• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

دِل درپن دِل آکيرو

ضراب حيدر

سينيئر رڪن
دِل درپن دِل آکيرو


ضراب حيدر



بهاربـ ڄڻ تـ گذري هلي!

بهار گذري وئي ڪنهن کي بـ ڪا خبر نـ پئي، حيرت آهي!!

پر هيءَ بهار بـ ڪهڙي بهار هئي؟! ڇو ته هر چهرو ڪومايل ۽ هر مرڪ مرجھايل ڏٺم پئي،ڪيڏو نه الميو آهي، جو هاڻي ڪاغذي ڦول به ماڻهن سجائڻ ڇڏي ڏنا آهن. مون کي بهار جي اچڻ جو احساس تُوت جي اُن وڻ به ڏياريوهو، جيڪو پنهنجي چمڪيلن سبز پتن جي اوٽ ۾ ڪچن ڦُلاري مڌم رنگن وارن توتن کي سنڀاليون بيٺو هو، تُوت جيڪو اسان جي آفيس جي عمارت وچ ۾ نه صرف بهار جو ڏس ڏيندڙ آهي، پر امنجو سنديس به بڻيل آهي. )ها تُوت جو وڻ آمدِ بهار جي نشاني ئي تـ آهي جنهن جي ڏانڊين ۾ سنهڙا ۽ ڪچا تُوت ايرنگن وانگي ٽنگيا بيٺا هوندا آهن( مون کي ياد آهي، جڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندو هوس ته مون يونيورسٽيءَ جي احاطي ۾ سينٽرل ڪينٽين جي آس پاس ڪجھه املتاس جا وڻ ڏٺا هئا، آءُ جڏهن به اُداس ٿيندو هوس ته املتاس جي ڇانورن طرف هليو ويندو هوس. اُن زماني ۾ منهنجون اُداسيون اُنهن ڇانورن ۾ املتاس جي ڊگھين ڦرين جيان طويل ٿي وينديون هيون، جيئن اڄ به سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ اُداسين ۽ ويڳاڻپ جو دؤر هلي پيو.

تُوت جو وڻ ڏٺو هوم ته بهار جو شدت سان احساس ٿيو هئم، بهار جيڪا مون کي به شايد ٻين ماڻهن جيان نظر نه آئي!! ائين ڇو آهي جو هاڻي بهارون به چپ چاپ ۾ گذريو وڃن، جيئن ڪونجون شڪارين جي ڊپ کان بنا ڪنهن ڪوڪار جي راتين جو گذري وينديون آهن. سارس، جيڪي اُوچيون ڳچيون ڪري پنهنجي نيرڳي رنگن جا تجلا اکين جي ماڻڪين ۾ اُڇلائيندا هئا، اهي سارس به لڏي لاڏوڻا ڪري ويا. ڪينجھر ۽ منڇُر تي به مڙئي ماٺ آهي.

ڪالهه ڪالهوڪي ڳالهه آهي، بهار ايندي هئي، انب ٻور جھليندا هئا ته ڪوئلون خبر ناهي ته ڪٿانڪٿاناچي پنهنجا گيت ڳائڻ شروع ڪنديون هيون. انبڙِيون اڃا پنهنجي اندر ۾ ڪيرِيون ئي نه جھلينديون هُيون ته ڪوئلون اڳي ئي اميدن سان چهڪِي پونديون هيون.... اڄ نه وڻ آهن، نه وڻڪار، ٻنيون ۽ پٽ ڄڻ ته پاراتو بڻجي ويا آهن. عمارتنپنهنجاڳاٽ اهڙا اوچا ڪيا آهن، جو سارس ۽ ڪُونجنجا اُوچا ڳاٽ گُم ٿي ويا آهن. تيز زندگيءَ جي شور ۾ بُلبُلن ۽ ڪوئلِن جون ٻولِيون گُم ٿي ويون آهن.

هر صبح جو جيتوڻيڪ اوڀر کان اُٿندڙ سورج ۽ ڏکڻ کان گُھلندڙ واهوندي جي هير اِهو اعلان ڪري ٿي ته بهار آئي آهي، ڪجھه پوکي وٺو!؟ پر ڇا پوکجي؟؟ هڪ سوال.........

اسين تـ اُهوئي لُڻڻ ۾ پورا آهيون جيڪو اسان کان اڳ۾ پوکيو ويو آهي، جيتوڻيڪ پوک ۽ فصل لاڀائتو هوندو آهي پر هي ڪهڙو فصل اسين لُڻي رهيا آهيون؟ گلزار جي هنن سِٽن جيان تـ،


آؤ خريدارو آؤ،

ڀُوکي يـ فصلين آدمي ڪي نسلين،

مولا هو مولا هو مولا،

زندگي ڪي آگ سي مُڪتي دِلائيدي،

مانگي ڀِڪاريون ڪا ٽولا، ڀُوکي ڀِڪِاريون ڪا ٽولا،

زندگي ڪي آگ ۾ ڪاهي ڪو جلاتي هو ڪاغذي سرير ڪا چولا،

ڀُوک مِٽائيدي پياس هٽائيدي، خالي هي پيٽ ڪا ڇولا.


ايئن الائي ڇو آهي؟ سچ پچ ايئن آهي الائي ڄاڻي واڻي ڪيو ۽ ڪرايو ويو آهي.

اسانجا نسل جيڪي هڪ عجيب بُک جو شڪار ٿي رهيا آهن تِن جو ازالو ڪير ڪندو؟

بُک جيڪا هڪ طرف سندن سوچون سلب ڪري رهي آهي تـ ٻي طرف سندن روح روڳي بڻائي رهي آهي، اسانجو نسُل ماضي جو پوکيل فصُل لُڻندي اهڙو تـ عادي بڻجي ويو آهي جو کائنس پنهنجو ڪجھ پوکڻ ئي وسري ويو آهي يا وري اسان ڄاڻي واڻي کين اهڙي ڪِرت ۾ مصروف ڪري ڇڏيو آهي. اسان ماضيءَ ۾ اهڙو ڪجھ پوکيو آهي جنهن ۾نـ تعليم جو سَلو نِسريو آهي نـ وري ڪو اخلاقيات جو ٻوٽو اُڀريو آهي. اسان پنهنجي نِصاب توڙي ڪتاب کي تفرقي جي اهڙي آڙاھ ۾ اُڇلائي ڇڏيوسين جتان هاڻي ڪنهن سبق بدران رڳو روڳ ۽ دروھ ئي پلئـ پوي ٿو.

اسانجي پوک ۽ نظام اسانجي نسلن جي ذهنن ۾ رڳو بارُود ئي ڇو ڀري ڇڏيو آهي؟؟ جيڪو ڪٿي نـ ڪٿي معصوميت کي ئي شِڪار بڻائي ٿو، هي روز جا بم ڌماڪا اسانجي تقدير نـ هئا نـ ئي وري اسانجي تهذيب هئا، پوءِ ڇو هر واءُ ۾ هر گھٽيءَ ۾ هر نگريءَ ۾ بارُود جي بوءِ آهي؟؟

هاڻي تـ اُها بوءِ ايڏي تيز ۽ تِکي ٿي وئي آهي جو پنهنجي ڀرسان بيٺل هر ماڻهو مان اُها ئي بوءِ اچي رهي آهي، ڪڏهن ڪڏهن تـ پنهنجو وجود بـ اهڙي بوءِ ۾ ويڙهيل محسوس ٿيئي ٿو، اُن جو هڪ مثال اُهو تفاوتَ تعصَبُ ۽ بُنياد پرستيءَ واري سبق بـ آهي جيڪو هڪ تـ سُتي ۾ گھوٽي اسانکي پياريو ويو آهي ٻيو وري نِصاب ۾ اسانکي پاڙهيو ويو آهي. اسين انسان ماڻهو هوندي بـ تفرقن سانچن ۽ ڍانچن ۾ ورهائجي ويا آهيون،

ننڍڙي هوندي هڪڙو نظم ٻڌندا هئاسين،

سو ڊيمبو سو ڊيمبو واٽڙيءَ ڦِٿو،

سا واٽ سا واٽ پاڻيءَ ٻوڙي،

سو پاڻي سو پاڻي گھوڙرا پيئن،

سي گھوڙا سي گھوڙا لِڏڙون لاهِن،

سا لِڏ سا لِڏ ڪُنڀر نيئن،

سي ڪُنڀر سي ڪُنڀر وٽڙيون ٺاهِن،

سي وٽڙيون سي وٽڙيون ٻارڙا وٺن،

سي ٻار سي ٻار ڀتڙو رڌِين،

سو ڀتُ سو ڀتُ ڪُتڙا کائن،

سي ڪُتا سي ڪُتا لئي پاڻ ۾ سُتا.

ننڍپڻ ۾ ٻڌل هن نظم ۾ هڪ سبق آهي، ڪُتا جن لاءِ چيو ويندو آهي تـ وِڙهندا رهندا آهن ۽ اِهو پِڻ مثال ڏنو ويندو آهي تـ ڪُتا تـ ناهيو جو وِڙهو ويٺا پر اُن نظم ۾ هڪ ڳالھ ٻڌائي وئي آهي تـ ڪُتا بـ کائي پي لئي پاڻ ۾ سُمهندا آهن، تـ پوءِ هي ماڻهن کي ڇا ٿي ويو آهي؟؟

آمدِ بهار ۾شام ٽاڻي شهر جي عمارتن جي وچ ۾ ڪٿي ڪٿي سِر بچائي بيٺل وڻن کي نهارجي ٿو ته اُهي پنهنجا پيلا رنگ سبزيءَ ۾ تبديل ڪري رهيا آهن. ائين ٿو لڳي ته ڄڻ بهار جي خوشبوءِ واري ٽب مان وڻن پنهنجي ميرن ۽ اُجڙيل پتن (پنن) کي چَٽ هڻڻ شروع ڪئي آهي، جنهنڪري اُهي نِکري اُجرا ٿي رهيا آهن. ويتر وري نوان گونچ ۽ ٻُور ڀلايون ڀالآڇي رهيا آهن. پوءِ به الائي ڇو دونهين ۽ آلودگيءَ ۾ اسان کي ڪجھه نظر نٿو اچي.، خوشين جا ساز سامان جيتوڻيڪ شِر ۽ نفس جي ور چڙهي ڪٽجي سينوارجي ويا آهن، پر حيرت ته پنهنجي دل ۽ درد تي به آهي، جيڪو اڪثر بهار ۾ ڦُٽي پوندو هو، سو به ڪوڙهه وانگر داغ بڻجي رهجي ويو آهي. موسمن جون تبديليون ۽ احساس اسان کان ائين موڪلائي ويا آهن، جيئن ماڻهپو اسان کان موڪلائي ويو آهي....

زندگي جيڪا هڪ آزاد نغمو ٿي ملي، هڪ سُريلو ساز بڻائي فطرت طرفان عطا ڪئي وئي، اسان اُنهي زندگيءَ کي ڪهڙن خولن ۾ بند ڪري ڇڏيو آهي؟ جن جي اندران اسين محسوسات جون سموريون سَگهون ۽ حِسون وڃائي ويٺا آهيون. اسين موسمن کان بي خبر ٿي ويا آهيون. ٻاهر جون ٻوليون ۽ لاتون ته ٺَهيو پر اسان پنهنجي اندر جو آواز به ٻڌي ۽ سُڃاڻي نٿا سگهون، جيڪو ڪنهن به حوالي نه غير آهي نه وري ڳُجهو. اسان پنهنجون اکيون يا ته پُوري ڇڏيون آهن يا وري اسان بزدليءَ وچان پنهنجو پاڻ اُنهن خولن ۾ لڪائي دل جا در ۽ دريچا بند ڪري ڇڏيا آهن.

دل جيڪا روئيندڙ کلندڙ آهي، ان کي اسان لوهه جو بڻائي ڇڏيو، يا وري اُن جي سماع کي اهڙو ته لِنبائيڇڏيو آهي جو ڪو به سڏ پڙاڏو اسان کي نه ٿو سُجهي نٿو ٻڌجي. لاتعلقيءَ جي اهڙي تـڊوڙ ۾ اسين ڪاهي پيا آهيون جنهن ڊوڙ ۾ رانديڪن کي چاٻي ڏئي هلايو ويندو آهي. اسان پنهنجي سوچ جي گھوڙي تي ڪو انڌو يا مُلايت پسند سوار ويهاري ڇڏيو آهي جيڪو نه نهاري ڄاڻي ٿو نه وريڪجھ ڏسڻڄاڻيٿو، بس اُهو خصاري واري منزل طرف ڌوڪيندو ڪاهيندو وڃي ۽ راهه ۾ ايندڙ هر شيءِ کي چيڀاٽيو ڇڏي.

هڪ لمحي لاءِ اسين دل جي ٻڌون ها دل ۾ نِهاريون ها، دل جيڪا پت_جَھڙ بـ آهي تـ برکا بـ آهي، دل جيڪا هڪ جھرڻو هڪ دريا بـ آهي سا ڏاڍي بي چئي ۽ من چَلي بـ آهي. دل جيڪا سڀڪجھ هوندي سڀني جي ٿيندي بـ ڏاڍي اڪيلي هوندي آهي سا دل ڪڏهن پنڇيتـ ڪڏهن آکيرو بـ آهي، ها دل جيڪا ايشور

)خُدا( جي نِهايت پياري ڪويتا آهي سا تـ هڪ درپن روئيندڙ کِلندڙ آهي، اها نـ گِدي ڪري سگهي ٿي نـ وري ڪو ڊوھ، ها اُن ئي دل جا اِشارا ۽ فيصلا هِن دنيا هِن سنسار کي گُلزار بڻائيندا آهن.

پر اسان شايد اُها دل ئي ڪڍي اُڇلائي ڇڏي آهي بس هڪ ماسَ جو لوٿرو کڻي هلندا وتون.

جي ائين نه هجي ها ته، اسين بهارن کان بي خبر ڪيئن هجون ها....!!؟

ڀلي اسان وٽ اُهي آرائين ناهن جيڪي گلن جو جهوليون ڀري اچن ۽ ا سان کي بهارن جي وِش ڪن، پر اسين پنهنجي نِراس دلين سان ڪاغذي گُل کڻي به ته بهارن جا اوسيئڙا ڪندا هُئاسين!؟ ته پوءِ هي ڪهڙي وبا اسان جي اکين، دلين ۽ روحن ۾ ڪاهي پئي آهي جو اسين بهارن۾ بـ بارُود جا ڀاڻا ۽ ڀاڻسالي )پِتل جا واپاري( بڻجي پيا آهيون.

اسانکي هاڻي بـ دِل سان ئي رُجوع ڪرڻو پوندو جيڪا نراس هوندي بـ وڏيون آشائون رکي ٿي، ها بلڪل هي دل ئي تـ سموري جڳ جي ڀاشا آهي جنهن ۾ سارو جڳ وسي ٿو سارو سنسار رهي ٿو. ڇو نـ اُن دِل کي ئي پنهنجو پاڻ سان گڏ ڪري وٺجي ۽ اُن ايشور )خُدا( سان ڳالهائي وٺجي جيڪو هر پل دِل ۾ ئي رهي ٿو، منَ ۾ ئي رمي ٿو. جڏهن اسانجي دِل درپن آکيرو بڻجي پوندي تـ اُها ڪو بـ ٻيو آکيرو يا بسيرو برباد نـ ڪندي، بس دل ئي آهي جيڪا شيطانيت ۽ شِر جو خاتمو آڻي سگھي ٿي. ها بلڪل اسانکي دِل سان ئي رُجوع ڪرڻو پوندو، دِل سان ئي ڳالهائڻو پوندو جيڪا اسانجي ڳالھ ٻُڌي سمجھي سگھي ٿي ۽ ها جيڪڏهن اسانجي دِل هڪ ڀيرو زندھ ٿي پئي ۽ کٽي وئي تـ پڪ انسانيت کٽي ويندي.
 
Back
Top