ضراب حيدر ڪونڀٽَ، ٿر جا گونگا ماتمي دستا

'ڪالم' فورم ۾ ضراب حيدر طرفان آندل موضوعَ ‏18 مارچ 2017۔

  1. ضراب حيدر

    ضراب حيدر
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏6 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    55
    ورتل پسنديدگيون:
    30
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    58
    ڌنڌو:
    ريسرچ فيلو.
    ماڳ:
    حيدرآباد سنڌ
    ڪونڀٽَ، ٿر جا گونگا ماتمي دستا


    ضراب حيدر




    هيل جهولا وڏي جُولان ۾ آهن. جهولن ۽ لُڪَ ۾ ٿر به هُن جهڙو ڏيک ڏيڻ شروع ڪيو آهي، هوءَ جيڪا پل ۾ ٿر جي واريءَ جيان تپي پوندي هئي ۽ پل ۾ صحرا جي رات جيان ٺَري پوندي هئي، ڪينري سُرندي جي ڊَول جهڙي هاٺي رکندڙ هوءَ ڪنيا جڏهن يڪتاري جي تار جيان وڄندي/ کِلندي هئي ته منجهانئس ڪيئي سُر نِسري پوندا هئا.

    هوءَ جيڪا ٿر جيان پياسي هوندي به سدائين کِپ جيان سائي هئي، سندس انهيءَ ساوڪ مانڊاڻ ۾ جيڪي به ساڏوهين جهڙا پيرون نسيريا هئا، سي انيڪ رنگن هوندي به الائي ڇو ڏاڍا ڪسارا هئا . . . .!؟

    (ڏور کان نظر ايندڙ خوبصورت رنگن جيان هُن جا سمورا سڀاءُ بـ تـ ڪسارا هئا). شايد اهو ئي سڀاءُ آهي جنهنڪري چيو ويو آهي ته ’سهڻا ٽوهه به پٽن تي پيا آهن پر ڪَڙا آهن‘.

    سونهن جو ڪڙاڻ ۽ ڪسارپ سان سُٻنڌ اڃا تائين سمجهه ۾ اِن لاءِ به اچي نه سگهيو آهي، جو اُن پويان نفسيات ۽ سماجيات جا وڏا باب پِنهان هوندا آهن، جيڪي شايد پڙهي سمجهي نه سگهبا آهن.

    ها هوءَ پياسي هوندي بـ هِڪ مُرڪ سان ڏُڪاريل وجود کي سيراب ڪري رکندي هئي سا مِٺي جي لَڪَن کان اوجھل ٿي تـ سموريون خوشيون خاڪ ٿي ويون،

    ها شايد هوءَ هڪ لمحو هئي يا وري سچ پچ خوشي هئي؟؟

    ڪجهه بـ هئي پر هوءِ ڪا سياست ڪونـ هئي، نـ وري ڪا اليڪشن هئي جنهن ۾ ڪا ڌانڌلي ڪري سگهجي ها.... بس قسمت هئي جيڪا ٿر جيان سدائين ڏُڪاريل رهجي وئي...!!

    سالن کانپوءِ ٿر وڃڻ ٿيو، ٿر جهڙو اليڪشن کان اڳ ۾ هو، تهڙو ئي اليڪشن کانپوءِ آهي، جنهن جي نصيب جو شوشو هاڻ ڄڻ اين.جي. اوز جي هٿن ۾ اچي ويو آهي. سياست جيڪو ٿر کي سورَڳ بڻايو سو بڻايو، وڃي ٿيا خير!!! پر اين. جي. اوز جيڪي ڪِشتا ٿر جي نالي ۾ کنيا سي ته ڀلوڙي ڀلو، واهه جا ڀرجي ويا، پر ٿر جي قسمت ۽ ٿر جو دامن محبت جي هارايل سپاهين وانگر خالي آهي، جن جي حصي ۾ صرف ڪسارپ ايندي آهي. مون جڏهن لطيف سائينءَ جي سُر حسينيءَ ۾:

    ”منجهان منهنجي روح، جي وڃي ساجن وسري،

    ته مر لڳي لوءِ، ٿر ٻاٻيهو ٿي مران!“

    پڙهيو هو ته محبتن جي ميخُن، سڄڻ ۽ ساڻيهه جي تشريح تفسير سان سمجهه ۾ اچي وئي هئي.

    ٿر کي جهولا ڪٿي جهوريندا آهن؟

    ها پر ٿر ٻاٻيهي جهڙن ماڻهن کي اُهي جهولا ۽ لُڪون ماري رکنديون آهن، جن جي روح مان ساجن وسري ويندو آهي، نڪري ويندو آهي ۽ اُهي ماڻهو جيڪي دانشتا سڄڻ ۽ ساڻيهه وساري ويهندا آهن تن کي لهر نڪو لوڏو هوندو آهي، ڳالهه بس ٿورو سمجهڻ جي آهي.

    ٿر کي ته اُهي جهولا جهوري رهيا آهن، جيڪي پيٽ (Stomach) جي وسط (وِچ) مان اُٿي دماغ جي آخري رڳ تائين ڦهلجي ويندا آهن. اُن وقت ٿر جي لڄ ٿر جو حياءُ ڪيئن ڀٽن ۽ لَڪَن تي وِڪبو آهي، اِها ڪهاڻي اِها وارتا منهنجي ٻُڌائڻ کان گهڻي آهي. ٿي سگهي ٿو ته اين. جي. اوز جي ڪِشتن ڀريل رپورٽن ۾ اُهي انگ اکر اچي به، نه آيا هجن، پر گُهنجن پيل ڦاٽل لِيڙُن جي اکين کان اوجهل ٿي نه سگهيا آهن، اُهي انگ اکر ڀل ڪنهن اخبار جو ڪالم يا ڪنهن خبر جي سرخي نه بڻيا هجن، پر اُهي ٿر جي هوائن ۽ جهولن ۾ سِسڪِيون بڻجي سڏڪندا رهن ٿا.

    مورن جا ٽهوڪا ڀل هڪ پار کان ٻئي پار تائين گونجندا هجن، پر اُهي صدائون ۽ التجائون ڪنهن ڪونج ڪُٺل جي ڪُرلائڻ کان به مٿانهيون آهن، جن جو احساس واپاري ۽ ٺيڪيدار ماڻهو ڄاڻي نه سگهندا.

    بظاهر ٿر جو ٺاهه ٺوهه جيڪو هڪ ئي پل ۾ هر ماڻهوءَ کي موهي رکي ٿو، اُن موهه پويان جيڪو ڊوهه جيڪو درد آهي، سو هن ڌرتيءَ کان به ڳرو ۽ وڏو آهي.

    ٿر جيڪو منهنجي روح ۾ رَتل آهي، جيڪو منهنجي (urge) طلب ۽ تانگهه جو حصو آهي، تنهن کي توڏي جيان رُلي تنواريو اٿم، لاڙ جي رولاڪين ۽ ٿر جي تانگهه/ طلب جيڪي مون ۾ رنگ ڀريا آهن، سي جملن جي جوڙ سان مون ۾ جيئندا ۽ جاڳندا اچن.

    چيلهار جي منگهارام اوجها ۽ رائيچند هريجن پنهنجي محنت ۽ ڏوجهڙن سان جيڪي ڪتاب ’پراڻو پارڪر‘ ۽ ’تاريخ ريگستان‘ (ٻه ڀاڱا) جي نالن سان ڏنا، سي شايد اُن اٿاهه تانگهه مان اڃا هڪ سِپ به ڀري نه سگهيا آهن.

    ڪاش! ڪوئي ڌرتيءَ کي دل بڻائي سوچي!

    ڪاش! ڪوئي ٿر کي سوچ بڻائي لوچي، ته هوند اُن اُساٽ جو احساس ٿي وڃي، جيڪو شايد جهولن کي به ڇانورو ارپيندو آهي.

    مسڪين جهان خان کوسي کان ويندي فقير مقيم ڪنڀار ۽ نندلال نندن تائين ڪيترائي اهڙا ماڻهو آهن، جن وسيلن جي اڻهوند باوجود، خود ٿر جا وسيلا بڻجي ڏيکاريو، سندن سچائيءَ ۽ خدمت هر متڀيد کان مٿانهين هئي، بس اُهي ئي ماڻهو هئا جيڪي پنهنجا فُٽ پرنٽس ٿر جي واريءَ تي پِري اِسلامِڪ مندرن ۽ ڏهرن جي چٽسالين جيان هميشـ لاءِ نقش ڪري ويا جڏهن تـ بدلي ۾ ڪجهه ماڻهن نه صرف ٿر جا کِپ ئي کَپائي ڇڏيا، پر سڄڻ ۽ ساڻيهه وارا مفهوم به مِٽائي ڇڏيا.

    سالن کانپوءِ جڏهن دليپ ڪمار ڪرمچند ميگهواڙ جي پرڻي تي مِٺيءَ کان چيلهار وڃي رهيو هوس ته هلڪي ساول مائل سفيد ٿُڙن وارا ڪارا ٿي ويل ڪونڀٽ مونکي ٿر جا اُهي ماتمي دستا لڳي رهيا هئا، جن جي سونهن ۽ جواني ٿر جيان پنهنجو جوڀن وڃائي چڪي آهي.

    ڏُک تـ ٿيئي ٿو نـ جو، سِنڱرين ۾ هاڻ نه اُهو ڪڙڪو رهيو آهي نه وري ڏيلهن ۾ اُهو رس، پيرون پروڪا ناهن رهيا، ڏُٻري گائي هاڻي لَڪُ چڙهندي سهڪِيو پوي! مِٺا کوھ هاڻي کارا ۽ کارا کوھ ڪسارا ٿي رهيا آهن، اِهو لقاءُ رڳو کُوهن جو ئي ناهي پر هُن جي سڀاءُ جيان رَويا بـ ڏاڍا ڪسارا بنجي ويا آهن.

    خوشين ۽ شادمانن ۾ به ٿر جا اُهي ٺيٺ ۽ سڀيتا ڀريا چهرا بـ ڄڻ مصنوعي مُرڪون مُرڪي رهيا آهن، بوسڪي، ململ ۽ چُنريءَ وارا اُهي پٽڪا هاڻي ڄڻ ميرا ڀاسجي رهيا آهن، جيڪي جهولن ۾ به جَرڪندا هئا، پوڙها پڪا، جوان ڳڀرُو ته پنهنجي جاءِ تي، پر پياري دوست تولارام سوٽهڙ جي گُلن جهڙن پيارن ٻارن ڪُنال ۽ مانيتا جي مُرڪُن ۾ به ڄڻ ڪا اٽڪ ڀاسجي رهي هئم. . . . ! هي هيسيل ۽ اڻڀا چهرا جيڪي وري وري اِهو احساس ڏياري رهيا هئا تـ

    ” اُها مُرڪ ڪيڏانهن وڃائجي وئي جيڪا ٿر جي سُڃاڻپ، ٿر جو وڙُ هئي؟!! هي ڪهڙو واءُ . . . هي ڪهڙو جهولو لڳو آهي، جنهن ٿر کي جهوري رکيو آهي؟؟

    سوچيان ٿو ڪيڏانهن ويا اُهي رولاڪ ساٿي، جيڪي ٿر جون وڏيون درد ڪٿائون ٻُڌائيندا هئا، ٿر جيڪو ڪڏهن به بر ٿي نٿو سگهي (اِهو مون اڳ ۾ واضح ڪيو آهي ڪٿي) سو ته وڙ ئي وڙ آهي، هاڻي اُهو وڙ ڪيئن ۽ ڪٿي ڳولهجي؟؟

    ڇا سماج ۽ سماجي ڊرامي جي ڪهاڻي هر جاءِ هر هنڌ ساڳي آهي؟؟

    جهر جهنگ رُلندڙ کامندڙ ڪَن ڪٽ، ڪاپٽ، ڪاپڙي، ڪنوٽيا، ڪن چير هِڪڙا هوندا آهن، ته جوڳي لڪير جا فقير ٻيا هوندا آهن، جيڪي رڳو مُرليون وڄائي تماشو ڏيکاري پيا گودِڙيون ڀريندا آهن؟!

    ها شايد!! اُهي سمورا رولاڪ ۽ آدرشي دوست جيڪي يونيورسٽيءَ جي ايوانن کان وٺي ٿر جي رولاڪين ۾ گڏ گڏ لُڙڪَ لُڙڪَ روئيندا رهيا، تن جا ڳوڙها ۽ احساس ڪيڏانهن گم ٿي ويا، هُنن سڄڻ ۽ ساڻيهه کي ڪيئن (disown) ڪري وساري ڇڏيو. اِها ڳالھه اڄ بـ سمجھه کان گهڻي آهي. جي ائين ناهي ته پوءِ ڪيئن ڀلا اُهي سڀ اڄ آسمان تي آهن، هوائن ۾ آهن ۽ ٿر اُهو ئي ساڳيو واريءَ ۾ وريو پيو آهي، جنهن کي اڄ به بُکن جا اُهي جهولا جهوري رهيا آهن، جن کي مِٽائڻ جا هُنن وڏا وچن اقرار ڪيا هئا.

    اڄ بـ ٿر جي جنهن چوواٽي ۽ چؤراهي تان گذران ٿو ته منهنجن ڪنن ۾ ’کڙي نيم ڪي نيچي، هون تو هيڪلي . . . ‘ جو آواز ٻُري رهيو آهي، پر هاءِ ڪٿي به ته ڪا نِم نظر ڪو نه ٿي اچي، جنهن سان ڀاڪُر پائي اکين ۾ آيل نَمي سُڪائي سگھان. هاءِ اُهي چند پِپرَ هيڪل وياڪل بڙَ، پارينگر ۽ سڏونت سارنگا جي قصن ۾ ئي شايد دفن ٿي ويا!؟ ٿر جي وڻڻ جيان ٿر جي ڇانوَ به ته سُڪي وئي!!

    صبح جي پهر ۾ هلڪي ميٽوڻي سائي رنگ واري ڪيريءَ ۾ جڏهن چيلهار کان واپس مِٺي ايندي وفا قمبراڻي، غلام رسول مڱريي، شهباز منصور، اسد رضا ۽ دليپ ڪمار جي ڀاءُ شهديو سان ڪچهري ڪندي ٻاهر نِهاري رهيو هوس تـ اڌ سُڪل ڄاريون مٿي تي پيل ڪنهن وِگ جيان لڳي رهيون هيون جن جا سوڪهڙي تي لڙيل ڪجھه ٽڪرا سُڪل ڪمانين جيان نظر ٿي آيا، جيئن ڪا سانولي سلوني ماڊِل وارن ۾ بليچ ڪري برائون رنگ جي چَڳ ڪڍندي آهي.

    پوءِ الائي ڪيئن منهنجو ۽ شهدِيوَ جو لهجو مڌ ماٽو ٿي ويو، دليپ جي ڪاڄ وارين خوشين ۾ هلڪو درد چُغليون کائڻ لڳو، من کي مونجھه ٿين لڳي ۽ اکيون ڀرجيو ڀرجيو ٿي آيون، مون محسوس ڪيو تـ منهنجي اندر توڙي ٻاهر جي موسم اُساٽجي وئي هئي، مٺيءَ کان چيلهار تائين اٺاويهن ڪلوميٽرن ۾ اُڀرندي کان اولهاون لَڪَن (ڀِٽن) جي چيلهن تي بيٺل ڪارن پنن ۽ مٿن وارا ڪونڀٽ ڄڻ تـ ڪارا ڪُڙتا پهريل ٿي لڳا ۽ ايئن محسوس ٿي ٿيو ڄڻ اُهي ڪونڀٽ ماتم ڪري رهيا آهن جِن سان گڏ ڪو بـ ٿر جو نوحو پڙهڻ وارو ڪونهي، بس اڪيلا گونگا ڪونڀٽ ئي ٿر جا ماتمي دستا بڻيل آهن جيڪي پنهنجو احتجاج نوٽ ڪرائي رهيا آهن.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو