ضراب حيدر
سينيئر رڪن
روزگار گُھرجي، روز گار نه !....
ضراب حيدر
ماڻهو اُهي شيشا ته روزانو صاف ڪندا آهن جيڪي مصنوعي هوندا آهن. پر انهن شيشن کي صاف ڪرڻ جي ڪوشش ڪڏهن به نه ڪندا آهن جيڪي حقيقتي هوندا آهن.ڪارا شيشا، آئينه رڳو عمارتن، گاڏين يا ماڻهن جي چشمن ۾ ئي نه هوندا آهن پر اُهي ماڻهن جي اندر ۾ به موجود هوندا آهن جن جي آروپار رڳو تاريڪي نظر ايندي آهي. اُن تاريڪي جو دائرو ماڻهوءَ جي پنهنجي ذات جي اِردگرد ناهي هوندو پر اُهو هڪڙي وڏي اجتماع يا حلقي کي پنهنجي گهيري ۾ آڻي ڇڏيندو آهي. ڪنهن زماني ۾ مرحوم منصور ملڪ، سارنگ سهتي کي هڪڙو طويل خط لکيو هو، منصور ملڪ جيڪو منصوري نعري جو ڪوڀٽڪيل آواز لڳندوهو ۽ پيو پنهنجي انداز سان هُلندو ۽ رُلندو وتندو هو، سو جڏهن لکندو يا ڳالهائيندو هو ته ان ۾ ڪا نه ڪا اهڙي رمز ضرور هوندي هئي، جيڪا آئينن ۽ آئيندجي ڳالھمحسوس ٿيندي هئي.
انهيءَ طويل خط ۾ جيتوڻيڪ ڪيترا رنگ ۽ رمزون سمايل هيون پر هڪ ڳالهه جيڪا مونکي ياد آهي سا اُن وقت شايد آئون سمجهي سهي ڪري ڪونه سگهيو هوس، سا هئي شين جو پنهنجي جاءِ تي نه هُجڻ بابت ، مونکي اُن وقت منصور ملڪ واري اُها ڳالهه اِن ڪري به عجيب ضرور لڳي هئي جو شايد اُن زماني ۾ منهنجي ايتري ايپروچ نه هئي يا وري ايئن چئجي ته مون دنيا جهان جا اڃا ڌِڪا ٿاٻا ڪونه کاڌا هئا. زندگيءَ جي ذلتِن ۽ زلالتن مان ڪونه گُذريو هوس. تنهن وقت من موجي پنهنجي موج مستيءَ ۾ رهندو هو، يا کڻي ايئن چوان ته من وارو آئينو ڪارو نه سهي ڌنڌلايل ضرور هوندوهو، جنهن جي آروپار ڪجھ بـ ڏسي سمجھي نه سگھندو هوس.منصور ملڪ خط ۾ سارنگ سهتي کي لکيو هو ته: ”جيڪو ڪجهه دل ۾ هُجڻ گهرجي سو وري پيٽ ۾ آهي ۽ جيڪو پيٽ ۾ هُجڻ گُهرجي سو وري دل ۾ آهي، جيڪا شيءَ اکين ۾ هجڻ گهرجي اها کِيسن ۾ آهي ۽ جيڪي ڪجهه کِيسن ۾ هجڻ گهرجي اهو سڀڪجهه اکين ۾ آهي.“
ٿوري ڀُل چُڪ سان بهرحال سندس لکيل سٽون ايئن ئي هيون. ڪافي زماني کانپوءِ الائي ڇو مون کي به ماڻهن جي اندر جا آئينا ڪارا ۽ اکيون کِيسا محسوس ٿيڻ لڳيون آهن. مون بارهاپنهنجي اِن خيال ۽ سوچ تي ويچاريو آهي ۽ اهڙي سوچ ۽ خيال کي نِندڻ جي ڪوشش به ڪئي اٿم، پر الاهي ڇو مونکي، ماڻهن جون اکيون کيسا محسوس ٿين ٿيون، جن ۾ نه ڪو احساس رهيو آهي نه ڪو آڌرڀاءُ رهيو آهي نه ڪو رک رکاءُ يا نياءُ بچيو آهي، بس ايئن ٻيو لڳي ڄڻ اُهي اکيون نه پر طمع جا ڀنڊار بڻيل آهن جن ۾ رڳو کِيسن واريون خاصيتون ۽ گُڻ پيا ٿاتارا ڦوٽارين....!!
مون ڪافي پنهنجون پاڻ کي سمجهايو آهي ته ائين ڪونهي، هر ماڻهوءَ جي اندر جا آئينا وقتي ڌنڌلايل به ٿي سگهن ٿا، اکين جا آثار ڀُلنامو به بڻجي سگهن ٿا....
پر الائي ڇو مونکي هاڻي ماڻهن جون اکيون، ”رب رکيون“ نٿيون لڳن.
اکيون جيڪي ماڻهوءَ جو آئينو درپن هونديون آهن، سي پڪ سان نه انڌيون ٿيون آهن نه وري ڌنڌلايون آهن، اُهي بوکلائجي ويون آهن. طمع جي واپار ۽ بازار ۾، تنهنڪري سي اکيون بجاءِ ويساهَه يا نياءُ جي کِيسا بڻجي پيون آهن. کِيسا جيڪي جيتوڻيڪ دل جي مٿان ضرور ٺهيل ۽ رکيل هوندا آهن پر ڪڏهن به دل جهڙا وسيح ۽ سخي بڻجي نه سگهندا آهن، کِيسا ڀلي دل مٿان هجن، پاسن يا ڪُکن ۾ هجن، پيٽ يا لنگوٽيءَ ۾ هُجن سرکنڊَ ناهن لِڪائيندا يا وِرهائيندا، کِيسا تهصرف ميڙيندا آهن، طمع جي واپار ۽ بازار مان پنهنجي پرائي مال کي. اکيون کِيسن ۾ وجهجن يا اکيون کِيسا بڻائي ڇڏجن، ڳالهه ساڳئي آهي، شناس کان وانجهجي وينديون آهن.
آئون اڄڪلهه ٻن چئن جن دوستن جي حلقي ۾ رهندو آهيان، اُهي سڀ مون جيان زندگيءَ جي ريل گاڏي ۾ پوئين بوگيءَ ۾ ويٺل آهن يا وري جيون جي هلندڙ بس ۾ پوئين سيٽ تي سٿيل آهن. اسين روز جي معمول ۾ ملندڙ دوست ماضي جيانهن درويشن دوستن کي به ياد ڪندا آهيون جن مان ڪي زندگي جو سفر اڌورو ڇڏي ويا،ڪي پنهنجي رمز ۾ لهي هليا ويا ۽ گُمنام ٿي ويا، ڪي اڃا سوڌو وڙهندا رڙهندا مرندا جيئندا اچن، ڪي وري لطيف سرڪارچواڻي ”مِرون سندي ماس تي ماڻڪئي مٽائي ويا.“
ماضي کان هيل تائين درويش دروهي ۽ دولابي دوستن واري سموري سار ۾ هڪ درد جي ڌار ئي آهي، جيڪا وجود کي ڪپي وڍي زخمي ڪري رهي آهي. بس چند ئي اهڙا ماڻهو هاڻي انهن دوستن ۾ بچيا آهن، جيڪي آدرشن جون هڙون (گودڙيون) اڪيلي سِر کڻي هن ڏڪاريل ڏيهه ۾ هلندا وتن، ڏڪاريل ڏيهه منهنجي خيال ۾اهو ئي ٿي سگهي ٿو جتي قحط الرجال (ماڻهن جو ڏڪار) هُجي،جتي شيون پنهنجي ڏيک ۾ ته موجود هجن پر خاصيتن ۽ گڻن ۾ گُم مِلن.
يونيورسٽي واري زماني ۾ هڪڙي ڇوڪري ڏٺي هئم، سندس اکيون بيحد خوبصورت هُيون، هونئن به دِلين کي ڇڏي ڪري ڇوڪرين جون اکيون ڏاڍيون سُهڻيون هونديون آهن، شايد اِن ڪري به جو انهن ۾ تمام گهڻا سپنا سجايلهوندا آهن، جيڪي روزبروز بدلجندا رهندا آهن، اهوئي ڪارڻ آهي جو اُنهي بدلاءُ واري ڪشمڪش ۾ اڪثر ڇوڪرين جون اکيون کيسا بڻجي وينديون آهن يا شايد دانشته اهڙين اکين کي لِڪائڻ لاءِ اڪثر ڇوڪريون قِسمين قِسمين جا چِشما پائي ڇڏينديون آهن، جن جي آروپار رکيل اکيون وساميل يا اُجهائيل هونديون آهن. هوءَ به شايد اکين ۾ تمام گهڻا سپنا سَجائيندي اکين جي آرن سان وڏا انياءُ ڪندي هئي، زماني کانپوءِ جڏهن هوءَ مونکي راھ ويندي ڪٿي ملي وئيته کيس ڏسي ڏاڍي حيرت ٿي هئم، هوءَ اُن وقت خوبصورت ڇوڪري نه پر ڌنوس عورت بڻجي چڪي هئي. اُن وقت مون ڪافي اُن ڇوڪري کي سندس اکين ۽ ادائن ۾ ڳولهڻ چاهيو هو، جيڪا يونيورسٽي ۾ وڃائجي وئي. پر افسوس جو سندس نظر واري چشمي پويان سندس اکين ۾ مونکي طمع جا قِصا۽ مصنوعيادائن ۾ ڊرامن جا سِين(scene) ۽ پردا نظر آيا هئا. سندس ڳالهين ۾ جيتوڻيڪ اڪيلائي ۽ اداسيءَ جو هڪ طويل ناول پڙهي ورتو هئم، پر پوءِ هڪ لمحي لاءِ منهنجي پنهنجي ئي دل چيو هو ته: ”ڇا ٿو ڪري سگهجي؟! هوءِ اکين ۾ طمع بدران پيار ۽ سڀاءُ سجائي ها ته جيڪر اڄ ايئن اڪيلي نه هجي ها!؟“
مونکي ڏاڍو افسوس به ٿيو، ڇو ته اهي سُهڻيون اکيون جيڪي رب رکي رکي ٺاهيون هيون، جن کي ڏسي سندس امڙ توڙي ٻيا اِهوئي چوندا هئا ته ”اکيون ته رب رکيون“ اٿس،
ڪاش!اُهي اکيون ڪوڙن سپنن ۽ طمع جي ڊوڙ ۾ ايئن ڪسِيون نه ٿين ها!!
منهنجي ڪهاڻين جي ٻئي مجموعي ”سرحدن کان اڳتي“ ۾ هڪڙي ڪهاڻي شامل هئي ”خدا تنهنجا سڀ آسمان مون وٽ گروي آهن“ جنهن ۾ هڪ نوجوان باغي ڪردار جي ٽيچر جيڪا ننڍپڻ کان سندس آئيڊل هئي سا پڻ اکين کي کيسا بڻائي هڪ وڏي مقام تي پهچي منسٽر بڻجي وئي، سندس اکين ۾ پنهنجو پاڻ وڃائيندڙ شاگرد زندگي جي ڪنهن موڙ تي وٽس وڃي پُهچي ٿو ۽ پنهنجي قابليتِن ۽ ڊگرين عيوض نوڪريءَ جي درخواست ڪري ٿو پر موٽ ۾ مِهڻو ڏيندي اُها شيشن ۾ بند ٿيل عورت کيس چوي ٿي ته
”ايڏو هوشيار آهين ته سي.ايس.ايس ڪري ڪو ڊي سي يا بيوروڪريٽ ڇو نٿو بڻجين“
جنهن تي اُن نوجوان باغي ڪردار کيس ورندي ڏيندي چيو ته
” محترمـ مونکي روزگار ٿو گُھرجي روز_گار نه “
حقيقت ۾ اُن ڪردار جو مقصد اهو ئي هو ته روزگار نوڪري اهڙي هُجڻ گھرجي جنهن ۾ پنهنجي ڀلي هجڻ سان گڏوگڏ ڪنهن ٻئي جو بـ ڀلو ڪري سگھجي ڪنهن جي ڪم اچي سگھجي، نوڪري اهڙي نه هجي جو رُڳو پيو پاڻ لاءِ جيئجي رڳو پيون دل آزاريون ڪجن.
پر افسوس جو جڏهن کان ماڻهن دل جا آئينا صاف ڪرڻ ڇڏي ڏنا آهن جڏهن کان ماڻهن جون اکيون کِيسا ٿي پيون آهن تڏهن کان زندگي جا سمورا نظريا ڪوڙا ۽ خواب اڌورا ٿا لڳن.
سو اسين دوست بـ روزانو ويهي وڏيون پچارون ڪندا آهيون ماضيءَ جي اُنهن آدرشن ۽ ڪردارن متعلق بـ ويچار ونڊيندا آهيون جيڪي تبديلي جا وڏا نعرا هڻندا وتندا هئا، سماجي انقلاب جون وڏيون لٻاڙون هڻندا هئا، هاڻ ڏسون ٿا ته واقعي بـ اُنهن تبديل ڪيو آهي ته پنهنجو پاڻ کي ڪيو آهي،
واھ واھ .... واھ جي روزگار سان لڳي ويا آهن!؟
اسان اڄ بـ غالب جي هِن سِٽ جي تصوير بڻيل آهيون ته،
” چِپڪ رها هي بدن پي لهُو سي پيراهن،
هماري جيب ڪو حاجتِ رفو ڪيا هي!؟
جلا هي جسم جهان دل ڀي جل گيا هوگا،
ڪُريدتي هو جو اب خاک جُستجو ڪيا هي!؟“
سو اسان اڃا سوڌو آدرشن ۽ انعامن جون گوڌڙيون کڻي جمهوريت جي جِمنازيم ۾ڪميونزم جي قلابازن، بيوروڪريسي جي ڀلي بازن (batsman) جي اِننگ ڏسي رهيا آهيون جنهن ۾ هميشه جيان هيل بـ بولڊ اسان ئي ٿينداسين.