ضراب حيدر
سينيئر رڪن
پنهنجو پاڻ سان به ملجي ڪڏهن..!!
ضراب حيدر
ڪي مهينا ڪي سال گذري ويا.
اها فرصت ئي نه ملي جو پنهنجو پاڻ سان ملجي.
وقت ۽ حالتون ماڻهوءَ کي ڪڏهن ڪڏهن ڪيڏو بيگانو ڪيڏو اجنبي بڻائي ڇڏينديون آهن، جو پنهنجي اندر جو آواز به ڪنهن قبرستان جي صدا لڳندو آهي، هر ماڻهوءَ جي ننڍپڻ ڪيڏو نه شاندار هوندو آهي، ڪيڏو نه سندس اختيار ۾ هوندو آهي، هو جيئن چاهيندو آهي ڪري سگهندو آهي.
کيڏڻ چاهيندو آهي ته کيڏي سگهندو آهي.
وڙهڻ چاهيندو آهي ته وڙهي سگهندو آهي، سمهڻ چاهيندو آهي ته سمهي سگهندو آهي، وڏي ڳالهه ته ننڍپڻ ۾ کل توڙي روئڻ بي اختيار ۽ بااختيار هوندا آهن. کل سان کوکلا ٽهڪ نه اُڀرندا آهن ۽ روئڻ سان لڙڪن جا آبشار جاري ٿي ويندا آهن.
اڃا به وڏي ڳالهه جيڪا آهي اُها اها آهي ته ماڻه مٽيءِ سان کيڏندي به ڪڏهن ميرو نه ٿيندو آهي.
۽ هاڻ ته اجالن سان کيڏندي به تاريڪيون پلئه ٿيون پون.
صفائي سُٿرائي به وجود توڙي من کي ميرو ڪر ي رکيو آهي .
آئون پنهنجو سمورو اڄ ان لاءِ ڊس اون(Disown) ٿو ڪريان جو اهو منهنجو آهي ئي ڪونه، سڀ ڪجهه ڄڻ مصنوعي ۽ ڏيکاءُ وارو آهي، ۽اهو سڀ ڪجهه ان لاءِ به آهي جو آئون پنهنجو پاڻ کان پري ٿي ويو آهيان، منهنجو پنهنجو پاڻ جيڪو بنهه هڪڙو ٻار منفرد ماڻهو آهي، سو ته ڪي ورهيه ٿيا چيچ ڇڏائي ماضيءَ جي هُن ڀر بيٺو آهي.
توهان سان ائين آهي، الائي نه!!؟ سوچجو ضرور.
مون اڄ هڪ لمحي لاءِ پنهنجو پاڻ آئيني ۾ ڏسڻ چاهيو!!
مون کي ڪجهه ساعت لاءِ آئينو خالي نظر آيو، جنهن ۾ ڪو به عڪس ڪو نه هو، ۽ پوءِ ٻئي لمحي آئينو ڏاڍو ڀيانڪ ٿي ويو.. مون آئيني کان منهن موڙي ڇڏيو، ان ڪري آئون نه منهن ڌوئي سگهيس نه ئي وري ڪنگي ڪري سگهيس..
گهڙي
ءَ جا ڪانٽا مونکي گهلي آفيس جي در تي آيا، آفيس جي احاطي ۾ سڀ مُرڪي نهاري رهيا هئا، هڪ نه ٻن نه پر سڀني ائين ئي چيو ته ”اڄ ته صفا اسڪولي ٻار جهڙو پيارو پيو لڳين“
مونکي اها ڳالهه اڄ سُڌو سمجهه ۾ ناهي آئي، ٺهي ٺُڪي مصنوعيت جا ويس پائي جڏهن به آفيس ايندو آهيان ته کوئي کيڪاريندو به ڪونهي ۽ اُن ڏينهن هرڪوئي مُرڪي نهاري رهيو هو، کيڪاري رهيو هو.
آئون ننڍڙي هوندي جهن پٽي کڻي وحدت ڪالونيءَ واري پرائمري اسڪول ويندو هوس ته مونکي زندگي لپيءَ جي اکرن جيان لڳندي هئي، منهنجو ننڍپڻ جيڪو شروع کان بنهه مختلف هو، آئون ننڍپڻ کان ئي ڪي ڀيرا اڳتي نڪتل هوس... مون لپيءَ جي انهن اکرن جهڙي زندگيءَ کي جڏهن لفظن جي مالها ۾ پوئڻ شروع ڪيو اُها بنهه بي ترتيب بڻجي وئي. مونکي ياد آهي پرائمري اسڪول جي اُن ننڍڙي ڪلاس روم ۾ اسين ڪيترائي ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون گڏ پڙهندا هئاسين، اسان سان گڏ هڪ ڇوڪري زين به پڙهندي هئي، سندس اصل نالو ته اسڪول رجسٽر تي ڪهڙو داخل هو، ڪنهن کي به خبر ڪونهي، پر هر ڪوئي کيس زين سڏيندو هو.. هوءَ صبح صبح سان پٽي جا اکر پڙهندي چوندي هئي..
الف-اچ، ٻ -ٻُڌ، ڀ-ڀگُڙا، ک-کائيندين
آئون جڏهن هُن طرف نهاريندو هوس ته هوءَ ڇا پئي پڙهي ته هوءَ يڪدم ٻروچڪي پاتل ننڍڙي گهگي جي اڳئين وڏي ٽُڪنڊي کيسي مان ڀُڳڙا ڪڍي مون کي ڏيندي هئي.
ڪي سال پُڄاڻان، جڏهن هوءَ اوچتو مونکي ڪنهن پروگرام ڪنهن فنڪشن ۾ ملي ته ساڳيا الف ب واري لپي جا اکر اُچاريائين، مون کيس سڃاڻي ورتو ته هوءَ زن آهي.
مونکي مرڪندي چيائين، ياد اٿئي ته تون ننڍپڻ ۾ مونکي چوندو هئين ته صبح صبح سان ڀڳڙا ڪٿان آندا اٿئي ۽ آئون توکي چوندي هئس ته هٽ تان ورتا اٿم.. پر آئون اُهي ڀڳڙا هٽ تان نه پر رستي تان ايندي ڪاڪي دُمبالي پٽان جي ريڙهيءَ تان کڻي وٺندي هيس، ڪاڪي دمبالي پٽان کي خبر ئي نه پوندي هئي، نه ئي وري توکي ڪا خبر هوندي هئي ته ڀڳڙا ڪٿان آيا...
۽ ائين اسين ٻئي صبح صبح سان چوريءَ جا ڀڳڙا کائي وٺندا هئاسين، پوءِ هن هڪڙو ٽهڪ ڏيندي چيو.
”ڪيڏي نه مزو هو ان ننڍپڻ جي هڪڙي ڪوڙ ۾.....!!
اڄ آئون يا تون چاهين به ته ائين اهڙي لمحي کي واپس واري نٿو آڻي سگهين.
مونکي ان ڏينهن محسوس ٿيو هو ته مون جيڪا الف ب جي لپي وارن اکرن جي مالها پوئي زندگيءَ جو هار ٺاهيو آهي، اُهو ته ڪڏهن ڪو ٽُٽي پيو آهي. لپي جي اصل تسبيع ته هُن ڇوڪريءَ وٽ ئي رهجي وئي هئي، جنهن زندگيءَ جو ورد ڪري زندگيءَ کي بنهه ويجهڙائي سان ڏسي ۽ پروڙي ورتو آهي.
من زين کي انهي فنڪشن ۾ چيو هو ته ”زين ڇا ڪندي آهين اڄڪلهه؟ هن مُرڪي چيو هو ته” انتظار ۽ اوسئيڙو ڪندي آهيان“
چيو هو مانس ” ڪنهنجو اوسئيڙو“
چيو هيائين ”زندگيءَ جو انتظار، جنهن ميلن ۽ محفلن ۾ بنهه اڪيلو، هيڪل ويا ڪل ڪري ڇڏيو آهي...“
چيو مانس، ”زندگي ته تو وٽ آهي، تون ڪئين پئي ان جو انتظار ڪرين؟“
مُرڪندي چيائين ”زندگي ته مون ڀڳڙن مُٺ ۾ ڪڏهوڪو ڪنهن کي ڏئي ڇڏي،“
چيو مانس”سو وري ڪئين؟؟“ چيائين ” زندگيي ته ڪاڪي دمبالي پٽاڻ جي ريڙهي تي بس هڪ ادا ۾ رهجي وئي، ٿوري گهڻي جيڪا بچي سان ڀڳڙن مُٺ ۾ ورهائجي وئي.“
چيو مانس” تون ڇا پئي چئين مونکي ڪجهه به سمجهه ۾ نٿو اچي زين!؟“
مُرڪندي چيائين” جڏهن سمجهڻ لاءِ زندگي تو وٽ الف ب جي لپي ۾ موجود هئي ته زندگيءَ جي پٽي نه پڙهيه ۽ روز ميٽ سان اُن کي مهٽي ميساري ڇڏيئه...!!
۽ هاڻ پيو ڪتابن ۾ زندگي ڳولهين، ڪٿان ملندءِ...
منهنجي چپن تي هلڪي مُرڪ تري آئي، ۽ اکين مان لڙڪ ليئا پائڻ لڳا..
چيو مانس ”تون سچي آهين زين....!!“
۽ پوءِ منهنجي ذهن تي جگجيت سنگهه جون سٽون تري آيون،
فاصلا نظرون ڪا دوکا پي تو هو سڪتا هي
وو ملي يا نه ملي، هاٿ بڙهاڪر ديکو
ڌوپ ۾ نڪلو، بارش ۾ نهاڪر ديکو
زندگي ڪيا هي ڪتابون ڪو هٽا ڪرديکو.
اڄ وري سالن پڄاڻان جڏهن پنهنجو پاڻ سان ملڻ چاهيو اٿم ته زين ڏاڍو ياد آئي آهي، جيڪا بنهه ناياب ڇوڪري هئي، هوءَ ڪيڏي بي باڪ ۽ دلير هئي، جنهن زندگيءَ کي هڪ ٻار جيان کيڏي، مڙس ماڻهوءَ وانگي نڀاهيو آهي.. هوءَ جيئن ۽ جيڪا به هئي، بنهه Live هئي، جيئن جو تيئن هئي، وٽس اسان ماڻهن جيان ڪا به مصنوعيت ڪونه هئي، ڪوبه ڪوڙ ۽ دولاب نه هو... هوءَ ڪاڪي دمبالي پٽاڻ جي ريڙهيءَ تان ڀڳڙا کڻڻ ۽ وڙهائڻ تائين سنڌي لِپيءَ وانگي زندگيءَ جي پٽيءَ تي ڪائنات جيان ڦهليل هئي. هوءَ الف کان ي تائين سچي ۽ لائيو هئي ۽ اسين الف کان ي تائين مصنوعي، ٻهروپيا ۽ رپيٽ آهيون.