جهنمي ماڻهون

'مختلف موضوع' فورم ۾ ابو زين طرفان آندل موضوعَ ‏26 جون 2010۔

  1. ابو زين

    ابو زين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,364
    ورتل پسنديدگيون:
    264
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پليڪيشن
    ماڳ:
    سنڌ

    صحيح بخاري ۾ پاڻ سڳورن صلي الله عليہ وسلم جو فرمان مبارڪ آهي: ”جيڪو ماڻهون مون ڏانهن ڄاڻي ٻجهي ڪوڙي ڳالهه منسوب ڪري، انهيءَ کي گهرجي ته پنهنجو ٺڪاڻو جهنم ۾ ڳولهي.“

    ۽ مسلم شريف ۾ آهي رسول الله صلي الله عليہ وسلم جن جو فرمان مبارڪ آهي: ”انسان جي ڪوڙو هجڻ لاءِ اهوئي ڪافي آهي ته هو جنهن ڳالهه کي ٻڌي (تحقيق ڪرڻ کان سواءِ) انهيءَ کي ٻين تائين پهچائي.“

    پهرين حديث ۾ پاڻ سڳورن (صلي الله عليہ وسلم) ڏانهن ڪوڙي ڳالهه منسوب ڪرڻ واري تي سخت تنقيد ڪئي ويئي آهي. يعني جيڪو شخص نبي پاڪ ڏانهن ڪنهن غلط ڳالهه کي منسوب ڪري ٿو ته اهو نبي پاڪ (صلي الله عليہ وسلم) تي ڪوڙو بهتان لڳائي ٿو. انهيءَ کي گهرجي ته جهنم جي باهه ۾ سڙڻ لاءِ تيار ٿي وڃي.
    انهيءَ باري ۾ عالم سڳورن جو اتفاق آهي ته نبي پاڪ (صلي الله عليہ وسلم) ڏانهن ڪنهن اهڙي ڳالهه يا ڪنهن اهڙي عمل جي نسبت ڪرڻ، جيڪو نبي پاڪ (صلي الله عليہ وسلم) کان ثابت نه آهي، حرام ۽ ڪبيرو گناهه آهي. اهو ڪوڙو ماڻهو الله جي سخت عذاب ۾ مبتلا ٿيندو. بلڪه ڪي عالم ته انهيءَ جرم کي ايترو ته سخت قرار ڏين ٿا، جو انهيءَ تي ڪفر جو حڪم صادر ڪن ٿا.

    ٻين حديث انهيءَ شخص لاءِ عتاب بيان ڪيو ويو آهي، جيڪو پاڻ سڳورن (صلي الله عليہ وسلم) ڏانهن ڪا ڪوڙي ڳالهه ته منسوب نٿو ڪري، پر جيڪا ڳالهه به ٻڌي ٿو، تحقيق ڪرڻ کان سواءِ ئي انهيءَ کي ٻين تائين پهچائي ٿو، ته انهيءَ جي ڪوڙو هجڻ لاءِ اهوئي ڪافي آهي. ڇاڪاڻ ته ٻڌل ڳالهه ٻين تائين بغير تحقيق جي پهچائڻ ڪوڙ جو پهريون ڏاڪو آهي. جيڪو ماڻهو انهيءَ عادت ۾ مبتلا هوندو، اهو يقينا ڪوڙ جي لعنت ۾ به مبتلا هوندو. مطلب ته جنهن ڳالهه جي حقيقت جي باري ۾ معلوم نه هجي ۽ انهيءَ جي صداقت جي باري ۾ ڪابه خبر نه هجي، انهيءَ جي تشهير نه ڪرڻ گهرجي.

    [​IMG]

    ڪجهه ڏينهن کان مولانا جلال الدين روميءَ جي هي تصوير ماڻهن ڏانهن اهو چئي اي ميل ۽ ٻين ذريعي موڪلي ٿي وڃي ته هي تصوير نبي پاڪ (صلي الله عليہ وسلم) جي روضه مبارڪ جي آهي. تحقيق کان پوءِ معلوم ٿيو ته هيءَ تصوير نبي پاڪ (صلي الله عليہ وسلم) جي روضه مبارڪ جي نه پر مولانا جلال الدين روميءَ جي مزار جي آهي، جيڪا ترڪيءَ جي علائقي ”قونيه“ ۾ آهي.
    انٽرنيٽ جي دنيا ۾ هر روز اسلام ۽ اسلامي عقيدن جي حوالي سان ڪونه ڪو فتنو پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ مٿين تصوير به انهيءَ سلسلي جي هڪڙي ڪڙي آهي. هن ڀيري ته دشمنن مسلمانن جي حساس مذهبي حوالي سان حملو ڪيو آهي.
    جنهن به اهو ڪم ڄاڻي ٻجهي ڪيو آهي، انهيءَ لاءِ ته پهرين حديث مطابق جهنم جي باهه آهي. پر جيڪي ماڻهو اڻ ڄاڻائيءَ ۾ انهيءَ تصوير کي صحيح سمجهي ٻين تائين پهچائين ٿا، اهي به ٻين حديث مطابق ڪوڙن ۾ شامل آهن ۽ اهڙن ماڻهن لاءِ الله تعالي قرآن پاڪ ۾ لعنت ڪري ٿو.
    اسان کي گهرجي ته عام زندگيءَ ۾ ۽ خاص طور تي انٽرنيٽ تي دين جي حوالي سان صرف ۽ صرف مستند ۽ صحيح ڳالهه کي اڳتي وڌائجي ۽ جيسيتائين ڪنهن ڳالهه جي صحت جو مڪمل يقين نه ٿي وڃي، انهيءَ کي ٻين تائين پهچائڻ کان پرهيز ڪجي.
    آئي ڊي درسگاهه تان کنيل​


    بدقسمتيءَ سان اسان جو سنڌ سلامت فورم به انهيءَ فتني جي ور چڙهي ويو آهي. پهرين ڀيري هڪڙي پوسٽ کي ختم ڪيو ويو ۽ هينئر ساڳي تصوير ٻيهر شيئر ڪئي وئي آهي ۽ مهينو ٿيڻ تي آهي، سائين نثار ابڙي جي وضاحت کان پوءِ اهو ثابت پڻ ٿي چڪو آهي ته هي نبي پاڪ (صلي الله عليہ وسلم) ڏانهن بهتان آهي، هن تحرير کي حذف ناهي ڪيو ويو. مٿان وري ”سبحان الله“، ”جزاک الله“ چئي ڪري انهيءَ ڪوڙ کي هٿي ڏني پئي وڃي ۽ تصوير کي پسند ڪيو پيو وڃي ۽ تصوير شيئر ڪرڻ واري کي دعائون ڏنيون پيون وڃن.


    اپروول جي ڪوفت کان بچڻ لاءِ هيءَ پوسٽ ”مختلف موضوع“ ۾ موڪلجي ٿي.
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: جهنمي ماڻهون

    جزاڪ الله ادا

    توهان اسان کي اهڙي معلومات ڏئي اصل قرب ڪري ڇڏيا

    الله پاڪ توهان کي ان جو اجر ڏيندو

    سدائين گڏ
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: جهنمي ماڻهون

    سائين ڪجهه دوستن غلط فهمي جي ڪري اهڙي پوسٽنگ ڪئي، انهن جي رهنمائي ڪرڻ جي مهرباني۔۔۔ مولا ڪندو ته اڳتي اهڙي ونڊ ڪرڻ ۾ هو خيال سان ڪم ڪندا۔۔۔ ڇو ته دين جي معاملي ۾ ڪا رعايت نه هوندي آهي
     
  4. بشيراحمد

    بشيراحمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 نومبر 2009
    تحريرون:
    436
    ورتل پسنديدگيون:
    379
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    جواب: جهنمي ماڻهون

    جزاڪ الله خيرا
     
  5. بشيراحمد

    بشيراحمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 نومبر 2009
    تحريرون:
    436
    ورتل پسنديدگيون:
    379
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    جواب: جهنمي ماڻهون

    ادا انهي اپروول سان اسلامي سيڪشن جي اهميت بالڪل ختم ٿي چڪي آهي بلڪه اپروو ڪندڙن کي ذاتي پيغام ڪري منٿون ۽ ميڙا ڪجن تڏهن وڃي ٿا تحرير تي رحم ڪن
     
  6. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: جهنمي ماڻهون

    سائين سچ ۽ حق کي سامهون آڻڻ لاء توهان جون مهربانيون، سائين اهيا پڻ حقيقت آهي ته اڄڪلهه انٽرنيٽ تي يا وري موبائل فون تي ڪجهه اهڙا ميسيج پڻ اچن ٿا جنهن ۾ اهيو چيو وڃي ٿو ته هن ميسيج کي هيترن ماڻهن تائين پهچايو ته توهان کي فلاڻي خوشي ملندي، يا توهان کي فلان شيء حاصل ٿيندي، وغيره وغيره ، سو ڀائرو اهڙن ٺڳن کان به پاڻ بچايو،
     
  7. نصير چنا

    نصير چنا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 جون 2010
    تحريرون:
    151
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    228
    ڌنڌو:
    رپوٽر آواز ٽي وي نيوز سيتاروڊ
    ماڳ:
    سيتاروڊ
    جواب: جهنمي ماڻهون

    ادا تمام سٺي شيئرنگ آهي۔ مهرباني
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو