• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٻول : يادون نه هون اوهان نه هُئا دل لڳي هُئي

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
يادون نه هون اوهان نه هُئا دل لڳي هُئي،
بانور ڪرڻ جي ڪاڻ بچي ڪا مڳي نه هئي.

خط شيلف ۾ پيا رهيا اُڏريون عبارتون،
اک خالي پنن تي ڀِڳِي، بازِ ڀِڳِي نه هُئي.

خاموش گذرياسين مگر اڳتي وڃي ٻنهين،
ور ور مُڙِي ڏِٺوسِين جو مُڪمل ڇِڳِي نه هُئي.

مُنهنجو ماڻو ائين تو ٽوڙيو، ٻِئي ماڻڻ لئه ڪڏهن،
تبسم وري تمنا دل ۾ ڀَڳِي نه هُئي.



(عبدالغفار تبسم)



 
Back
Top