انور ابڙي جي ناول هڪ مهمان ڇوڪري جو اڀياس

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏14 مارچ 2017۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    انور ابڙي جي ناول هڪ مهمان ڇوڪري جو اڀياس
    ناول ”مهمان ڇوڪري“ پڙهندو به رهيس لڇندو به رهيس
    غوث پيرزادو


    انور ابڙو منهنجوڇا آهي سو نه ڪالهه پتو هو نه اڄ خبر اٿم، نه وري ڪڏهن ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم ته هو منهنجو ڇا ٿيندو آهي. بس هوش سنڀاليم ته کيس پنهنجي ئي ٻولي، پنهنجي ۽ لهجي ۽ پنهنجي ئي ويجهو پاتم، تمام ويجهو ايترو ويجهو جيترا ڀائر ڀينر هوندا آهن ايترو ويجهو جيترا پيءُ ماءُ هوندا آهن، ۽ ايترو پيار ڪندڙ محسوس ڪيم جيترو ڪي چاهيندـڙ. هي شخص ئي آهي جنهن سان دل کولي اهي سڀ ٽهڪ ورهائي سگهندو آهيان جيڪي سالن کي سيني ۾ ڦٿڪي رهيا هوندا آهن، جيڪي هن جهڙو ماڻهو نه ملڻ ڪري منهنجي روح ۾ ڦٿڪي رهيا هوندا آهن. هي تڏهن مليو هو جڏهن نائين ڪلاس ۾ پڙهندو هوس ۽ پاڻ مهراڻ يونيورسٽيءَ۾ انجنيئرنگ پڙهندو هو. نظرياتي استاد به کيس چوان ته به خوشي محسوس ٿيندي، ادب جو رستو ڏيکاريندڙ چوان ته به وڌاءُ نه ٿيندو ڇو ته ڪميونسٽ پارٽيءَ جي اوج وارن ڏينهن ۾ مليو هو پاڻ ڊي ايس ايف ۽ اسان ساٿي ٻارڙا سنگت ۾ هياسين. اتساهه جو ڪارڻ هو آهي ۽ رهندو، تنهن ڪري جڏهن يونيورسٽي کان موڪل تي ڏوڪريءَ ايندو هو ته اسين اسڪول کان موڪل بعد وٽس ويندا هياسين ۽ سندس اسٽڊي روم ۾ ويهي کوڙ ساريون ڪچهريون ڪري ايندا هياسين. ٻين ڪامريڊن جون ڳالهيون ان دور ۾ سمجهڻ کان ڳريون ۽ ساڳيون ڳالهيون هن وٽان ساديون سلوڻيون ۽ سمجهه ۾ اچڻ جهڙيون لڳنديون هيون سو وٽس هليا ويندا هياسين. تنهن ڏينهن ۾ ايتري خبر هئي ته هو شاعري ڪندو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪي ڪي نظم به ٻڌائيندو هو جن اسان جي اندر به لکڻ جي خواهش پيدا ڪئي جيڪا چڻنگ اڄ تائين ٻري ٿي پئي اجهاڻي ناهي. پوءِ وقت هيڏي هوڏي کڻي ويو. ڪو ڪاڏي ويو ته ڪو ڪاڏي ويو “نه ڄاڻان ٻيهار ڪير ملندو ڪنهن سان” پر اسين وري ملياسين يا ايئن چئي ته تعليم کي پورو ڪري اسان به سندس پير کڻي ڪراچيءَ پهتاسين ۽ کيس ملياسين. 2002 ۾ سندس ڪهاڻين جو ڪتاب ”خودڪشيءَ جو رومانس” آيو ته ان تي مضمون لکيم. اخبار۾ به ڇپيو. پر انور جي محبت جي انتها هئي جو اهو مضمون ان ڪتاب جي سووينيئر ۾ به ڇپيائين. سندس شخصيت جي اها وڏائي ڪافي آهي ته هن هڪ سيريس ڊاڪيومينٽ ۾ هڪ نهايت ئي جونيئر شخص جو ليک ڇاپيو هو. اڃان تائين اهو مضمون کولي پڙهندو آهيان ته دل خوش ٿي ويندي آهي. ڪراچيءَ ۾ به مان ساڻس گڏ پاڇي جيان رهيو آهيان. سنڌ مدرسي ۾ سندس آفيس ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ گڏ ويهي ساڻس کوڙ ڪچهريون ڪيون اٿم ته صدر، ريگل چوڪ ، ايمپريس مارڪيٽ کان ٿيندي يونائيٽيڊ بيڪري ۽ ان ئي بلڊنگ جي پهرين ماڙ تي نيٽ ڪيفي ۾ به ساڻس گڏ ويندو رهيو آهيان جتي ويهي هن پنهنجي ناول “هڪ مهمان ڇوڪري” جي اناميڪا کي انيڪ اي ميلون لکيون آهن جن ناول جو روپ ڌاري ورتو آهي ۽ جڏهن هي ناول ڪهاڻي هيو تڏهن به کوڙ ڀيرا کانئس ٻڌم ۽ لڇندو رهيم ۽ اڄ ناول جي صورت ۾ به پڙهان پيو ته لڇان پيو. هي ناول رڳو انٽرٽينمينٽ لاءِ ناهي پر هي ماڻهوءَ جي اندر جي اڪيلائي جو نوحو آهي جيڪو سڏڪي سڏڪي پڙهڻ ۾ روح کي قرار ارپي ٿو. هن ناول ۾ اها شڪتي آهي جيڪا ماڻهو کي پنهنجي درد کي گهرائيءَ ۾ وڃي سمجهڻ ۾ مدد ڏئي ٿي ۽ پو جڏهن ناول پورو ڪجي ٿو ته هن سموري ڪائنات سان پيار ٿي وڃي ٿو ۽ هر ماڻهو پنهنجي وجود جو حصو لڳڻ لڳي ٿو. اهو وجود جيڪو سوين هزارين لکين ٽڪرن ۾ ٽٽل آهي، جنهن روح ۾ ڪيترائي روڳ آهن ۽ روڳي وجود کلي به ٿو ته ڳالهائي به ٿو ۽ زندگيءَ جي وهنوار ۾ سرگرم به رهي ٿو. سو هي سمورو ناول بظاهر ته اناميڪا ۽ سوڍي جي ڪهاڻي تي اڻيل آهي پر حقيقت ۾ هي درد جو داستان آهي جيڪو ماڻهو کي پاڻ کي ئي ٻڌائڻ ۾ مڪتي ملي ٿي. هي ناول پڙهندي مان پنهنجي وجود جي ويرانين سان ئي مليو آهيان پڙهندي پڙهندي اداسين جا ٿان کلي ٿا پون. روح جا گهاو تازا ٿي پون ٿا ۽ غلام نبي گل جي ڪتاب “اڃان تازي قبر آهي” جو ٽائيٽل جو مفهوم سمجهه ۾ اچي وڃي ٿو. هڪ مهمان ڇوڪري ناول پڙهندي مون پاڻ کان هڪ سوال پڇيو هو: “ ته درد کانسواءِ آخر انسان جي هجڻ جو مقصد پورو ڇونه ٿو ٿئي”. آخر دک ئي ڇو ماڻهوءَ سان استعاري جيان ساڻ هلندو رهي ٿو ۽ هڪ اها به ڳالهه اڳيان آئي ته: اسان خوشيون ته گڏجي ملهائيندا آهيون پر دک اسان کي اڪيلي ئي ڀوڳڻا پوندا آهن. اسان جا ڳوڙها اگهڻ وارا به ڳوڙهن جو سيلاب ڏئي رفو چڪر ٿي ويندا آهن ۽ اهو ئي ڪجهه مونکي انور ابڙي جي هن ناول ۾ نظر اچي ٿو ته پهرين چندرا ۽ پوءِ اناميڪا واري واري سان سوڍي جي زندگي ۾ اچن ٿيون ۽ پوءِ سندس مٽرن جي ڪچڙي گونچ جهڙي زندگيءَ کي پاري ۾ ساڙي هليون ٿيون وڃن يا وري لوءِ جيان لوساٽي ننڍڙي مجبوري ظاهر ڪري غائب ٿي وڃن ٿيون. سمجهڻ جي ڳالهه اها آهي آخر انسان جي نفسيات ڇا آهي. نڀائڻو آهي ته سهڻي درياءُ به لهي ٿي پوي، ڀيلو به نه ٿي ڏسي پر جڏهن ڇڏڻو آهيس ته ايڏي ننڍڙي سبب سان گڏ الوداع ڪريو ڇڏي. سو ماڻهوءَ جي بيوفا روپ کي جهڙيءَ ريت انور پنهنجي هن ناول ۾ پينٽ ڪيو آهي سو سچ به ڪمال آهي. هن ناول جي نواڻ اها آهي ته هن ۾ گهڻي ڀاڱي جديد ٽيڪنالوجي جي دور کي ظاهر ڪندي اي ميل جي ذريعي هيرو ۽ هيروئين هڪ ٻئي سان عشق جهڙي ڪٺور آفت کي منهن ڏين ٿا سو اوهان کي هن ۾ ڪوهين ڏور هجڻ واري بيقراري ۽ تڙپ هن ناول ۾ هر جاءِ تي نظر ايندي، جنهن ڳالهه ناول کي وڌيڪ پرڪشش بڻائي ڇڏيو آهي. سوڍو هن ناول جو مک مرڪزي ڪردار آهي جيڪو زندگي ۾ هڪ دفعو پهرين هڪ ڇوڪريءَ چندرا جي پيار ۾ دوکو کائڻ بعد رانگ نمبر ذريعي اناميڪا سان ملي ٿو جيڪا اصل ۾ حيدرآباد جي آهي پر تعليم جي سلسلي ۾ ڪينيڊا ۾ رهي ٿي. اهڙي ريت دوکي جو ڌڪ کائي ڦٿڪندڙ سوڍي کي اناميڪا جي زندگي ۾ داخل ٿيڻ ڪجهه قرار ته مهيا ڪري ٿو پر وري اڳتي هلي رڳو هڪ ملاقات بعد اها به سندس زندگيءَ مان هلي ٿي وڃي ۽ بي معنويت جو مفهوم ذهن ۾ چٽو ٿئي ٿو. ۽ ماڻهو سڄي عمر هن دنيا ۾ ڄڻ ته پاڻ کي زندگي گذاريندي نه پر ڪنهن چيڪلي تي ڦرندي محسوس ڪري ٿو ۽ هڪ جاءِ تي سوڍو چئي ٿو: “مون هڪ جاءِ تي ڊائريءَ ۾ امان کي مخاطب ٿيندي لکيو هو ته: “ امان: تون مونکي ايڏي بددعا ڇو ڏني آهي جو منهنجو ماتم ختم ئي نه ٿو ٿئي، ڇا؟ منهنجو جنم ايڏو ڏوهه هيو؟” هي آخري سٽون پڙهندي روح سراپجي وڃي ٿو ۽ ڪيترا اهڙا واقعا ذهن جي اسڪرين تي نمودار ٿين جن ۾ ماڻهوءَ کي ان ڪيفيت جي ور چڙهڻو پوندو آهي ۽ انور سموري سماج جي ڌڙڪندڙ دلين کي پنهنجي دل ۾ سميٽي هڪ قسم جو ڌماڪو ڪيو آهي ۽ پڙهندڙ ڪنهن به ريت هن ناول سان پنهنجي تعلق کي ڪمزور نه ٿو ڪري. هي ناول ماڻهو جي داخليت جو اهڙو دردناڪ قصو آهي جنهن مان سنڌ ڪاري لباس ۾ اوساريندي نظراچي ٿي. هن بظاهر هلڪي ڦلڪي رومانوي ناول ۾ ليکڪ فلسفي جي سوالن کي به اڪلائيندي هليو آهي. هڪ جاءِ تي اناميڪا سوڍي کي اي ميل ڪندي لکي ٿي ته: خبر ناهي درد جي عمر ڇو ايڏي وڏي ٿيندي آهي؟ درد ڪنهن الهڙ جوانيءَ جي چنچل چپن ۾ رکيل چيوگم مان نڪتل فوڪرين جيان ويندو آ وڌندو؟ ناول جي ٻولي شاعري جيان من جي گهرائين ۾ لهندڙ ۽ جماليات سان ڀرپور آهي جيڪا ڪڏهن رئاريندي هلي ٿي ته ڪڏهن کلائيندي ته وري ڪڏهن وري ڪنهن ناسور جيان وڃي ٿي ڪوريندي. هن ۾ ٻئي ڪردار اداس ۽ وياڪل هجڻ جي باوجود اميد پرست آهن ۽ زندگيءَ جي هر موڙ تي هو هڪ ٻئي کي اميد پرستيءَ سان آشنا ڪندا ٿا هلن ۽ هڪٻئي جو حوصلو وڌائيندا ٿا رهن. اناميڪا کيس هڪ جاءِ تي چوي ٿي: “ پنهنجو پاڻ کي سميٽي گڏ ڪرڻ جو وقت نه وڃايو، نڪري اچو ان سراب مان، خوشي اوهان جي چانئٺ ڀي چمندي، توهان ان جي لاءِ دڳ ته ٺاهيو. درد کي کي مختلف لظن ۾ بيان ڪندي هڪ جاءِ تي لکي ٿو: انا درد اهو نانگ آهي جيڪو دل جي ٻر ۾ هڪ دفعو به داخل ٿيندو آهي ته اهو اتان ڪڏهن به ٻاهر ناهي نڪرندو ۽ هر بار پيو ڏينگيندو آهي ۽ مون سالن کان ان جي ڏنگن جو لطف ماڻيو آهي”. اسان وٽ محبتن جي ماڻڻ نه ماڻڻ جو ذڪر به اڪثر ٿيندو رهندو آهي ۽ ڀٽائيءَ ته فيصلو ڪندي چيو هو ته:
    ڳولهيان ڳولهيان م لهان، شال ۾ ملان هوت
    من اندر جي لوچ ملڻ سان ماٺي ٿئي.
    ته هڪ جاءِ تي اناميڪا سوڍي کي سمجهائيندي چوي ٿي: “محبتون سڀ نه ماڻيندا آهن سوڍا! ڪنهن ڪنهن جون محبتون الهڙ جوانيءَ ۾ ڪنهن بيواهه ٿيندڙ وينگس جي سڪل ۽ رڃ ٿيندڙ اکين وانگر گهائجي وينديون آهن” هي مٿيون ڪو ڊائلاگ ناهي پر هيءَ ته گائيڊ لائين آهي انهن نوجوانن لاءِ جيڪي محبتن جي نه ملڻ جو نتيجو ڀوڳي رکڻ جو ساهس نه رکندا آهن ۽ انتهائي فيصلا سندن جوانين جو شمشان گهاٽ بڻجي ويندا آهن ۽ ليکڪ اناميڪا جي واتان اهو به چورائي ٿو: “ هاڻي ان درد کي مارڻو آهي بس زندگيءَ کي زندگي بڻاءِ ٻوجهه نه” سو هي ناول جتي نوجوانن جي رنگين جذبن کي پروان چاڙهي ٿو اصل زندگي جي معنيٰ وارو گس پڻ ڏيکاري ٿو. هي ناول منظر نگاريءَ سان پڻ ڀريو پيو آهي ۽ هي ناول نه رڳو رومانس کي اظهاري ٿو پر هن ۾ دک پنهنجي جوهر سان موجود آهي ۽ هي ٻئي ڪردار وطن پرست آهن هي سنڌ سميت سنڌ جي ثقافت ۽ ٻوليءَ جي حوالي سان سچيت نظر اچن ٿا ۽ ڊگها ڊگها بحث پڻ ڪن ٿا. ڏٺو وڃي ته اڪثر اسان ڏکين حالتن ۾ دوستن همعصرن يا ويجهن مائٽن ڏانهن واجهائيندا آهيون پر ڪي ڪي هاڃا اهڙا به ٿيندا آهن جن کي اسان اڪيلي ئي ڀوڳيندا آهيون، اهي درد جن جي دونهين اسان جي روح ۾ دکندي آهي انهن دردن کي پاڻ کي ئي چيٺڻو پوندو آهي پر ان جي باوجود ماڻهو کي سهاري جي ضرورت هوندي آهي جنهن تي پڻ هن ناول ۾ ڪافي بحث ٿيل آهي جنهن ۾ سوڍو اناميڪا کي چوي ٿو: “ ۽ ها تون منهنجو اڻ ڏٺو سهارو بڻجي رهي آهين، باوجود ان جي تي مان سهارن جي آسري تي جيئڻ وارن مان ناهيان، مان اڄ ڏينهن تائين پنهنجو سهارو پاڻ بڻجندو آيو آهيان، مان پنهنجا رستا پاڻ ٺاهيندو آيو آهيان، مان سج کي چتائي، گهوري ڏسڻ ۽ رات کي چادر بڻائي ڪنهن ويراني ۾ اڪيلو آرام ڪرڻ وارو ماڻهو آهيان پر تون ان ويراني ۾ مون مٿان ڇانورو ڪري رهي آهين” سو بظاهر هي عام فهم موضوع ماڻهوءَ جي زندگي تي تمام وڏا اثر ڇڏيندا آهن ، ماڻهو هڪ انا کڻي هن سماج ۾ جيئندو آهي ۽ هر سماج جون پنهنجون حقيقتون ٿينديون آهن ۽ اسان جهڙن سماجن ۾ماڻهو پنهنجي انا کي زيور جيان سيني سان لائي جيئندو آهي، پنهنجي درد جي اظهار طور روئڻ کي ڪمزوري سمجهيو ويندو آهي پر نفسيات جا ماهر روئڻ کي روح جي صفائي لاءِ محرڪ سمجهن ٿا اهڙيءَ ريت سهاري کي به اسان جي سماج ۾ ماڻهوءَ جي ڪمزوري سمجهيو ويندو آهي پر ماڻهو جو وجود ٻئي ماڻهوءَ لاءِ وڏي وٿ آهي ۽ ان ڳالهه کي انور ابڙي پنهنجي هن ناول ۾ هڪ ڊائلاگ ذريعي آسانيءَ سان سمجهايو آهي. جيئن مٿي به ذڪر ٿي چڪو آهي ته هي ناول رڳو رومانوي ناول ناهي پر هن ۾ سنڌ، پاڪستان ۽ پوري دنيا جي مسئلن تي ته ناول جي گهرج آهر بحث مباحثو ڪيو ويو آهي، مثال جي طور تي سنڌ ۾ هڪ معصوم نينگريءَ سان ريپ بابت سوڍو اناميڪا کي هڪ اي ميل ۾ تفصيلي معلومات ڏئي ٿو جنهن جي وراڻيءَ ۾ هوءَ سنڌ ۾ ٿيندڙ ريپ جي واقعن تي پريشان ٿيندي کيس جواب ۾ لکي ٿي ته هتي ڪنهن سان ڏاڍائي ٿيندي آهي ته انصاف ملي ويندو آهي پر اسان جي ملڪ ۾ ائين نه ٿي رهيو آهي ۽ هو کيس لکي ٿي ته ان ڇوڪريءَ جي پوري معلومات ۽ ڦوٽو ڏياري موڪل ته آئون ان بابت هتي ڪجهه ڪريان ٿي ۽ بعد ۾ هوءَ کيس لکي ٿي ته هنن ان ڇوڪري سان ڏاڍائي جي خلاف آمريڪا ۾ وڃي وائيٽ هائوس اڳيان مظاهرو به ڪيو آهي ۽ جلد انساني حقن جي تنظيمن کي ميمورنڊم به موڪليو ويندو. سو فني حوالي سان هي ناول هڪ پرفيڪٽ ناول آهي هن ۾ هڪ دور جو سمورو نقشو چٽو نظر اچي ٿو. هي ليکڪ پنهنجي دور جي ڪٿا ان ريت ئي بيان ڪري سگهي ٿو جيئن تاريخ جي صفحن ۾ اها گواهي محفوظ ٿي وڃي ته ليکڪن ڪهڙيءَ ريت سماجي ڏاڍ خلاف پنهنجو آواز اٿاريو آهي. سو انور ابڙي جو هي ناول مهمان ڇوڪري هڪ يادگار ناول آهي جيڪو سنڌي ادب جي ميدان ۾ پنهنجي نمايان موجودگي سان هر دور ۾ چنڊ جيان چمڪندي نظر ايندو.
     
    محمد طارق مهيسر هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو