• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

زندگيءَ جي ٿيم ۾ چالاڪيءَ جو ڪلائيميڪس

ضراب حيدر

سينيئر رڪن
زندگيءَ جي ٿيم ۾ چالاڪيءَ جو ڪلائيميڪس

ضراب حيدر



بدلاءُ ماڻهوءَ جي خصلت آهي فطري طور ماڻهو ارتقا کان وٺي بدلجندو آيو آهي، اٻوجهائپ مان سمجهداري، سمجهداريءَ مان هوشياري ۽ هوشياريءَ مان چالاڪي ماڻهوءَ ۾ بدلاءُ جو هڪڙو نمونو آهي.

اُها ٻي ڳالهه آهي ته ڪٿي ڪٿي چالاڪي ماڻهوءَ کي ڏکيو، پريشان ۽ پشيمان به ضرور ڪندي آهي، ڪڏهن ڪڏهن چالاڪي ماڻهوءَ کي ٻه ٽنگو به ڦاسائي رکندي آهي ۽ گڏوگڏ ايئن به آهي ته هوشياري ۽ چالاڪيءَ جتي ماڻهوءَ کي اجنبي ۽ اڪيلو ڪري ڇڏيو آهي اُتي نفسانفسي ۽ نڪتائي به سندس رويو (Attitude) بڻجي وئي آهي.

ماڻهو جڏهن اٻوجهه هو ته خوش گذاريندو هو، سندس زندگي جون راهون ۽ رستا بنهه سَڻاوا ۽ سولا هئا، بهارون سندس اردگرد، آس پاس وسنديون ۽ هلنديون هيون، وٽس سمجهداري آئي ته سندس رستا ڪجهه وسيع ۽ روشن ٿيا ۽ زندگيءَ جو سفر سڦلتا جهڙو محسوس ٿيو ۽ پوءِ جڏهن ماڻهو ڪجهه هوشيار ٿيو ته کيس انيڪ خوف ورائي ويا، روشن ۽ وسيع راهن تي هلندڙ بهارون وسائيندڙ ماڻهو پنهنجي ئي پاڇي کان ڊڄڻ لڳو ۽ پوءِ جڏهن چالاڪيءَ جو وارو آيو ته ماڻهو پنهنجي پاڇي کي چٿڻ، اورانگهڻ ۽ ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، نتيجو اهو نڪتو جو پاڇو ئي بس باقي رهجي ويو، ماڻهو پنهنجي ذات سميت گم ٿي ويو.

ماڻهو جڏهن اٻوجهه هو ته هڪ ڪهاڻي هو، اڪثر سمورا ماڻهو ڪهاڻيون هئا، جڏهن ماڻهو سمجهدار ٿيو ته هُن ڪجهه ڪهاڻيون آکاڻيون ۽ قصا ٻڌائڻ شروع ڪيا، جن ۾ سادگيءَ سان مغالبو (exaggeration) به هو.

جنهن ۾ هن شين کي ڳالهين کي وڌائي چڙهائي پيش ڪيو، پوءِ جڏهن ماڻهو هوشيار بڻيو ته هو پاڻ گهڻو وڌي ۽ چڙهي ويو ۽ ڪهاڻي، آکاڻي سندس ڳالهه، اصل ڳالهه گهڻو پوئتي رهجي وئي، پوءِ جڏهن ماڻهو هوشيار ٿيندي گهڻن خوفن گمانن ۽ وسوسن جي ور چڙهي چالاڪ بڻيو ته ڪهاڻي صفا گم ٿي وئي.

زندگيءَ جو مرڪزي خيال (Theme) وڃائجي ويو، رهڻي ڪهڻي يعني پلاٽ (pilot) بي رنگ ۽ بهارن کان وانجهيل بڻجي پيو.

ابتدا ميسارجي وئي، ارتقا مڌم ٿي وئي ۽ رڳو انتها رهجي وئي، جنهن ۾ بس ميدان ئي ميدان، جهنگ ئي جهنگ نظر آيو، وڻن جا ميوا کٽا ۽ ڇانو ڇڻي وئي.

ميدانن ۾ واري ۽ رک اُڏامڻ لڳي، هر طرف لومڙين جو راڄ نظر آيو، گهوڙا ٿورا يا ”گهوڙا ڙي گهوڙا“ ٿي ويا، شينهن ڏينهن ڏٺي اڻ لڀ بڻجي پيا.

ارتقا جو نقشو ڄڻ گم ٿي ويو، ماڻهو پنهنجو پاڻ ايڏو هراسيل ۽ خوفزده بڻجي ويو جو هُن پوءِ ماسڪ ( Mask) پائڻ شروع ڪيا۽ ٿيو ايئن جو ماڻهوءَ جي چالاڪيءَ جو روپ ماسڪ پائي ورتو، ماڻهو گم، ڪهاڻي گم، هر جاءِ هر هنڌ ماسڪ سرگرم ٿي ويا.

جيڪي گهوڙا، گهوڙا ڙي گهوڙا ٿي ويا هئا، تن به سنجن ۽ رڪابن بدران ماسڪ اوڍي ڇڏيا، ڏينهن ڏٺي گم ٿي ويل ۽ رات جي پهر ۾ نروار ٿيندڙ شينهن به ماسڪ وٺي ڇڏيا ۽ اهڙا ته فِٽ ڪري پائي ڇڏيائون جو اڄ سوڌو وري نه لاٿائون.

ڪهاڻي ۽ ماڻهپو ته نمرود ۽ فرعون کان به موڪلائي ويو هو، شداد ڪافر به ڪهاڻيءَ جو رُخ موڙي چُڪو هو، پر اڄ به سندس شِڪلون اصل حالت ۾ ڪٿي نه ڪٿي مليو وڃن، تاريخ جو ڪو ورق ڪو آثار کولبو ته ڪٿي نه ڪٿي سندس وصبون ۽ شبيهون ملي پونديون.

ماضيءَ جا ميدان گُهمبا ته ڪٿي نه ڪٿي ڪو سَلو ڪا نه ڪا پوسل نظر اچي ويندي، جهنگ رُلبا ته ڪٿي نه ڪٿي ڪا ڇانو، ڪو مِٺو ميوو، رسيل انب ڳاڙهو ڏاڙهون لڀي پوندو….

پر جڏهن کان هيءَ چالاڪي پنهنجو روپ ٻهروپ ڪري چُڪي آهي، تڏهن کان ميوا ته کٽا ٿي ويا پر ماڻهو به ڄڻ ميرا ميرا پيا لڳن… آئيني ۾ پنهنجو پاڻ کي ڏسجي ٿو ته شِڪل ته بدليل بدليل ۽ اوپري آهي پر مٿس ٿيل ميڪ اپ يا ٺاهه ٺوهه به مَڪاريءَ جو ليپ ٿو لڳي.

شڪر آهي، وري به هيڏي ساري بدلاءُ ۾ آئينا ساڳيا آهن، اُهي اُجرا جهڙا اڳ هئا تهڙا اڄ آهن اُهي رتيءَ جيترو به نه بدليا آهن، کين نه لسُ لڳو آهي نه وري ڪَٽُ لڳو آهي، اُهي کوٽا نه ٿيا آهن، اُهي اڄ به ساڳيو ڪلام ورجائن ٿا.

”پنهنجو پاڻ کي سڃاڻيو…..“

آئينا، ڪهاڻيءَ جي سِري، شروعات کي اڄ به کنيو پيا اچن، آئينا جيڪي الماڙين ۽ ديوارين کان علاوه سيني جي تاڪين پويان به لِڪل آهن، اندر منجهه اوتيل آهن، نهاريندڙ اکين جي مٿان ازل کان فريم ٿيل آهن، جن ۾ ڪپهه جهڙو اَڇو سفيد گوشت صدين جون سارون سنڀاليون اچي، اُهو سفيد گوشت کٽن ڏاڙهن جيان اڃا ڳاڙهو نه ٿيو آحي نه وري کٽو ٿي ناسور بڻيو آهي، اُهو ازل ۽ ايئن جهڙو اڇو ۽ اُجرو آهي.

پوءِ به چالاڪيءَ جي ماسڪ ماڻهپي کي ايئن ليپي ڇڏيو آهي جيئن گارو ڀت کي ليپي بس ڀت بڻائي ڇڏيندو آهي، يا وري ممين ( Mummies) وارو ليپ، ماڻهن کي ممي (مُردو) بڻائي ڇڏيندو آهي.

تاريخ ۽ زمانا گذري ويا، دور ۽ ادوار لنگهي ويا، تهذيبون ۽ شاهڪار زوال ۾ تبديل ٿي ويا، ماڻهو قابيل بڻجي ويا، هُنن هابيل وارو حساب ۽ آدم واري اٻوجهائپ ڇڏي، ابليس وارو ڏنل لباس (ماسڪ) اوڍي پنهنجو پاڻ کي لِڪائڻ جي جنون ۾ سموري ڪهاڻيءَ جو ڪلائيميڪس ئي بدلائي ڇڏيو.

بظاهر ته ڪارجهان به هلي پيو، انسان به جيتن جڻين وانگي هلي چُري پيو، پر چالاڪيءَ جي چوٻول ۾ ڪٿي به ماڻهپو نظر نه ٿو اچي.

آئينا اڪيلا ۽ اڌورا رهجي ويا آهن، ڪهاڻي جمود جو شڪار ٿي مري وئي آهي، مرڪزي خيال (Theme) روحانيت وڃائي ويٺو آهي ۽ رهڻي ڪهڻي، اُڻت (Pilot) بي ڍنگهو ٿي پنهنجي راهه وڃائي ويٺو آهي.
 
Back
Top