• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

زندگي، ڪهڙي منجهه حساب...!!

ضراب حيدر

سينيئر رڪن
زندگي، ڪهڙي منجهه حساب...!!

ضراب حيدر




ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته زندگي لاءِ لکان!

۽ پوءِ ٻئي لمحي آئون خيالن جي اهڙي دنيا ۾ کونجي ويندو آهيان، جنهن جو ڪوبه انت يا سرو نه هوندو آهي،

ڪالهه ٽيون ڏينهن ڪنهن مونکي مسيج ڪيو هو ته ”زندگي ڇا آهي؟ صرف هڪڙي جملي ۾ ٻڌايو“

مطلب نقطو ئي موڪلي ڇڏيان، هڪ لمحي لاءِ خيال آيو هئم ته جواب ۾ صرف هڪ نقطو لکي ڇڏيان، لڳائي ڇڏيان ائين ئي جئين الف کي ڪوبه نقطو ناهي. مون ان الف کي نقطو نه هجڻ جون معنائون ڪڏهن به ڪونه ڳولهيون آهن، ڪنهن شيءِ کي نقطو نه هجڻ، ان ڳالهه جي دليل آهي ته بنا نقطي يا ٽٻڪي واري شيون ڪنهن به تشريح هيٺ اچي نه سگهنديون آهن. مطلب ته اهي تشريح کان بنهه مٿانهيون هونديون آهن. سو هڪ طرح سان زندگي به ڪنهن تشريح هيٺ نٿي اچي. زندگي جيڪا هر شيءِ هر ڳالهه کي تشريح ۽ سمجهاڻي ڏي ٿي، ان جي ارتقا (ابتدا) توڙي انتها (انت) نقطي کان نقظي تي انت ڪري ٿي.

مون 1997ع ۾ هڪي ناوليت ڪهاڻي ” الف کي ڪوبه نقطو ناهي“ لکي هئي، جيڪا منهنجي ٻئي ڪهاڻي ڪتاب ”سرحدن کان اڳتي“ ۾ شامل آهي،

مون الف کان ڪوبه نقطو نه هجڻ جا کوڙ سارا ڪارڻ ڳولهڻ چاهيا آهن ۽ اهي ڪارڻ به ايئن ئي بي معنيٰ ۽ اجايا لڳندا آهن، يا وري اڻ لڀ لڳندا آهن، جي نقطن پٺيان تشريحون ۽ سمجهاڻيون.

نقطو جيڪو فل اسٽاپ بڻجي هڪ حد ۽ سرحد کي ختم ڪري ڇڏي، اهو منهنجو خيال آهي، ڇو ته اصولن نقطي/فل اسٽاپ کانپوءِ ڳالهه ختم، جملو ختم، مقصد ختم، مطلب ختم وغيره، وغيره، سمجهيو ۽ ليکيو ويندو آهي، پر ايئن بنهه ڪونهي، ڳالهه ته شروع ئي نقطي کان ٿيندي آهي،

سوچيان ٿو اڄ ڀلا آئون به ڳالهه شروع ڪري ڏسان، جيڪا نقطي کان شروع ٿئي ٿي، پر ان کان اڳ ۾ اهو ٻڌائيندو هلان ته جيڪو مونکي موبائيل فون تي مسيج آيو هو، ان جي جواب ۾ مسيج موڪليندڙ جي خواهش موجب هڪ جملي ۾ زندگي ڇا آهي؟ لاءِ لکيو هئم ته

”ڪهڙي منجهه حساب هئڻ منهنجو هوت ريءَ“

بظاهر ته سُر سهڻي جي هيءَ هڪڙي سٽ عام فهم ۾ ڪيڏانهن به کڻي وڃجي ته سگهجي ٿي، پر مونکي ائين لڳندو آهي ته هيءَ سٽ ان لاکيڻي لطيف سرڪار جي سموري زندگيءَ جي ترجماني ڪري ٿي، جيڪو هن سنسار ۾ ڪنهن به تعريف جو محتاج ڪونهي.

ان ۾ ڪوبه وڌاءُ، ڪوبه مبالغو ڪونهي ته آئون جڏهن به مرشد لطيف سائين جي چوکٽ تي مٿو ٽيڪيندو آهيان ته مونکي اندر جي ايوان مان اُنهي سٽ جا پڙاڏا محسوس ٿيندا آهن ۽ آئون سمورو ڪنڀي ويندو آهيان، منهنجو سمورو وجود منهنجي سموري هستي لڙڪن ۾ ٻڏي ويندي آهي.

هتي هڪڙي ٻي ڳالهه جي به وضاحت ڪندو هلان ته منهنجون ڪالم ڪهاڻيون پڙهڻ کانپوءِ اڪثر ماڻهو ۽ پڙهندڙ مونکان منهنجي ڪردارن متعلق پڇندا آهن ۽ چوندا آهن ته ڪٿي تنهنجا اُهي ڪردار خيالي ته ڪونهن، مطلب اهو سندن گُمان هوندو آهي ته منهنجا ڪردار خيالي ۽ تصوراتي آهن، ايئن بنهه ڪونهي، منهنجي زندگي گردانيءَ جهڙي آهي، جنهن ۾ ڪٿي به ڪا ملاوٽ يا مصنوعيت ڪونهي.

ننڍپڻ جي لڪ لڪوٽي راند کان وٺي هاڻوڪي زندگي جي کيل ۾ اکيون پوريل هجڻ باوجود، منهنجي زندگيءَ جا سمورا ڪردار سچا آهن. ننڍپڻ ۾اکيون ٻڌي آگون ڏيندو هوس ۽ هاڻي اکيون پوري روزگار جي گهاڻي ۾ پيو ڦران، فرق صرف ايترو آهي ته ننڍپڻ ۾ پتڪڙي سوچ ۽ سمجهه باوجود آئون سمورا ڪردار ڳولهي وٺندو هوس ۽ هاڻوڪي نفسا نفسيءَ واري دور ۾ سڀ ڪردار منهنجي ڳولها/لڀجڻ کان زور آهن.

اها ڳالهه به مڃان ٿو ته فني يا محاورتي ٻوليءَ ۾ محبتون ۽ چاهتون ڪاروبار بڻجي ويون آهن. جن جو سودو مونکان بنهه زور آهي، مون ته اهڙو وکر وهايو آهي، جيڪو ڪڏهن به پئي پراڻو نه ٿيو آهي، ان ڪري ئي منهنجي ڪنهن يادگيريءَ تي دز ناهي چڙهي، مون لاءِ هر ڪردار ماضي هوندي به حال آهي، مستقبل آهي، جنهن کي وقت ۽ حالت جا وهڪرا نه لوڙهي سگهيا آهن نه ئي ميساري سگهيا آهن.

ائين ئي جيئن مُرشد لطيف جا ڪردار سدا جوان ۽ تاحيات آهن ۽ ڪٿي به اُنهن ڪردارن کي ڪو فل اسٽاپ نٿو اچي.

مون زندگيءَ ۾ ڪجهه به ناهي وڃايو، سواءِ پنهنجو پاڻ جي باوجود اُن جي منهنجون سموريون يادگيريون، منهنجا سُٻنڌ، منهنجا ڪردار ۽ ڪهاڻيون ذهن جي تاندورن ۾ ٽاڪيل ۽ دل جي دٻليءَ ۾ سنڀاليل آهن، مون جڏهن به پنهنجي ماضيءَ جون شيلفون ۽ الماريون کوليون آهن ته منهنجا سمورا ساٿي ۽ ڪردار ائين نڪري ايندا آهن، جيئن ڪنهن ٻار جي خيال ۽ تصورن ۾ رنگ برنگي رانديڪا هوندا آهن.

ڪڏهن ڪڏهن زندگي بنهه سمجهه کان ٻاهر محسوس ٿيندي ۽ ڪڏهن وري زندگي سميٽجي ايئن دامن ۾ اچي ويندي آهي، جيئن ڪو ٻار اوڙي پاڙي جي ٻارن سان وڙهي، راند روند ڪري ٿڪجي، ماءُ جي جهوليءَ ۾ اچي ٿانيڪو ٿيندو آهي، آٿت وٺندو آهي. زندگي جنهن جي احساس ۽ ڇهاءُ لاءِ اسين سڪندا آهيون ۽ ڪڏهن اهائي زندگي اسانجي احساس ۽ جهاءُ لاءِ سڪندي آهي، آئون پنهنجي ۽ زندگيءَ جي وچ ۾ اهو ڇانوري وارو تصور سمجهي نه سگهيو آهيان، ٻرندڙ چراغ جهڙي زندگي، وسامندڙ شام جهڙي هيءَ حياتي، ڪيئن مٽيءَ جي پتلي ۾ احساس ڇهاءُ، ڇانورو ۽ آٿت ڳوليند ي آهي.

سو نه ڪهم شيءَ ۾، جيڪي منجهه تراب ”شاهه“

مون اڳ ۾ به چيو آهي ته لطف سائين جون شرعون ۽ معنائون تمام گهريون ۽ اونيون آهن، مون پنهنجي وس ۽ وت آهر ۽ پنهنجي آرٽسٽڪ ايپروچ سان انهن کي بنهه ٻئي ۽ منفرد رخ ۾ پروڙيو آهي، مون وٽ ڪنهن به دعويٰ کانسواءِ صرف عاجزي ۽ انڪساري آهي، آئون بنهه ننڍڙو ۽ ناچيز ماڻهو آهيان، آئون ڪابه سنڌي محاوري واري رپ ناهيان، پر ها ايترو ضرور آهيان ته منهنجو اندر ”ڏک پريان جو ڏيل ۾ واڄٽ جيان وڄاءِ “ وانگي سُر رپ بڻيل هوندو آهي.

آئون سائين جي هن هيڏي ساري ڪائنات ۾ صرف ۽ صرف پرين ڳولهيندو آهيان، پيار ۽ امن جانچيندو آهيان، جيڪو منافقيءَ ۽ ٻهروپيءَ دنيا م بنهه محال ٿي ويو آهي.

مُرشد جو رسالو جيڪو مونکي زندگي ۽ جيون جو آئين لڳندو آهي، ان مان اُهي موتي ۽ نقطا کڻندو آهيان، جيڪي سدائين ان جي سٽ جي پيروي ۽ پاسداري ڪندي نظر ايندا آهن.

پرين کان ٻاهر ته ڪائنات جو ئي منشور ڪونهي ته پوءِ لطيف سرڪار يا مون جهڙن فقيرن جي ڪهڙي جرت آهي، جو ان سٽ ان ورڍ کان ٻاهر وڃن.

”ڪهڙي منجهه حساب، هئڻ منهنجو هوت ريءَ“

مون ڳالهه انهي سٽ جي پئي ڪئي، جيڪا سدائين منهنجي اندر جي ايوان ۾ پڙاڏو بڻجي گونجندي آهي، اهائي سٽ مون پنهنجي مُڪمل ذميواري سان مُرشد لطيف جي سموري زندگيءَ جي ترجماني ڪندڙ سٽ ڪوٺي، اُن ڳالهه کي تڏهن ئي سمجهي ۽ سهي ڪري سگهجي ٿو، جيئن يا جڏهن مجاز جي سيڙهيءَ کان حقيقت جي منزل کي سمجهي سگهجي، مجاز ۽ حقيقت جي درميان خط/يا ليڪ ڪڍڻ ۽ ڇڪڻ يا اُن نقطي کي سمجهڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ڪونهي، گڏوگڏ ايترو به ٻڌائيندو هلان ته جاميٽريءَ جي ٻوليءَ يا تشريح ۾ ليڪ يا لڪير به هڪڙو نقطو ئي آهي.

لطيف سائين هوت کانسواءِ/محبوب کانسواءِ زندگيءَ کي بي معنيٰ چيو آهي ۽ ان بي معنويت کي ڪا معنيٰ ڏيڻ لاءِ پُڄاڻي پاڻ لهي واري ڳالهه ڪئي آهي، سا به پنهنجو ”اڪ نقطي دي وچ گل مُڪدي هي“ تي ڇيهه ڪري ٿي، مطلب ته ”عدد ناهه عشق پُڄاڻي پاڻ لهي“ واري خيال کي جڏهن وضاحت هيٺ آڻبو ته جنهن شيءِ جي ڪابه پُڄاڻي نه هُجي، ڪابه سرحد، ڪوبه انت ڇيهه نه هجي، ته پوءِ اهڙي شيءِ کي ڪنهن به شڪل ۾ واضح ڪري نٿو سگهجي. مونکي ته بس ايتري خبر آهي ته شڪلون ۽ صورتون محدود شين جون هونديون آهن، جيئن الف جي ڪا شڪل ڪونهي، تيئن عشق جي ڪابه تصوير ناهي، نه روح جو ڪو خاڪو آهي ته ور ي الله جو ڪو مثل آهي.

سو عشق يا مجاز جيڪو ڪنهن مغل زاديءَ جي ڪارائي ڏسي، مُرشد لطيف جي وجود کي پڄاڻي پاڻ لهڻ واري سفر ڏانهن روانو ڪريو ڇڏي ۽ مُرشد پنهنجي رولاڪي، مُشاهدي، پروڙ ۽ تصور ۾ انهي رنگ کي رسي ٿو، جتي سندن ڪردار ۽ ڪهاڻيون ته سچيون ٿيو پون ئي ٿيون، پر کيس پنهنجي اندر ۾ اهوئي پڙاڏو گونجندي محسوس ٿيئي ٿو ته

ديرو وڃاءِ مَ دوست جو، هلي منجهه حجاب

هئڻ منهنجو هوت ريءَ

ڪهڙي منجهه حساب؟ هئڻ منهنجو هوت ريءَ ”شاهه“

سو مون به زندگيءَ جي هڪ جملي ۾ سمجهاڻيءَ جو جواب مسيج ۾ اها سٽ ڏني هئي، جڏهن ته منهنجي دل ڏاڍو چاهيو هو ته صرف هڪ نقطو ٽٻڪو موڪلي ڇڏيان ها.. پر اُهو سمجهي ڪير ها!؟
 
Back
Top