ڀرجي ويا. سوين ڪونڌر وڙهندي وڙهندي شھيد ٿيا. سرڪار پنھنجي طاقت جو هر وسيلو استعمال ڪيو. پر سنڌ جو عوام ڪمزور نه ٿيو. ماڻهو بي همت نه ٿيا. شعور ۽ جذبي سان مارشل لا مخالف ويڙهه ڪنھن نه ڪنھن صورت ۾ هلندي رهي. ان سموري جدوجھد دوران سرڪار ڪيترن ئي ماڻهن کي ڌاڙيل قرار ڏئي قتل پڻ ڪيو ۽ کين ماڻهن کي معاشي بدحاليءَ جي ڪري فاقه ڪشي ڪرڻي پئي. تعليمي ادارن کي رينجرز حوالي ڪيو ويو. ان باوجود به سياسي جدوجھد ۾ تر جيتري به گهٽتائي نه آئي ۽ سنڌ جي ماڻهن جي اها جدوجھد تاريخي ثابت ٿي هئي. پر هاڻي اهو ساڳيو سماج ايترو ڇو ڪمزور بڻجي چڪو آهي، سنڌي اڄ يتيم آهن، هر قسم جو جبر مٿن مڙهيو ويو آهي. سنڌ ۽ سنڌين جي بقاءَ جو سوال اچي پيدا ٿيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ سنڌي خاموش ڇو آهن؟ سنڌين کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ اڄ هڪ دفعو وري سنڌين کي ايم آر ڊي جھڙي تحريڪ کي زنده ڪرڻ جي ضرورت آهي. اسان وٽ وڃائڻ لاءِڪجهه به نه آهي پر حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ ڌرتي آهي. ان لاءِ همتن ۽ جرئتن کي زنده ڪرڻ جي ضرورت آهي.